
شرائط الجمعة
شرائط الجمعة (ڪتاب): هن ديني ڪتاب جو مصنف مخدوم فقير عبدالصمد آهي. هن ڪتاب ۾ جمعي جي ڏينهن جا فضائل، دعائون، جمعي جي نماز بابت اهم معلومات ۽ دعائن کان سواءِ اهلسنت جي فقہ مطابق فتوائون بہ شامل آهن.
ڊيمي سائيز ۾ 78 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب 20 ربيع الاول 1303ھہ ۾ ڇاپخانه صفدري، بمبئيءَ مان شايع ٿيو، جنهن جي ڪا بہ قيمت ڄاڻايل نہ آهي.