شاهه محمود قريشي

شاهه محمود قريشي

شاھہ محمود قريشي

شاھہ محمود قريشي: اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پنجاب جي اڳوڻي گورنر مخدوم سجاد حسين قريشيءَ جو فرزند مخدوم شاھہ محمود قريشي، 22 جون 1956ع تي ڪوھہ مريءَ ۾ ڄائو. مخدوم صاحب ملتان جي مشھور بزرگ حضرت غوث بھاؤالدين زڪريا ۽ ان جي پوٽي حضرت شاھہ رڪن عالمرح جي درگاهن جو سجادہ نشين بہ آهي. سندن عقيدتمندن جو وڏو تعداد سنڌ ۾ اتر، وچولي ۽ ٿرپارڪر ۾ موجود آهي.
شاھہ محمود قريشيءَ 1978ع ۾ لاهور جي ‘ايچسين ڪاليج مان فار مئن ڪرسچن ڪاليج’ مان تاريخ جي مضمون ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ 1983ع ۾ يونيورسٽي آف ڪئمبرج (انگلنڊ) مان سياسيات ۽ قانون ۾ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪئي. ڏيھہ واپس اچي هن سياسي زندگيءَ جو آغاز 1985ع وارين غير جماعتي چونڊن کان ڪيو ۽ مخدوم جاويد هاشميءَ جي مقابلي ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ پنجاب اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. 1988ع کان 1993ع تائين شاھہ محمود قريشي پاڪستان مسلم ليگ سان وابستہ رهيو. ان دوران هي نواز شريف جي صوبائي ڪابينا ۾ 1990ع تائين ‘پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ’ کاتي جو وزير ۽ 1990ع کان 1993ع تائين صوبائي وزير خزانہ رهيو.
1993ع ۾ مخدوم صاحب پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ پ پ جي حڪومتي دور ۾ 1996ع تائين پارلياماني مامرن جو مملڪتي وزير رهيو. سندس خلوص ۽ جذبو ڏسندي شھيد بينظير ڀٽو کيس پ پ پنجاب جون اهم ذميواريون سونپيون.
مخدوم شاھہ محمود قريشي 2000ع ۾ بلدياتي چونڊن ۾ ملتان جو ضلعي ناظم مقرر ٿيو. 2002ع وارين عام چونڊن وقت هن ضلعي ناظميءَ تان استعيفا ڏئي جنرل اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. انهن چونڊن بعد جيئن تہ نئين جڙيل پارٽي (ق ليگ) اڪثريت سان سامهون آئي تہ پيپلز پارٽيءَ اپوزيشن ۾ ويهندي شاھہ محمود قريشيءَ کي پارٽيءَ طرفان وزيراعظم جي اميدوار طور بہ نامزد ڪيو. ان وقت مير ﷲ جمالي'>ظفر ﷲ جمالي، وزارت عظميٰ لاءِ چونڊيو ويو.
2006ع ۾ پ.پ پنجاب صوبي جو صدر مقرر ٿيو. جڏهن 2007ع ۾ چونڊن جو اعلان ٿيو تہ محترمہ بينظير ڀٽو وطن واپس اچڻ جو اعلان ڪيو. پنجاب مان مخدوم شاھہ محمود قريشي ۽ سنڌ مان مخدوم امين فهيم، محترمہ شھيد بينظير ڀٽو جا ويجها ۽ اعتماد وارا ساٿي ليکجڻ لڳا. چونڊ مھم دوران ڊسمبر 2007ع ۾ محترمہ جي شهادت جو المناڪ سانحو پيش آيو تہ چونڊون ڪجهہ مهينا ملتوي ٿيون ۽ 2008ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان چونڊجي، اتحادي جماعتن سان گڏ حڪومت ٺاهي. مخدوم شاھہ محمود قريشيءَ کي پرڏيهي وزير مقرر ڪيو ويو. هن جي دور وزارت ۾ ڪيترن ئي ملڪن سان پاڪستان جا رشتا هموار ٿيندي نظر آيا.
جنوري 2011ع ۾ هڪ آمريڪي جاسوس ريمنڊ ڊيوس پنجاب جي ڪجهہ شهرين کي ڦرلٽ جي الزام ۾ قتل ڪيو. ان معاملي کي ميڊيا ۾ گهڻو سنجيدہ ورتو ويو. احتجاج ٿيا ۽ مقتولن جي وارثن ريمنڊ ڊيوس کي ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو رکيو. هوڏانهن حڪومت تي دٻاءُ پيو ۽ وزارت داخلا پوليس ڪسٽڊيءَ مان ان آمريڪي اهلڪار کي آزاد ڪري آمريڪا حوالي ڪيو. جنهن تي پرڏيهي وزير شاھہ محمود قريشيءَ پنهنجن اختلافن جو اظهار ڪيو.
پارٽيءَ اندر اختلافن ۽ تنقيدي مؤقف رکڻ سبب فبروري 2011ع ۾ کيس پرڏيهي وزارت ڇـڏڻـي پيئي. نومبر 2011ع ۾ هن قومي اسيمبليءَ جي رڪنيت توڙي پيپلز پارٽيءَ جي بنيادي ميمبرشپ تان بہ استعيفا ڏئي ڇڏي. ان بعد کيس مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان شموليت لاءِ آڇ ٿي. هن پي. ٽي. آءِ جي گهوٽڪيءَ واري جلسي ۾ باقاعدہ پي. ٽي. آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. هن وقت مخدوم شاھہ محمود قريشي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ وائيس چيئرمئن جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي.


لفظ شاھہ محمود قريشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.06.22  عيسوي

شاهه محمود قريشي، 22 جون 1956ع تي ڪوهه مريءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالحسين جعفري
دريا خان نظاماڻي
جعفر شاھہ مورائي
خادم حسين انڙ
چارڻ سُمنگ
نواب احمد خان لغاري
بشير احمد قريشي
ضميرالدين احمد
ابو زيد حسن سيرافي
شاڪر عباس سمراٽ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون