شبير هاليپوٽو

شبير هاليپوٽو

شبير هاليپوٽو

شبير هاليپوٽو: برک شاعر ۽ اديب شبير هاليپوٽي جو جنم 24 فبروري 1974ع تي ڳوٺ عبدالمجيد هاليپوٽي، تعلقي هالاڻي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول هالاڻي، مئٽرڪ ووڪيشنل پوليٽيڪنڪ اسڪول سکر، انٽر سائنس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊياري مان ڪئي. انٽر بعد کيس اکين جي بيماري ٿي پئي. جنهن سبب ڏسڻ جي صلاحيت کان محروم ٿي ويو. هن ڊاڪٽر ٿيڻ چاهيو هو، پر نابين ٿيڻ سبب سندس خواب پورو ٿي نہ سگهيو، پوءِ بہ هن همت نہ هاري. هن خاص ٻارن جي اسڪول مان بريل ذريعي تعليم کي اڳتي وڌايو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ايم اي ڪيائين. سندس هم ڪلاسي دوستن: اسحاق سميجي ۽ دودي چانڊيي کيس همٿايو. شبير هاليپوٽي ڪجهہ وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ طور ڪم ڪيو. بعد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار ٿيو. شبير هالپوٽي کي پڙهڻ دوران ‘ريڊر’ ۽ رائيٽر جي ضرورت پوندي هئي هو بھترين شاعر هو. سندس شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي تلخين، ڏکن، پيڙائن ۽ محبت جو ذڪر ملي ٿو. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ‘گيت منهنجا ميت’، (2) ‘هينئڙو هيرڻ پن’ ۽ (3) ‘تو بن ڪجهہ بہ نہ’ شامل آهن.
هن 9 مئي 2014ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ هالاڻيءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.02.24  عيسوي

شبير هاليپوٽي جو جنم 24 فبروري 1974ع تي ڳوٺ عبدالمجيد هاليپوٽي، تعلقي هالاڻي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد ضياءُالدين ضيا ٺٽوي
زرڪ خان لاشاري
فقير مهدي شاھہ جھانيان
چيزل شاھہ
آذر ناياب بدايوني
ڀٽو حبيب ﷲ
آنند پرڪاش مهاتما
بسمل ٽکڙائي
حداد حاجي محمد
گل محمد رند
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون