علام شبلي نعماني

علام شبلي نعماني

شبلي نعماني علام

شبلي نعماني، علامہ: ننڍي کنڊ جو مشھور تاريخدان، مصنف ۽ شاعر، علامہ شبلي نعماني، اعظم ڳڙھہ جي هڪ ننڍي علائقي ‘بندول’ ۾ سال 1857ع ۾ پيدا ٿيو. هن پنھنجي تعليم اعظم ڳڙھہ، جونپور، غازيپور، لاهور، ديوبند ۾ ورتي. 1876ع ۾ حجاز جو سفر ڪيائين، هن وڪالت جو امتحان بہ پاس ڪيو. جنوري 1883ع ۾ هو علي ڳڙھہ ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. 1898ع ڌاري علي ڳڙھہ مان ليڪچراريءَ تان استعيفا ڏئي اعظم ڳڙھہ هليو ويو، جتي رهندي اعظم ڳڙھہ ۾ ‘دارمصنفين’ (هي شبليءَ جو وڏو ڪارنامو شمار ڪيو وڃي ٿو) جو بنياد رکيو. سندس سڀ کان اهم ڪارنامو ’ندوة العلماءِ‘ جو قيام آهي.
علامہ صاحب جون ڪجهہ مشھور تصنيفون هي آهن: شعر العجم، الفاروق، سيرت النعمان، المامون، سوانح مولانا روم، اورنگزيب عالمگير پر ايک نظر ۽ سيرت النبي صلي ﷲ عليہ وسلم. سيرت النبي صلي ﷲ عليہ وسلم مولانا جو ٻيو وڏو ڪارنامو آهي.
شبليءَ جو ادبي خدمت جي حوالي سان ڪتاب ‘شعر العجم’ هڪ مکيہ ڪارنامو آهي، جيڪو پنجن جلدن ۾ ڇپيو. ان ۾ فارسي علم ادب خاص ڪري شعر ۽ شاعريءَ جي تاريخ ڏني وئي آهي. هي ڪتاب سڀ کان اول افغانستان ۾ مختلف عالمن فارسيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرايو. بعد ۾ هڪ ايراني عالم سيد محمد تقي فخر داعي گيلاني ‘شعر العجم’، فارسيءَ ۾ الٿو ڪري شايع ڪرايو. مولانا جو هڪ وڏو علمي ڪم ‘سيرت النبي صلي ﷲ عليہ وسلم’ آهي، جيڪو ستن جلدن ۾ مڪمل ٿيو. ابتدائي ٻہ جُلد شبلي پاڻ لکيا، باقي پنج جلد سندس رٿا موجب سيد سليمان ندويءَ مڪمل ڪري ڇپرايا.
هندستان جي هن هاڪاري عالم، 18 نومبر 1914ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1914.11.18  عيسوي

علامه شبلي نعماني، اعظم ڳڙهه جي هڪ ننڍي علائقي ‘بندول’ ۾ سال 1857ع ۾ پيدا ٿيو.علام شبلي نعماني 18 نومبر 1914ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انيتا شاھہ
سوڀو گيانچنداڻي
امام راشدي
فريد الدين بقائي ڊاڪٽر
آغا ابراهيم شاھہ
اليعقوبي
گل حسن لاکو
دلشاد مرزا
پنوشي
داداڀائي ولي محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون