شبير ساگر

شبير ساگر

شبير ساگر

شبير ساگر: ٻاراڻي ادب جي بھترين ليکڪ شبير ساگر، 22 جنوري 1971ع تي ڪوٽ عالمو، تعلقي ۽ ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو. ايم اي تائين تعليم حاصل ڪئي. هن ٻاراڻي ادب ۾ لکڻ جو آغاز 1981ع ڌاري ‘گل ڦل’ رسالي کان ڪيو. جنهن بعد سندس ڪيتريون ڪهاڻيون گل ڦل کان سواءِ ٻالڪ رنگ، ساٿي ۽ سنڌي ٻارڙا ۾ شايع ٿيون. هن ٽنڊي ڄام مان ‘ناياب’ نالي سان ٻاراڻو رسالو جاري ڪيو. ڪجهہ عرصي بعد 1997ع ۾ ٽنڊي ڄام مان ‘گلڙا ’ نالي سان ٻاراڻو رسالو جاري ڪيو، جيڪو 2003ع تائين مقبوليت سان جاري ٿيندو رهيو. هن رسالي پاران ٻارن لاءِ علمي، ادبي تنظيم ‘گلڙا سنگت’ پڻ قائم ڪئي. پاڻ ڪجهہ عرصو پندره روزہ عبرت مئگزين ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر پڻ رهيو. کيس ٻاراڻي ادب ۾ خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ ۽ شيلڊون پڻ ملي چڪيون آهن. هي هن وقت تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.01.22  عيسوي

شبير ساگر، 22 جنوري 1971ع تي ڪوٽ عالمو، تعلقي ۽ ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رام بـخـشـاڻي ڊاڪٽر
ذاڪر حسين ڊاڪٽر
رميش چوڌري
گل محمد ڪلھوڙو
قاضي قمرالدين
راءِ کنگهار
بندہ بيراگي
ابڙو نجم الدين
تاج محمد شيخ
دائود شورو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون