شتروگن جسواڻي

شتروگن جسواڻي

شتروگن جسواڻي

شتروگن جسواڻي: مشھور شاعر، ڊرامه نويس ۽ اِسٽيج اَداڪار شترو گن جسواڻي 22 ڊسمبر 1961ع تي ڀارتي رياست ’ڇتيس ڳڙھہ‘ جي ضلعي ’بلاس پور‘شھر ۾ جنم ورتو. هن گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي. سندس شاعريءَ جي مجموعن ۾: ’وک‘ (غزل)، ’سنڌي غزل ڪاري‘ ۽ ٻيا شامل آهن. هن ڪجهہ سنڌي اِسٽيج ڊراما پڻ لِکيا، جن ۾: ’ميريج پروپوزل‘، ’اَڌ آبادي‘، ’اَحساس‘، ’منزل‘ ۽ ٻيا شامل آهن. 1979ع کان اَداڪاريءَ جي شروعات ڪئي. هن هڪ ٽيلي فلم ’منھنجي شادي ڪراءِ‘ جي هدايتڪاري پڻ ڪئي. هي مختلف مالياتي اِدارن ۾ اڪائونٽنسي (حساب ڪتاب) جو ڪم ڪري چُڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.12.22  عيسوي

مشھور شاعر، ڊرامه نويس ۽ اِسٽيج اَداڪار شترو گن جسواڻي 22 ڊسمبر 1961ع تي ڀارتي رياست ’ڇتيس ڳڙهه‘ جي ضلعي ’بلاس پور‘شھر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ثمامه رضہ بن آثال
ٽي ايل واسواڻي
غلام علي فقير زنگيجو
ارجن حاسد
ابو طالب اعواڻ قطب شاھي
سوامي سترامداس سڪايل
تلسيداس
تنوير شاھہ محمد زئي
جبار تاثير سومرو
اصغر شر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون