
شاهه مڪي جو مقبرو، حيدرآباد
شاھہ مڪي جو مقبرو، حيدرآباد: هيءُ مقبرو بزرگ سيد محمد شاھہ مڪي جو آهي ۽ حيدرآباد جي ڪچي قلعي ۾ واقع آهي. هيءُ ڪلهوڙا دور ۾ تعمير ڪيل آهي. هن بزرگ جي مزار سبب ڪچي قلعي کي عام طور شاھہ مڪي جو قلعو بہ چيو وڃي ٿو. اهو پڻ چيو وڃي ٿو تہ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي هيءُ قلعو، حضرت شاھہ مڪي جي روضي جي چوڌاري هن بزرگ جي احترام ۾ جوڙايو هو.
هيءُ مقبرو، ڪچي قلعي ۾ هڪ مٿاڇري تي آهي، قلعي ۾ ٻہ دروازا آهن، جن مان هڪ دروازو سڌو شاھہ مڪي جي مزار ڏانهن ٿو وڃي ۽ ٻيو قلعي ۾ داخلي وارو دروازو هاڻي بند آهي. مقبري ۾ داخلي لاءِ سيڙهيون ۽ اڳيان ونگ وارو لوهي درنصب آهي، ڪشادي اڱڻ ۽ برآمدي کانپوءِ هڪ ڪمرو آهي، جنهن ۾ سيد محمد شاھہ مڪي شاھہ مدفن آهي. ڪمري جي چوڌاري اڇي رنگ جا ٽائيلز لڳل آهن. سيراندي جي سامهون ڀت تي ڪي ڪنڊائتو ونگ ڏنل آهي، جنهن تي ﷲ جا ڪي صفاتي نالا درج ٿيل آهن. ڪمري جي ڇت تي چورس ٿلهو آهي، جنهن جي مزار مٿان گول ڳچ تي گول گنبذ آهي، گنبذن جي هيٺينءَ حصي تي ونگائون کسيون ڳڙڪيون ۽ چوڌاري چوڪنڊي نموني جا پينل ڏنل آهن. گنبذ سائي ۽ اڇي رنگ جو آهي، مزار جي سيراندي تي دستار رکيل آهي، مزار واري احاطي ۾ ماڻهن جو اندر وڃڻ منع آهي.
مقبري جو برآمدو نيم اٺڪنڊي (Semi Octagonal) طرز جو آهي، جنهن کي ٻن طرفن کان ويڪرا لنگهہ آهن، ٻنهي لنگهن کي پاسن کان هڪ هڪ ٿنڀ ٺهيل آهي. برآمدي جي ڇت اٺڪنڊي طرز جي آهي، جنهن تي ڪانس ۽ پري تائين ڏسڻ لاءِ سيمينٽ جي ڄاري لڳل آهي. قلعي جي اندران گبنذ جو سھڻو نظارو ڏسڻ ۾ گنبذ کان ٿورو پرڀرو هڪ مينار آهي، جنهن تي ڪاري ۽ اڇي رنگ جا چوڪڙي وارا ٽائيلز نصب آهن. گنبذ جي هيٺيئن دڪي تي چئني ڪنڊن تي هڪ هڪ ننڍڙو مينار آهي، جن مٿان سائي رنگ جون گنبذڙيون آهن. مقبرو مجموعي طور سائي ۽ اڇي رنگ جو آهي. هتي هر وقت عقيدتمندن جي اچ وڃ جو سلسلو جاري رهندو آهي. عرس هر سال ذوالحج ۾ ٿيندو آهي.