شاهه محمد گاڏهي

شاهه محمد گاڏهي

شاھہ محمد گاڏهي

شاھہ محمد گاڏهي: ليکڪ ۽ لائبررين، شاھہ محمد ولد محمد بچل گاڏهي، 4 مئي 1939ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ مڏ باهوءَ ۾ ڄائو. پرائمريءَ کان مڊل تائين ڳوٺ ۾ تعليم ورتائين، بعد ۾ گورنمنٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ جو امتحان ڏنائين. هاءِ اسڪول جي تعليم کان يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت تائين سندس والد جو دوست، تعليمدان ۽ سماجي اڳواڻ الھڏتو کيڙو سندس مددگار رهيو. شاھہ محمد گاڏهيءَ لائبريري سائنس ۾ گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما 1967ع ڌاري ڪئي، گڏوگڏ بي. اي ڪرڻ بعد لائبرري سائنس ۾ ماسٽرس جي ڊگري 1974ع ۾ حاصل ڪيائين ۽ ماسٽرس جي ٿيسز ۾’حيدرآباد شھر جي يونين ڪميٽين جون لائبرريون‘ عنوان هيٺ تحقيقي مقالو لکيائين. 1978ع ۾ ايم. اي سنڌيءَ جي ڊگري ورتائين.
شاھہ محمد گاڏهيءَ 1958ع کان 1970ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري جي علامہ آءِ آءِ قاضي، مرڪزي لائبرريءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، جنهن بعد تعليم کاتي سنڌ ۾ لائبررين مقرر ٿيو ۽ 1999ع ۾ رٽائر ڪيائين. شاھہ محمد مختلف لائبريرين ۽ سماجي ۽ علمي تنظيمن جو ميمبر بہ رهيو. 1996ع ۾ ’سنڌ لائبرري ايسوسيئيشن‘ جو بنياد وڌائين، جنهن جو صدر ٿيو. 2009ع ۾ ڪوثر پبليڪيشن جو بنياد وڌائين ۽ ڪجهہ ڪتاب بہ ڇپايائين.شاھہ محمد گاڏهيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) لائبريري سائنس جي تعليم: ڀاڱو پهريون (1984ع)، (2) ڪتابخانن جو انتظام (ترجمو: 1985ع)، (3) لائبرري سائنس جي تعليم (ڀاڱو ٻيو: 1987ع)، (4) تقرير جو فن (ترجمو: 1988ع)، (5) ڊاڪٽر محمد علي قاضي ۽ لائبررين شپ (1990ع)، (6) محبوب سروري (نثر نويس) (1992ع)، (7) ڊاڪٽر محمد علي قاضي تحريرن جي آئيني ۾ (ترتيب: 1995ع)، (8) سيرت ڪوئيز (1995ع)، (9) وڏن ماڻهن جو عشق (ترجمو: 1996ع)، (10) عڪس جمال مصطفيٰ صلعم (1997ع)، (11) سنڌيءَ ۾ لائبرري سائنس جي ببليوگرافي (1999ع)، (12) Dictionary of Library Science (English Sindhi & urdu) 2000ع، (13) مسلمان قبيلن جو مختصر تاريخي ۽ روايتي خاڪو (ترجمو: 2004ع)، (14) ڪڇ ۽ مڪران'>تاريخ ڪڇ ۽ مڪران (ترجمو: 2006ع)، (15) حيات قلندر رح (ترجمو: 1986ع) ۽ (16) ڪلام محبوب سروري (ترتيب: 1992ع) شامل آهن.
اڄڪلھہ مختلف اخبارن ۾ مخزنن ۾ مضمون لکندو رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.05.04  عيسوي

ليکڪ ۽ لائبررين، شاهه محمد ولد محمد بچل گاڏهي، 4 مئي 1939ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ مڏ باهوءَ ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

طارق اشرف
بيدل مسرور
جي ايم مهڪري ڊاڪٽر
انعام شيخ
زرداري محمد خان
حسن عابدي
امر لعل هنڱوراڻي
عبدالڪريم ٻگهيوحاجي
قريشي حامد علي خانائي ڊاڪٽر
غلام حسين ٻگهيو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون