شاھہ ڪپور (ماڳ): سومرن جي دور جو قديم ماڳ شاھہ ڪپور تعلقي جاتي، ضلعي ٺٽي ۾ واقع آهي، جنهن جا آثار اڌ ڪلوميٽر اتر - اولھہ ڊيگهه ۾ هڪ ڪلوميٽر کن ڏکڻ - اولھہ ۾ بدين سجاول روڊ تان ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هن شھر بابت ماهرن جي راءِ ۾ گهڻو اختلاف آهي. ڪن جي راءِ موجب هي کنڊر سومرن جي پراڻي شھر ‘محمد طور’ جا آهن. جڏهن تہ ميجر راورٽي هنن کنڊرن کي ‘نيرون ڪوٽ’ جا آثار ڄاڻايو آهي، پر راورٽيءَ جي راءِ اختلاف واري آهي، ڇاڪاڻ تہ مقامي ماڻهن جي روايت موجب اهي کنڊر محمد طور شھر جا آهن، جن کي هو ‘ماهم تور’ ڪوٺيندا آهن.
هن ماڳ بابت ايلئيٽ پنھنجي ڪتاب ‘هسٽري آف انڊيا’ جي پهرئين جلد ۾ ڄاڻايو آهي تہ ‘محمد طور’ ديرڪ پرڳڻي ۾ واقع هو، جنهن جون حدون ڇاڇري ۽ بدين تعلقن جي حدن تي، يعني ‘پارڪر’ ۽ ‘ونگي’ جي وچ ۾، ٿر جي وارياسي ميدان ۾ هيون ۽ جنهن جاءِ تي محمد طور جا کـنـڊر آهن، اتي ‘ٿـرڙي’ جو شھر قائم هو، جيڪو بدين جي ويجهو هو. هن ڏس ۾ ‘هينري ڪزنس’ جي تحقيق وڌيڪ وزندار آهي. جنهن پنھنجي ڪتاب ۾ ‘شاھہ ڪپور’ جي عنوان هيٺ انهن کنڊرن جو احوال ڏنو آهي. ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي تہ هيءُ شھر (محمد طور) هڪ وڏي نھر جي ڪپ تي هو، جنهن کي ‘گونگڙو’ چوندا هئا. هينري ڪزنس کي انهن کنڊرن مان ٽامي ۽ چانديءَ جا سڪا بہ هٿ آيا هئا، جيڪي بلڪل ننڍا هئا ۽ مٿن ڪجهہ بہ اڪريل نہ هو، جنهن مان سن وغيرہ جي خبر پئجي سگهي. هن کي اتان ڪي پٿر بہ مليا هئا، جن تي عربيءَ ۾ ڪجهه لکيل هو، پر اهي لفظ گهڻي قدر ڊٺل هئا. هن شھر (محمد طور) جي آباد ٿيڻ جي حوالي سان بہ تاريخن ۾ گهڻو اختلاف آهي. ائبٽ هن شھر جي آباديءَ جو زمانو 900ع کان 1000ع ڄاڻايو آهي، جڏهن تہ ‘تحفة الڪرام’ ۾ درج بيان موجب هن شھر کي محمد طور سومري 654ھہ/ 1256ع ڌاري آباد ڪرايو هو ۽ علاؤالدين 1313ع ۾ دودي سومري سان جنگ ڪري هن شھر کي ناس ڪيو. تاريخ ۾ هن ماڳ کي تختگاھہ جو درجو مليل ٿو ڏسجي. هي شھر پڪين سرن سان اڏيل هو، انهن سرن جي ماپ هڪ جيتري نہ آهي. هن ماڳ جا کنڊر شاھہ ڪپور ڳوٺ کان شروع ٿين ٿا، جن جي جدا جدا هنڌن تي ڳاڙهن پٿرن جون وڏيون ڇپون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جيڪي محلاتن ۽ مڪانن جي بنيادن ۾ ڪم آنديون ويون هيون. هڪ شاهي عمارت جي آثارن مان اندازو ٿئي ٿو تہ اها انتظامي سرڪاري عمارت رهي هوندي. هن وقت تائين هنن کنڊرن جي باقاعدي کوٽائي نہ ٿي سگهي آهي. دڙن جي مٿاڇري سطح تان لڌل وٿن ۾ پٿر، ٺڪراٺو، شيشي جا ٽڪرا، ٽامي جا سڪا ۽ گهريلو استعمال لاءِ ٺڪر جون شيون مليون آهن. هينري ڪزنس کي عربي لکت ۾ پٿر ۽ ڪجهہ ٺڪراٺو مليو هو، جيڪو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شوري جي ميوزيم ۾ رکيل آهي. ان کان سواءِ نامور محققن ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ عبدالله ورياھہ بہ هن ماڳ جي مشاهدي دوران هتان ڪافي سڪا لڌا هئا، جن تي سومرا دور جي عورتن ۽ مرد حڪمرانن جا نالا اڪريل هئا. شاھہ ڪپور سان لڳ هڪ قديم قبرستان آهي. اتي ڪنهن زماني ۾ امير بادشاھہ نالي بزرگ جو بھترين مقبرو ٺهيل هو، پر هاڻي ان جا رڳو نشان بيٺا آهن ۽ بزرگ جي قبر موجود آهي. مقبري جو ڊٺل سامان مختلف قبرن ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيل ڏسجي ٿو. هي قبرستان پندرهين صدي عيسويءَ کان سترهين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي جو آهي. هن قبرستان جو ذڪر مختلف ڪتابن ۾ اچي ٿو. جڏهن تہ هي ماڳ هينري ڪزنس بہ ڏٺو هو. ’پاڪستان آرڪيالاجي‘ جي شماري ٻئي 1965ع ۾ شاھہ ڪپور جو ذڪر ملي ٿو.