شاھہ مسڪين جو مقبرو

شاھہ مسڪين جو مقبرو (ماڳ): هيءُ ماڳ غله بازار ٺٽي ۾ واقع آهي. مسڪين شاھہ ديندار مرزا باقيءَ جو تمام پيارو ماڻهو هو، پورچوگيزن جڏهن ٺٽي کي ڦريو ۽ باهيون ڏنيون تہ مسڪين شاھہ مارجي ويو. سندس مزار 1228ھہ/1813ع ۾ قلات جي هڪ بزرگ ٺهرائي، جنهن جي اڄ ڏينهن تائين مرمت ٿيندي پئي اچي. درگاھہ جي ڏاڪڻ ۽ دروازو بازار مان آهي، بزرگ جي مزار هڪ ڪاٺ جي خوبصورت ڇٽيءَ هيٺ عمارت اندر آهي، سندس خاص مريد سيد خاڪي شاھہ جي مزار بہ سندس پاسي ۾ آهي، هتي هر سال ميلو پڻ لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو