شبير احمد مخدوم

شبير احمد مخدوم: ‘تذڪره مخاديم کهڙا شريف’ جو مصنف نامور اديب، محقق، پروفيسر مخدوم شبير احمد ولد مخدوم امير احمد جو جنم، 01 جنوري 1942ع تي کهڙا، ضلعي خيرپور ۾ ٿيو. مخدوم کهڙا خاندان، سنڌ جو نامور گهراڻو آهي. شبير احمد جو والد 1947ع ۾ حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿيو، جنهن سبب شبير احمد سموري تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي. سندس تعليم ايم. اي سنڌي آهي. شبير احمد 1966ع ۾ سانگهڙ ۽ سنڌيءَ جو استاد مقرر ٿيو. 1968ع ۾ ٺٽي ۾ مقرر ٿيو. 1969ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڊي. جي ڪامرس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. 1981ع ۾ ترقي ماڻي مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ پروفيسر مقرر ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.01.01  عيسوي

پروفيسر مخدوم شبير احمد ولد مخدوم امير احمد جو جنم، 01 جنوري 1942ع تي کهڙا، ضلعي خيرپور ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اي جي اتم
صديقي محمد علي ڊاڪٽر
جوڻيجو سميع ساجد
غلام حسين رنگريز
محمد حسين ڪروڙ پتي
حبيب سنائي
سلطان حيدر مرزا
سنڌو پياسي
علي نواز آريسر
راج ڏاسواڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون