شاهه محمد گاڏهي بلوچ

شاهه محمد گاڏهي بلوچ

شاھہ محمد گاڏهي بلوچ

شاھہ محمد ’گاڏهي‘ بلوچ: ليکڪ، لائبرريئن ۽ پبلشر شاھہ محمد ولد محمد بچل گاڏهي بلوچ 3 مئي 1939ع تي ڳوٺ مڏباهو، تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم. اي سنڌي ۽ MLIS (لائبرري سائنس) آهي. ڪجهہ عرصو سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبرري ۾ ملازمت ڪئي. 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي نوڪري ڇڏي تعليم کاتي ۾ لائبرريئن مقرر ٿيو. ملازمت دؤران حيدرآباد، سکر، ٽنڊي محمد خان ۽ هالا ۾ بہ رهيو. 3 مئي 1999ع تي گورنمينٽ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان رٽائرڊ ٿيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”لائبريري سائنس جي تعليم“ (جلد پھريون: 1984ع ۽ جلد ٻيو: 1987ع)، ”ڪتبخانن جو انتظام“ (1985ع)، ”حيات قلندر رحمة ﷲ عليہ“ (1986ع)، ”تقرير جو فن“ (1988ع)، ”ڊاڪٽر محمد علي قاضي ۽ لائبريرين شپ“ (1990ع)، ”محبوب سروري بحيثيت نثر نويس“ (1992ع)، ”ڪلام محبوب سروري“ (1992ع)، ”ڊاڪٽر محمد علي قاضي تحريرن جي آئيني ۾“ (1995ع)، ”عڪس جمال مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم“ (1997ع)، ”لائبريري سائنس جي ببليوگرافي 1901ع کان 1995ع تائين“ (1999ع)، ”ڊڪشنري آف لائبريري سائنس“ (انگريزي، سنڌي ۽ اردو: 2000ع)، ”وڏن ماڻهن جو عشق“ (2003ع)، ”سيرت ڪوئز“ (2004ع)، ”مسلمان قبيلن جو مختصر تاريخي ۽ روايتي خاڪو“ (2004ع)، ”ڪڇ ۽ مڪران'>تاريخ ڪڇ ۽ مڪران“ (2005ع)، ”گاڏهي قبيلي جي مختصر تاريخ“ (2019ع)، ”مبارڪ خواب خوش نصيبن جا“ (2022ع)، ”سنڌ صوبي جو گزيٽيئر لاڙڪاڻو ضلعو“ (2022ع) ۽ ”طالب الموليٰ جا خط بنام محبوب سروري“ شامل آهن. شاھہ محمد گاڏهيءَ 1984ع ۾ ’گلشن پبليڪيشن“ قائم ڪري ڪجهہ ڪتاب شايع ڪيا ۽ 1996ع ۾ ”سنڌ ڪاليج لائبرري ايسوسيئيشن“ جو بہ بنياد رکيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.05.03  عيسوي

ليکڪ، لائبرريئن ۽ پبلشر شاهه محمد ولد محمد بچل گاڏهي بلوچ 3 مئي 1939ع تي ڳوٺ مڏباهو، تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چارلي چپلن (Charlie Chiplin)
امام علي مرزا ڊاڪٽر
قاضي فيض محمد
بلو مؤمن
پشپا مالهي
عبدالماجد ڀرڳڙي
صالح بيگ مرزا ترخان اول
توقير فاطمہ ڀٽو
ع ق شيخ
بھاءُ الدين ذڪريا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون