
شاهه محمد نابينا
شاھہ محمد نابينا: سنڌ جي نامور ۽ شھرت يافتہ نڙ وڄائيندڙ شاھہ محمد نابينا ولد محمد رمضان بڪڪ، 31 جنوري 1893ع تي تعلقي ميرپوربٺوري جي ڳوٺ عيسيٰ بڪڪ ۾ پيدا ٿيو. شاھہ محمد غريب هئڻ ڪري تعليم جي زيور سان آراستہ ٿي نہ سگهيو. سندس لڳاءُ موسيقي سان هوندو هو. فقيرن جي صحبت ۾ گهمڻ ڦرڻ لڳو آهستي آهستي نڙ وڄائڻ سکيو. هن وٽ خداداد صلاحيت هئي، ننڍي هوندي ماتا جي بيماريءَ ۾ سندس اکين جو نور ختم ٿي ويو. معذور هوندي بہ هن پنھنجي فن ۾ مهارت حاصل ڪري ورتي ۽ ريڊيو تان مختلف طرزون ٻڌي پنهنجون نيون ڌنون ايجاد ڪري هن سُرن جي دنيا ۾ منفرد سڃاڻپ ٺاهي ورتي. نڙ وڄائڻ مھل هو وجد ۾ اچي ويندو هو ۽ پنھنجي ئي آواز تي مست الست ٿي جهومندو هو ۽ سندس سُرن ۾ ايترو تہ سوز هوندو هو، جو سڄي محفل محو ٿي ويندي هئي. هن ڪراچيءَ جي ڪجهہ پروگرامن ۾ بہ شرڪت ڪئي، جتي ٻين ملڪن جي سفيرن کيس ساز وڄائيندي ٻڌو ۽ وڏو داد ڏنو.
شاھہ محمد نابينا مفلسيءَ جي حالت ۾ ميرپور بٺوري جي اسپتال ۾ 5 مئي 1957ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاھہ قاضي ڀريو لڳ لائق پور، تعلقي ميرپور بٺوري ۾آهي. جي. ايم. سيد ڪتاب ‘جن سين'>جنب گذاريم جن سين’ ۾ سندس احوال ڏنو آهي ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ سندس مزار تي ڪانفرنس بہ ڪوٺائي هئائين.
1893.01.31 عيسوي
سنڌ جي نامور ۽ شهرت يافته نڙ وڄائيندڙ شاهه محمد نابينا ولد محمد رمضان بڪڪ، 31 جنوري 1893ع تي تعلقي ميرپوربٺوري جي ڳوٺ عيسيٰ بڪڪ ۾ پيدا ٿيو.
1957.05.05 عيسوي
شاهه محمد نابينا مفلسيءَ جي حالت ۾ ميرپور بٺوري جي اسپتال ۾ 5 مئي 1957ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه قاضي ڀريو لڳ لائق پور، تعلقي ميرپور بٺوري ۾آهي.