
شاهه لطيف جا فڪري رخ
شاھہ لطيف جا فڪري رخ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري محقق ۽ اديب پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جي تحقيقي مقالن تي مشتمل آهي، جنهن کي ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ جا 2000 کان 2010 تائين لکيل مقالا شامل آهن، جن ۾ ‘شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ مابعد الطبعات’، ‘شاھہ جي شاعريءَ ۾ زمان و مڪان جو فلسفو’، ‘شاھہ جي ڪردارن جون ذهني ڪيفيتون’، ‘رينڊم ۽ ريگيولر ٿيوريز’، ‘شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ پيار جو فلسفو’، ‘شاھہ لطيف جا فڪري رخ’، ‘شاھہ جي شاعريءَ ۾ ڏک جو فلسفو’، ‘شاھہ جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جو فلسفو’، ‘شاھہ جي شاعريءَ جا تحقيقي رخ’، ‘شاھہ، ماضي، حال ۽ مستقبل جو شاعر’، ‘شاھہ وٽ عورت ۽ وحدت ۽ وجودي وحدت’ شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري اديب ۽ نقاد تاج بلوچ لکيو آهي. ڪتاب جي ارپنا مجموعي طور سچن/ باضمير ماڻهن جي نالي ڪيل آهي. 208 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان هي ڪتاب سوجهرو پبليڪيشن ڪراچيءَ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.