شاهه محمود جيلانيءَ جي درگاهه واري مسجد

شاهه محمود جيلانيءَ جي درگاهه واري مسجد

شاھہ محمود جيلانيءَ جي درگاھہ واري مسجد

شاھہ محمود جيلانيءَ جي درگاھہ واري مسجد: هيءَ مسجد تعلقي مٽياريءَ جي شھر نصرپور ۾، شاھہ محمد جيلانيءَ جي درگاھہ جي احاطي تعمير ٿيل آهي. هيءَ مسجد ڪلهوڙن جي دور جي تعميراتي فن جو هڪ نادر نمونو آهي. مسجد جي مهاڙي نهايت دلڪش ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريل آهي. مسجد کي ٽي دروازا ڏنل آهن، جيڪي پانيلن ۾ جڙيل آهن. وچون دروازو ٻين پاسي وارن دروازن کان وڏو آهي. سر در جي مٿان گول چهنباري ونگ ڏنل آهي. ان جي مٿان مستطيل ونگ ڏنل آهي. اهڙا مينار ٻين ننڍن دروازان تي بہ نصب ٿيل آهن. وچين در جي پاسن کان دريون ٺهيل آهن. ٻيڙ ٻني تي هر هڪ ڪنڊ تي ڪلسي سان برجي ڏنل آهي. وچين در جي مٿان سونهن لاءِ تاج رکيل آهي. تاج جي پاسن کان ننڍا برج ٺهيل آهن. مسجد سڳوري ٻاهران ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريل آهي. مسجد ۽ درگاھہ ڏانهن اچڻ لاءِ وڏي ٺاٺي وارو لنگهہ بہ سينگاريل آهي. محراب جي ساڄي پاسي پٿر جو ڪتبو اڪريل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو