شاھہ نندل جو دڙو: هي دڙو جهڪر جي دڙي کان پنج ميل اتر طرف ۽ ڳوٺ آريجا کان هڪ ميل اولھہ ۽ ڏکڻ ۾، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ واقع آهي. ملندڙ وٿن مان لڳي ٿو تہ جهڪر جو همعصر آهي. دڙي جي کوٽائي نہ ٿي آهي. هن دڙي تي شاھہ نندل جي قبر آهي.