شاھہ لطيف جي حويلي (ماڳ): ڀٽ شاھہ تي، هيءَ حويلي شاھہ لطيف جي رهائش گاھہ هئي، جيڪا سندس مقبري جي اترئين پاسي موجود آهي. هن حويليءَ ۾ ڪل ٽي ڪمرا آهن، جن جي مٿان گنبذ ٺهيل آهن. ڪمرن جي اڳيان هڪ ڪشادو اڱڻ آهي، جنهن جي وچ ۾ هڪ تمام وڏي ڪنڊيءَ جو وڻ بيٺل آهي. ان تي ڀرائي ڪرائي، مٿي ڪيل ٿو ڏسجي، جنهن جي ڪري ڪمرن جا دروازا پڻ ننڍڙا ٿي، درين جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. اڱڻ ۾ ڀرائي ڪرائي، ٿلهو بنائڻ ۽ در ننڍا لڳرائڻ وارو ڪم ويجهڙائيءَ جو لڳي ٿو.هن حويليءَ جي ڏاکڻينءَ ڀت سان ئي شامل، نشست گاھہ شهنشاھہ حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي آهي. حويليءَ جي هڪ ڪمري ۾ شاھہ لطيف جي کٽ رکيل آهي ۽ ٻہ ڪمرا بند پيل آهن. فقيرن جي چوڻ موجب انهن ڪمرن ۾ شاھہ لطيف جي اهل عيال جي استعمال جون شيون رکيل آهن. حويليءَ جي ديوارن تي ڪاشيءَ جون رنگين سرون لڳل آهن. اڱڻ کي ديوار ڏنل آهي، جنهن کي تمام وڏو لوهي دروازو لڳل آهي. اهو ڪم ويجهڙائيءَ ۾ ڪرايل ٿو ڏسجي.
شاھہ لطيف، جڏهن ڪوٽڙيءَ مان هجرت ڪري اچي ڀٽ آباد ڪئي هئي، تڏهن سڀ کان پهرين ڀٽ جي واريءَ کي هموار ڪري واريءَ کي ڄمائڻ لاءِ پڪي چيڪي مٽي وجهرائي، هڪ مسجد جو بنياد رکيو ۽ پنھنجي اهل عيال لاءِ هڪ حويلي جوڙائي، جيڪا هينئر وڏي اوطاق جي نالي سان سڏجي ٿي. ان کان سواءِ ڀٽ تي فقيرن ۽ مريدن کي گهرن لاءِ حدون ليکي ڏنائين ۽ پاڻ ڪي سال انهيءَ حويليءَ ۾ ئي رهيو. جڏهن مريدن ۽ فقيرن ۾ اضافو ٿيو، ۽ حويليءَ واري اوطاق ۾ پيھہ وڌندي وئي، تڏهن شاھہ لطيف اها حويلي فقيرن جي رهڻ جي لاءِ تمر فقير جي حوالي ڪري پاڻ اچي انهيءَ حويليءَ جي اترئين پاسي هڪ ٻي حويلي جوڙائي، جيڪا پڪ سِري آهي. ڪن فقيرن جي چوڻ موجب، انهيءَ حويليءَ لاءِ سرون جنهن بٺيءَ مان پچرايون ويون هيون، سا اڄ بہ شاھہ جي ڪنڊي واري مقام جي وڻن جي ويڙھہ ۾ ڦٽل حالت ۾ موجود آهي. هيءَ اها ئي حويلي آهي، جيڪا اڄ تائين اوطاق طور استعمال ٿئي ٿي، جنهن ۾ فقير اچي ٽڪن ٿا ۽ هن ۾ دنبورا پڻ رکيل آهن.
انهيءَ حويليءَ ۾ شاھہ لطيف، حياتيءَ جا آخري سال گهاريا هئا. وفات کانپوءِ سندس مڙھہ مبارڪ کي حجري کان هتي آندو ويو هو. ان کان پوءِ سندس تدفين شاھہ حبيب جي پيرانديءَ ۾ ٿي.