شرافت جي پلصراط

شرافت جي پلصراط

شرافت جي پلصراط

شرافت جي پلصراط (ڪتاب): هي ڪتاب عطيہ دائود جي عورتازاد (Feminism) بابت آزاد نظمن جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ شيخ اياز لکيو آهي، جنهن ۾ هو لکي ٿو ته، “سنڌ ۾ عورتازاد جي شاعريءَ جي بھترين مصنفه عطيہ دائود آهي. عطيہ جي شاعريءَ ۾ آرٽ کي اوليت آهي.” عطيہ دائود هن ڪتاب ۾ فيمينزم بابت مختلف چاليهن موضوعن تي آزاد نظم لکيا آهن. انهن چاليهن ئي نظمن جو اردوءَ ۾ ترجمو ‘شرافت کا پُلصراط’ جي نالي سان فھميدہ رياض ڪيو آهي.
ڊيمي سائيز ۾ 193 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سھائي بڪس، ڪراچيءَ طرفان 1997ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 120 روپيا ڄاڻايل آهي.


لفظ شرافت جي پلصراطھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو