منهاج المعرفت جي شروع وارو صفحو

منهاج المعرفت جي شروع وارو صفحو

سنڌي رسالي جي شروع وارو صفحو

سنڌي رسالي جي شروع وارو صفحو

شاهه لطف الله قادري جو ڪلام

شاهه لطف الله قادري جو ڪلام

شاهه لطف الله قادري جو ڪلام

شاهه لطف الله قادري جو ڪلام

شاهه لطف الله قادري جو ڪلام

شاهه لطف الله قادري جو ڪلام

شاھہ لطف ﷲ قادري رح

شاھہ لطف قادري رح: سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي حوالي سان، شاھہ لطف قادري، قاضي قادن ۽ شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جو وڏو نالو آهي. شاھہ لطف قادريءَ جو رسالو [بيت]، شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي مثالي ڪلام [بيتن] ۽ شاھہ عنات نصرپوريءَ جي شاعريءَ جي وچ جي ڪڙي آهي. شاھہ لطف قادريءَ جي ڪلام جي دستيابيءَ سان قاضي قادن ۽ شاھہ ڪريم کان وٺي شاھہ لطيف جي دور تائين سنڌي اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ارتقا ۽ عروج جي تاريخ چٽي ۽ روشن ٿئي ٿي.
سنڌ جو نامور محقق ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاھہ لطف قادريءَ بابت لکي ٿو ته، ”شاھہ لطف قادريءَ جي سوانح حيات حاصل نہ ٿي سگهي آهي، مگر خوشبختيءَ سان سندس ٻہ ڪتاب ’سنڌي رسالو‘ ۽ ’منهاج المعرفت‘ موجود آهن، جن مان ظاهر آهي تہ هو هڪ اهل دل عالم ۽ صوفي، پنھنجي وقت جو وڏو شاعر ۽ سنڌي زبان جو خادم هو.“
ڊاڪٽر صاحب جي اندازي موجب شاھہ لطف قادري 1020ھہ/ 1611ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس تصنيف ’سنڌي رسالي‘ جي آخر ۾، ڪاتب کيس ’شيخ المشائخ شاھہ لطف قادري رحمة عليہ ساڪن اگام‘ ڪري لکيو آهي. اهو شاھہ لطف جي سوانح جي سلسلي ۾ نهايت قيمتي اهڃاڻ آهي. ’اگام‘ مان مراد يقيني طور ’اگهم‘ آهي. ان نالي سان سنڌ ۾ هڪ ’اگهم‘ جو ڳوٺ، ٺٽي شھر کان ٽي ڪوھہ پري هو ۽ سن 1153ھہ/ 1735ع تائين موجود هو. ٻيو سنڌ جو تاريخي ۽ قديم شھر ’اگهم ڪوٽ‘ يا ’اگهاماڻو‘ آهي، جنهن جا آثار حيدرآباد کان 20 يا 25 ميل کن ڏکڻ اوڀر طرف تعلقي ماتليءَ ۾ واقع آهن. ’منهاج المعرفت‘ سان لاڳيتو شامل شاھہ عبدالڪريم جي رسالي ’بيان العارفين‘ جي قلمي نسخي جي حاشيي تي ڪنهن لکندڙ ٽن جدا جدا جاين تي ’منهاج المعرفت‘ مان عبارتون نقل ڪيون آهن ۽ هر جاءِ تي مصنف جو نالو ’شيخ لطف تتئي‘ يعني ’ٺٽوي‘ ڪري لکيو آهي، ٻئي هڪ پوئين ورق تي ’منهاج المعرفت‘ مان عبارت نقل ڪندي مصنف جو نالو ’شيخ لطف قادري‘ پڻ لکيو ويو آهي. انهن عبارتن مان گمان ٿئي ٿو ته، شايد لطف قادريءَ جي انهيءَ قريبي نسبت سبب کيس ’ٺٽوي‘ پڻ سڏيو ويو هجي، پر هن گمان خلاف ٻيا دليل ملن ٿا، جيڪي ان ڳالھہ کي رد ڪن ٿا. اول تہ فقط مير علي شير قانع ’تحفة الڪرام‘ ۾ انهيءَ ’اگهم‘ ڳوٺ جو نالو ضمناً کنيو آهي، پر ان جي ٻي ڪا بہ مشهوري بيان ٿيل ڪانهي. جيڪڏهن شاھہ لطف اگهم جي ڳوٺ‘ يا ’ٺٽي‘ جو هجي ها تہ مير علي شير کان ڳجهو نہ رهي ها. مير علي شير قانع جي تصنيفن ۾ ’لطف ‘ نالي جن بزرگن جو ذڪر آيو آهي، سي سڀ شاھہ لطف قادريءَ کان مختلف آهن، انهيءَ ڪري زياده ترين قياس ايئن ٿو معلوم ٿئي تہ شاھہ لطف قادري، سنڌ جي مشھور ۽ قديم تاريخي شھر ’آگهم ڪوٽ‘ جو هو، جيڪو ڏهين صدي هجري/ سورهين صدي عيسويءَ ۾، بلڪ ان کان اڳ عالمن، صوفين ۽ درويشن جو مرڪز بنجي چڪو هو، خصوصاً ڏهين صدي هجريءَ جي پوئين اڌ ۾ مشھور ولي مخدوم اسماعيل سومري (متوفي 996ھہ/1588ع) ۽ سندس همعصر عالمن ۽ بزرگن پنھنجي علمي ۽ روحاني فيض سان اگهم ڪوٽ کي نوازيو، جنهن ڪري هتي وڏا مدرسا قائم ٿيا، شاھہ لطف قادريءَ جي تعليم ۽ تربيت اگهم ڪوٽ جي انهن مدرسن ۾ ئي ٿي.
شاھہ لطف پنھنجي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ طريقت جي راھہ ڏانهن مائل ٿيو ۽ قادري طريقي سان وابستہ ٿيڻ کانپوءِ، پنھنجي علمي فضيلت ۽ ذاتي بزرگيءَ جي ڪري هو قادري طريقي جي ’مرشد‘ ۽ ’شيخ‘ واري منزل تي پهتو. اُهو جوانيءَ بعد سندس حياتيءَ جو پويون دَور هو ۽ ان وقت ٻين کي سمجهائڻ خاطر عملي طور سلوڪ ۽ طريقت جي راھہ روشن ڪرڻ شروع ڪيائين.
شاھہ لطف قادريءَ جي وفات ۽ ڄمڻ واري سن جي باري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته، ”شاھہ لطف پنهنجو ڪتاب: ’منهاج المعرفت‘ سن 1078ھہ/ 1667ع ۾ لکڻ شروع ڪيو، ۽ اُهو ڪتاب هن پنھنجي زندگيءَ جي پنجاھہ سٺ سالن جي پختي تجربي ۽ علم تصوف جي تجزيي بعد تصنيف ڪيو. انهيءَ گمان موجب سندس ولادت جو سال اندازً 1020ھہ/ 1611ع قرار ڏئي سگهجي ٿو ۽ سندس وفات 1090ھہ/ 1679ع ڌاري ٿي هوندي.“ ڊاڪٽر صاحب جي هن راءِ سان اڪثر محقق متفق رهيا آهن.
شاھہ لطف جون تصنيفون: سلوڪ ۽ راھہ طريقت جي اشارن ۽ اهڃاڻن، منزلن ۽ مشاهدن جي وضاحت ۽ سمجهائڻ خاطر شاھہ لطف قادريءَ جيڪي ڪتاب تصنيف ڪيا، تن مان ٽن جا نالا معلوم آهن ۽ انهن ٽن مان صرف ٻہ موجود آهن.
(1) تحفة السالڪين: هيءُ غالباً پهريون ڪتاب هو، جيڪو سلوڪ ۽ طريقت جي راھہ جي علم بابت تصنيف ڪيائين، جيڪو زماني جي ناقدريءَ سبب محفوظ نہ رهي سگهيو آهي. انهيءَ ڪتاب جو ذڪر شاھہ لطف قادريءَ جي ٻئي ڪتاب ’منهاج المعرفت‘ ۾ ملي ٿو. شاھہ لطف ’منهاج المعرفت‘ جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته، ’علم سلوڪ ۾ ڪتاب ’منهاج المعرفت‘ ائين آهي، جيئن ڪتاب ’ميزان‘ ۽ هن حقير جو هن کان اڳ تصنيف ڪيل ڪتاب ’تحفة السالڪين‘ ائين آهي، جيئن ڪتاب ’ڪافيھ‘، علم صرف جي مطالعي لاءِ ڪتاب ’ميزان‘، نسبتاً آسان آهي، انهيءَ ڪري شروع ۾ پڙهايو ويندو آهي. ابن حاجب جو لکيل ڪتاب ’ڪافيه‘. آخر ۾ نحو جي مطالعي لاءِ پڙهايو ويندو آهي. انهيءَ مان ثابت ٿيو تہ ’تحفة السالڪين‘ سلوڪ بابت ’منهاج المعرفت‘ کان وڌيڪ مختصر ۽ ڳوڙهو ڪتاب هو.
(2) منهاج المعرفت: هيءُ ڪتاب ’منهاج المعرفت‘ يعنيٰ معرفت الـــٰهي جو دستور، تصوف جي سلسلي جو هڪ معياري ڪتاب آهي. انهيءَ وقت جي رواج مطابق هي خالص علمي ڪتاب فارسيءَ ۾ لکيل آهي، منجهس جملي 21 باب آهن ۽ مقدمو پڻ فارسيءَ ۾ آهي، جنهن ۾ شاھہ لطف هڪ قطع تاريخ لکي ڪتاب ’منهاج المعرفت‘ جي تصنيف جو سال ڄاڻايو آهي، جيڪا هيئن چيل آهي:
در فڪر آن شدم ڪه مر اين نسخه را بود،
تاريخ ابتداي ڪه روشن چون خور شد،
پرسيدم از خرد بدلم اين ندا بداد
منهاج معرفت که ’رهي راست پر‘ شود
1078ھہ
سنڌ جي نامور عالم پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان هن ڪتاب جي تصنيف جي سال بابت هي مادہ تاريخ چئي آهي:
’منهاج المعرفت با لطف
1078 ھہ
شاھہ لطف قادري پنھنجي هن معياري ۽ مفصل ڪتاب کي انهيءَ وقت جي علمي ذوق مطابق فارسيءَ ۾ لکيو. ان جي مقدمي ۾ ڪتاب لکڻ جو سبب يا مقصد بيان ڪندي، لطف قادريءَ لکيو آهي ته، “فقير (مصنف) جي دل ۾ خيال آيو تہ اڳين سالڪين طريقِ الاهيه
(راھہ الاهي) بابت ڪيترا رسالا لکيا آهن، مگر هن آخر زماني ۾ ڪي ٿورڙا آهن، جي اُنهيءَ معياري تفصيل کي پهچي سگهن. انهيءَ ڪري هن فقير، ضعيف ترين ٻانهي، لطف قادريءَ، ’طريقت‘ بابت هڪ نئون رسالو تيار ڪيو. اُنهيءَ لاءِ تہ هن راھہ جا سالڪ ۽ جا خاص طالب اُن جي مطالعي مان حظ ۽ سرور حاصل ڪن ۽ تعاليٰ ڏانهن راغب ٿين.“
اُن ڪتاب جي تصنيف وقت کيس اهو پڻ احساس ٿيو تہ جيڪر سلوڪ جي انهن معنوي نُڪتن کي سنڌيءَ ۾ پڻ سمجهايو وڃي تہ جيئن اهو فيض عام ٿئي، انهيءَ احساس ۽ جذبي کي مدنظر رکندي، لطف قادريءَ ’منهاج المعرفت‘ جي هر هڪ باب جي آخر ۾ هڪ يا ٻہ سنڌي بيت ڏنا، جن ۾ سلوڪ جي مرڪزي مفهوم کي آسان لفظن ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس.
هن ڪتاب جي تصنيف لاءِ شاھہ لطف قادريءَ، ’علم طريقت‘ بابت سالن جا سال ڪيترن ڪتابن جو مطالعو ۽ اُنهن تي غور ۽ فڪر ڪيو. هن ڪتاب جي باب پنجين ۾ ’دقيق‘ ۽ ’طريق‘ جي اصطلاحن ڪتب آڻڻ مان معلوم ٿئي ٿو تہ علم سلوڪ جي سلسلي ۾ لطف قادريءَ، احمد روميءَ جي معياري ڪتاب ’دقائق الطريق‘ جو بہ مطالعو ڪيو هو. اهو بہ معلوم ٿئي ٿو تہ شاھہ لطف جي دور [11 صديءَ] ۾، سنڌ ۾ ڪن ڪم علم بلڪہ جاهل شخصن، پاڻ کي ’صوفي‘ سڏائڻ شروع ڪيو ۽ بنا سمجهہ سوچ جي اڳين بزرگن جا قول ۽ ڪلام، پنهنجن مقصدن خاطر دليلن طور ڪتب آندا. شاھہ لطف هڪ باعمل عالم ۽ صاف دل صوفي هو، اُن ڪري هن ڪتاب جي باب ڇهين ۾ هُن اهڙن ’جاهل صوفين‘ کي هنن لفظن ۾ ننديو آهي: ”جاهل صوفي، دين جا چور ۽ مسلمانن کي لُٽيندڙ آهن.“ هن ’منهاج المعرفت‘ ڪتاب اُن ڪري لکيو هو تہ سُلوڪ ۽ معرفت بابت صحيح شعور پيدا ٿئي ۽ اڳين ولين ۽ بزرگن جي قولن کي درست نموني سمجهيو وڃي. هن تصنيف مان سندس مقصد اصلاحي هو، پر پنھنجي وسيع مطالعي، صاف ذهن، سنجيدہ فڪر، سهڻن دليلن ۽ اسلوب بيان ۾ ايجاز ۽ اختصار سان ’سلوڪ ۽ طريقت‘ بابت هڪ اعليٰ ۽ معياري ڪتاب لکي ورتائين. ان ۾ ڪو بہ شڪ نہ آهي تہ ’منهاج المعرفت‘ سنڌ جي هن اهل دل عالم ۽ صوفيءَ جي معنوي ۽ نظرياتي لحاظ سان، تصوف ۽ طريقت بابت هڪ معياري ۽ يادگار تصنيف آهي.
’منهاج المعرفت‘ ۾ جملي ايڪيھہ (21) باب آهن. اُنهن ۾ پهرئين کان وٺي ڇهين باب تائين ۽ وري نائين کان ارڙهين باب تائين، هر هڪ باب جي آخر ۾ هڪ سنڌي بيت ڏنل آهي. اوڻيهين باب ۾ ٻہ ۽ ايڪيهن باب ۾ ٻہ بيت ڏنا ويا آهن. اهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾ جملي 20 سنڌي بيت آهن.
’منهاج المعرفت‘ 1078ھہ/ 1667ع ۾ لکيو ويو ۽ ايتري آڳاٽي تصنيف ۾، ايترن سنڌي بيتن جو موجود هجڻ، ان کي سنڌي شعر و نظم جي تاريخ جو هڪ اهم ماخذ ثابت ڪري ٿو.
(3) سنڌي رسالو: شاھہ لطف قادريءَ هيءُ رسالو ڪڏهن جوڙيو ان بابت ڪجهہ چئي نہ ٿو سگهجي، پر گمان غالب آهي تہ ‘منهاج المعرفت’ جوڙڻ وقت کيس سنڌيءَ ۾ سلوڪ جي نُڪتن سمجهائڻ جو پورو احساس هو، جنهنڪري مختلف بابن جي آخر ۾ سنڌي بيت شامل ڪيائين. غالباً اهي بيت پڙهندڙن وٽ نهايت مقبول ٿيا ۽ شاھہ لطف قادريءَ، ويتر وڌيڪ محسوس ڪيو تہ جيڪر سلوڪ جا جملي اهم نُڪتا، سنڌي بيتن ۾ بيان ڪيا وڃن تہ هوند پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ گهڻن کي سولائيءَ سان سمجهہ ۾ اچي سگهن. انهيءَ ڪري لطف قادريءَ، وڏي چاھہ ۽ ڪوڏَ مان ويهي سنڌي بيتن ۾ هيءُ رسالو جوڙيو. رسالي جي مقدمي ۾ هن ڌڻيءَ جي ساراھہ بعد، رسالي جوڙڻ واري اُنهيءَ مقصد کي هن طرح کولي بيان ڪيو تہ:
ڪوڏا ڪِئو رسالو ايءُ، فقير جوڙي بيتن،
تہ هوءِ سَنڌي وائي سَهُلو، ٻجهڻ اٻوجهن،
پاهنجيءَ ٻوليءَ ڪري، سِگهائين ايءُ سکن،
لطف چئي، لئي پيو، ور سِکن ۽ پڙهن.
‘منهاج المعرفت’ ۽ ‘سنڌي رسالي’ جي ڀيٽ مان ظاهر آهي ته، ‘سنڌي رسالو’، ‘منهاج المعرفت’ جو لفظي يا معنوي ترجمو ڪونهي، پر هڪ الڳ مستقل تصنيف آهي، جيتوڻيڪ ٻنهي تصنيفن جو مکيہ مضمون توحيد ۽ طريقت آهي، پر فڪر ۽ معنيٰ جي لحاظ سان ‘سنڌي رسالو’ وڌيڪ جامع آهي.
‘منهاج المعرفت’، سلوڪ جي موضوع بابت هڪ سلسليوار عالمانه سمجهاڻي آهي، [جيڪو] مرشد، مريد ۽ شريعت جي بيان سان شروع ٿئي ٿو ۽ الاهي صفات ۽ باري تعاليٰ جي وحدت تي ختم ٿئي ٿو. اُن جي ابتڙ ‘سنڌي رسالو’ وحدت باري تعاليٰ جي مرڪزي مضمون جي وضاحت سان شروع ٿئي ٿو، ۽ آخر ۾ فَقر ۽ فقيرن ۽ پيرن مرشدن جي حال حقيقت جي بيان تي ختم ٿئي ٿو. ‘منهاج المعرفت’ ۾ ايڪيھہ باب آهن، پر سنڌي رسالي ۾ شاھہ لطف قادريءَ، سلوڪ ۽ طريقت جا فقط ست موضوع ورجايا آهن، جيڪي سندس نظر ۾ وڌيڪ جامع ۽ سنڌيءَ ۾ عوام کي سمجهائڻ لاءِ وڌيڪ موزون ۽ مناسب هئا.
‘منهاج المعرفت’ جي ڌار ڌار بابن هيٺ جيڪي ويھہ (20) سنڌي بيت ڏنا ويا آهن، تن مان فقط چار بيت ‘رسالي’ ۾ ٻيهر آندا ويا آهن. انهن چئن بيتن جي سٽن جي ‘سنڌي رسالي’ ۾ اصلاح ڪئي وئي آهي، جيڪا مقصد توڙي مناسبت جي لحاظ کان بهتر آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ‘سنڌي رسالي’ جي تصنيف جي سال بابت لکيو آهي ته، “منهاج المعرفت سن 1078ھہ جي تصنيف آهي ۽ جيڪڏهن ‘سنڌي رسالو’ اُن بعد وڌ ۾ وڌ پنجن سالن اندر لکيو ويو هجي تہ پوءِ رسالي جي تصنيف 1078- 1083ھہ واري عرصي ۾ قرار ڏئي سگهجي ٿي.
مصنف (شاھہ لطف ) جي لکڻ موجب هن رسالي جي ستن ‘قسمن’ هيٺ متن ۾ جملي ٽي سؤ ستر [370] بيت هئا. ان کان سواءِ ٻہ بيت، رسالي جي شروع ۾ مهاڳ طور ڏنل آهن، ۽ پڻ ستن ئي ‘قسمن’ مان هر هڪ ‘قسم’ جي مٿان هڪ بيت عنوان طور منظوم ٿيل آهي. يعني تہ ڳاڻيٽي جي لحاظ سان نَوَ (9) ٻيا بہ بيت موجود آهن، جن جي اضافي سان مصنف جي لکئي موجب هن رسالي جي اصل نسخي ۾ جملي 379 بيت هئڻ گهرجن، پر شايد نسخن جي نقل در نقل، متن ۾ ورقن جي مٽ سٽ، يا ڪن ورقن جي ضايع ٿيڻ يا ڪاتبن کان مسلڪ طور يا سهواً ڇڏڻ سبب، موجود نسخي ۾ جملي 337 بيت موجود آهن.
بهرحال ‘منهاج المعرفت’ جي 20 بيتن ۽ ‘سنڌي رسالي’ جي 337 بيتن سميت جملي 357 سنڌي بيت، شاھہ لطف قادريءَ جي سنڌي شاعريءَ جا ٿين ٿا. ان ڪري، موجودہ تحقيق جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو تہ شاھہ لطف قادريءَ جو رسالو، سنڌي شاعريءَ [بيت] جي تاريخ ۾ پهريون وڏو ڪتاب آهي، جيڪو سمورو سنڌي بيتن تي مشتمل آهي.
شاھہ لطف جي شاعري ۽ عرفان: سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي شاعري تصوف تي مبني آهي يا ائين کڻي چئجي تہ اوائلي سنڌي شاعريءَ جو بنيادي محرڪ تصوف آهي. ٻين لفظن ۾ صوفي ئي سنڌي ٻوليءَ جي شاعريءَ جا معمار آهن. انهيءَ پسمنظر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ
۾ قاضي قادن [وفات: 1551ع] کي پهريون صوفي شاعر تسليم
ڪيو ويو آهي، جنهن جو پهريون ثبوت، سندس ست بيت هئا، جيڪي شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جهڙي وڏي درويش ۽ صوفي شاعر پنھنجي محفلن ۾ پاڻ پڙهيا هئا ۽ ‘بيان العارفين’ ۾ شاھہ ڪريم جي سنڌي بيتن سان گڏ محفوظ رهجي ويا. بعد ۾ نامور محقق هيري ٺڪر، گجرات رياست جي راڻيلا ڳوٺ جي هڪ مَٺِ مان ديوناگري لپيءَ ۾ قاضي قادن جا 112 [نوان بيت] تحقيق ڪري هٿ ڪيا. ان کانپوءِ سنڌي شاعريءَ جي ذخيري ۾ شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جا 94 بيت شمار ٿين ٿا. [هڪ اندازي مطابق] شاھہ عبدالڪريم کان فقط ٽيھہ سال پوءِ جڏهن لطف قادري انهيءَ ميدان ۾ قدم رکيو تہ کيس اهو پسمنظر سامهون هو. ان نموني شاھہ لطف قادريءَ جو ڪلام، قاضي قادن کان وٺي شاھہ لطيف تائين ‘سنڌي اساسي شاعري’ جي اِنهيءَ اوسر ۽ عروج واري سلسلي جي وچين ۽ اهم ڪڙي آهي.
شاھہ لطف قادري بنيادي طور عالم ۽ عارف هو. تنهنڪري سندس شاعريءَ ۾ بہ اهو ئي عالمانه ۽ عارفانہ رنگ ڍنگ موجود آهي. هن جي ذهن ۾ شاعريءَ کان وڌيڪ اهو مقصد هو، جنهن لاءِ هن شاعريءَ کي ذريعي طور اختيار ڪيو. انهيءَ پس منظر ۾ هن پنھنجي شاعريءَ کي ستن موضوعن ۾ ورهايو آهي، پهرئين موضوع ۾ ‘ذات خدا وند عالم جي توحيد ۽ وحدت’ آهي، ٻئي ۾ ‘سالڪن جي سلوڪ’ بابت سمجهاڻي ڏني وئي آهي. ٽئين ۾ ‘ذڪر’ جو بيان آهي. چوٿين ۾ ‘وحدت ۽ موحدن’ بابت وجودي رنگ جي تشريح آهي. پنجين ۾ ‘عاشقن ۽ حسن جي حقيقت’ بابت اظهار خيال ڪري ٿو، ڇهين ۾ ‘دنيا جي ترڪ ڪرڻ ۽ فقر جي حقيقت’ بيان ٿيل آهي. ستين ۾ ‘مرشد ۽ سالڪ’ يا جنهن کي هو ‘جوڳين، ڪاپڙين، نانگن، آديسين، ويراڳين، کاهوڙين، سامين ۽ سنياسين جي روپ’ ۾ ڏسي ٿو. انهن جي فنا ۽ بقا، مراقبي ۽ مشاهدي وارين حالتن جو نهايت اثرائتي انداز ۾ بيان ڪري ٿو.
ڏٺو وڃي تہ مٿينءَ ترتيب سان لطف قادريءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ تصوف جي نهايت اهم ۽ بنيادي مسئلن کي هٿ ۾ کنيو آهي، جنهن ۾ سڀ کان اول ذات باريءَ جي وجود، ذات ۽ صفت، وحدت ۽ ڪثرت جو بحث شامل آهي، ان کانپوءِ سلوڪ ۽ معرفت، سالڪ ۽ عارف، مرشد ۽ مريد جي تعلق کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هڪ لحاظ کان ڏسجي تہ لڳ ڀڳ اهي ساڳيا موضوع ‘منهاج المعرفت’ ۾ بہ زير بحث آهن. بهرحال شاھہ لطف قادريءَ جي شاعريءَ مان محسوس ٿئي ٿو تہ سندس مقصد شاعريءَ کان وڌيڪ تصوف جي ڳوڙهن مسئلن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ بيتن جي دلڪش روپ ۾ پيش ڪرڻ هو، انهيءَ ڪري سندس انداز علمي ۽ فڪري آهي. جنهن لاءِ هن قرآن شريف جون ڪيتريون ئي آيتون، حديثون، صوفين، عارفن
۽ بزرگن جا قول سڌا سنوان شاهديءَ طور تضمين ڪري بيتن ۾ آندا.
شاھہ لطف قادريءَ پنهنجن هنن بيتن ۾ ڪلمن جي صفت، وحدت ۽ موحدن، عشق ۽ عاشقن، فقر ۽ فقيرن جهڙن معنوي مضمونن کي ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن مضمونن جو تعلق محض ‘ڳالھہ’ يا ‘بيان’ سان ناهي، پر فڪر ۽ خيال، ارادي ۽ اعتقاد، بلڪ فلسفي ۽ نفسيات جي ڳوڙهن نُڪتن سان آهي.
شاھہ لطف قادري پهريون بلند پايي جو صوفي ۽ عارف هو، جنهن پنهنجن سنڌي بيتن ۾ تصوف ۽ معرفت جي اُنهن ڳوڙهن معنوي نُڪتن کي ورجايو آهي ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ محض ‘قصي جي اپٽار’ يا ‘ڳالھہ جي ظاهري پچار’ جي بدران اعليٰ عارفانہ فڪر، حقائق جي نظر ۽ معنوي پس منظر واري راھہ کي روشن ڪيو آهي. کانئس پوءِ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ، بلڪل انهيءَ نهج ۽ نموني تي پنهنجن بيتن کي معنوي معيار جو مثال بنائي، انهن کي ‘روايتن’ جي بدران ‘آيتن’ جو آئينو بنايو.
شاھہ ڪريم بلڙيءَ واري جي وفات وقت شاھہ لطف قادري
24 سالن کن جو هو، اُن ڪري شاھہ ڪريم جي عارفانہ مقام ۽ ڪلام جي کيس پوري آگاهي حاصل ٿي. اُن جو ثبوت شاھہ لطف جي بيتن ۾ ملي ٿو، جيڪي هن غالباً شاھہ ڪريم جي بيتن کان متاثر ٿي چيا. مثلاً: شاھہ ڪريم ‘وحدت الوجودي’ ماهيت کي پنهنجن هيٺين بيتن ۾ بيان ڪيو آهي:
پاڻ ئي سلطان، پاڻ ئي ڏئي سنيهڙا،
پاڻ ڪري پاڻ لهي، پاڻ سڃاڻي پاڻ.
-
سو ئي هيڏي، سوئي هوڏان، سوئي من وسي،
تَهين سندي سوجهري، سو ئي سو وَسي!
شاھہ لطف قادريءَ بہ انهيءَ ساڳئي مضمون کي، ساڳئي اسلوب بيان ۾، پر وڌيڪ دليلن ۽ مثالن سان ورجايو آهي. مثال طور:
سو ئي سلطان، شاه سو، سوئي پيڙهي راءِ،
سو ئي حڪم هلائي عالم ۾، سوئي ڏيکاريندڙ راه.
شاھہ ڪريم، پنھنجي هڪ بيت ۾ ‘پِرين جي پر’ جي ترڪيب ڪم آندي آهي:
ڪا جا ‘پر پرين’، نہ سا ٻُڌي، نہ سُئي،
متيون سڀ مُنجهن، ايهي ڏٺي قضيي.
شاھہ لطف الله، اُن کان متاثر ٿي چيو ته،
حيرت هنيا سڀ، اِت دعواگير دهليا،
پسي ‘پر پرين’ جي، مُنجهي سڀ ويا.
شاھہ ڪريم کان اڳ، عام قصن ۽ ڪهاڻين، مشغلن [پورهين] ۽ مضمونن مان ڪي ٿورا اعليٰ اخلاقي شاعريءَ لاءِ مثالي قالبن طور استعمال ٿيا هئا. موجودہ ڄاڻ موجب اڳ جي عارفن ۽ شاعرن فقط مورڙي ۽ مانگر مڇ جي قصي، ڪلاڙن جي مشغلي ۽ سسئيءَ جي داستانن کي پنهنجن بيتن ۾ تمثيل طور استعمال ڪيو هو، جھڙوڪ: سماع جي هڪ محفل ۾ سنڌي ذاڪرن جو ‘مورڙي ۽ مانگر مڇ’ جي قصي مان ڳايل بيت، مخدوم احمد ڀٽيءَ جي سماع جي مجلس ۾ هڪ سوناري ڇوڪري جو ‘ڪلاڙن’ جي مضمون مان پڙهيل بيت ۽ ميين علي شيرازيءَ جو سُر سسئيءَ مان چيل بيت وغيرہ.
اهڙيءَ طرح سنڌي اساسي شاعريءَ ۾ شاھہ ڪريم بُلڙيءَ وارو غالباً پهريون شاعر هو، جنهن عام داستانن، قصيدن ۽ مشغلن [پورهين] مان پندرهن کن کي پنھنجي معنوي بيتن لاءِ مثالي قالب بنايو. مثلاً: سهڻي، مارئي، سسئي، ليلان ۽ مومل جي داستانن، توڙي گهاتُن، موکي متارن، ڪڇ جي لوڙائن، کاهوڙين، ڏاتارن ۽ مڱڻن ۽ پڻ ٻين مختلف عنوانن ۽ مشغلن، جھڙوڪ: هَنجن جي وصفن، ڪرهي تي چڙهي محبوب سان ملاقاتن، لوهارن، پاڻهيارين ۽ سندن ورن، مُورکن جي مورکائي، چورن جي لِڪَ وغيرہ کي پنهنجن بيتن لاءِ تمثيلي قالب بنايائين.
شاھہ لطف قادريءَ جي آڏو فقط ‘سلوڪ ۽ طريقت’ جو هڪ مکيہ مضمون هو، جنهن جي وضاحت ڪرڻ ٿي چاهيائين. اُنهيءَ سلسلي ۾، حق ۽ حقيقت جي تلاش، طالبن ۽ سالڪن جي جدوجھد کي تمثيل طور ‘سامونڊي ناکئن’ جي منزل مقصود ڏانهن هاڪاري هلڻ ۽ ‘جوڳين ۽ آديسين’ کي سندن ياترائن خاطر ڪشالن ڪڍڻ سان ڀيٽي، تفصيلي سمجهاڻي ڏنائين. انهن تمثيلن جي ذريعي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ موجب: شاھہ لطف قادريءَ، سنڌي اساسي شاعريءَ ۾ ‘سامونڊين ۽ ناکئن’ ۽ ‘جوڳين ۽ آديسين’ وارا نوان تمثيلي مضمون رائج ڪيا، جيڪي کانئس اڳ ٻئي ڪنهن بہ شاعر نہ آندا هئا.
[نوٽ: ‘جوڳيءَ’ واري تمثيل اُن کان اڳ قاضي قادن پڻ ڪتب آندي هئي، مثلاً: “جوڳيءَ جاڳايوس، سُتو هوس ننڊ ۾.”]
شاھہ لطف قادريءَ کانپوءِ اُهي مضمون ۽ عنوان ميين شاھہ عنات توڙي شاھہ لطيف لاءِ بنياد بنيا ۽ ٻنهي وڏن شاعرن، اُنهن مضمونن کي- سُر سامونڊي، سُر سريراڳ، سُر پورب ۽ سُر رامڪليءَ جي عنوانن سان- وڏي ذوق ۽ اهميت سان بيان ڪيو ۽ ان ۾ فڪري گهرائي پيدا ڪئي.
شاھہ لطف قادريءَ، رسالي جي ‘قسم ٻئي’ هيٺ ‘سامونڊي ۽ ناکئن’ جي تمثيل سان راھہِ طريقت ۾ ‘سالڪن جي سفر’ کي سمجهايو آهي، ۽ اُنهن حقن جي طالب ‘سامونڊين’ جي بزرگي ۽ برتريءَ کي کولي بيان ڪيو آهي. اهڙيءَ ريت هن ‘قسم ڇهين’ هيٺ جوڳين، آديسين، سامين ۽ ڪاپڙين جي عادتن ۽ اطوارن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي ۽ ‘قسم ستين’ هيٺ طريقت جي پيرن ۽ مرشدن ۽ سندن منزلن کي تمثيل طور جوڳين، فقيرن ۽ سندن تڪين ۽ تيرٿن سان ڀيٽيو آهي.
‘هيئت’ توڙي ‘فني سٽاءَ’ جي لحاظ سان پڻ شاھہ لطف قادريءَ جي بيتن ۾ ڪي اهم ۽ نيون صنفون ملن ٿيون، جي اڳين شاعرن [جن جو ڪلام هن وقت تائين دستياب ٿيو آهي] جي بيتن ۾ ناپيد آهن. قاضي قادن جي ڪلام ۾ ‘سنڌي دوهي’ کان وٺي ‘سنڌي بيت’ تائين ارتقا جون سڀئي صورتون ملن ٿيون. ان دور جي ميين سيد علي شيرازيءَ جو هڪ بيت چئن سٽن وارو ملي ٿو، ان بعد شاھہ ڪريم جي ڪلام ۾ سندس ٽيانوي بيتن ۽ دوهن مان پڻ نوي ٻن سٽن وارا ۽ فقط ٽي بيت ٽن سٽن وارا آهن. شاھہ لطف قادري کان اڳ واري دؤر ۾ جيتوڻيڪ ٽن يا چئن سٽن وارن سنڌي بيتن جي شروعات ٿي چڪي هئي، پر مجموعي طور ‘سنڌي بيت’ اڃا ٻن سٽن وارو ئي هو. ان جي برعڪس شاھہ لطف قادريءَ جي ڪلام ۾ چئن ۽ پنجن سٽن وارا بيت عام جام ملن ٿا ۽ ڪن بيتن ۾ تہ سٽن جو تعداد وڌي وڃي ڇھن ۽ ستن سٽن تائين پهچي ٿو.
شاعرانه فن جي لحاظ سان ‘وراڻ’ يا ‘تڪرار’ وارو سٽاءُ پهريون ڀيرو شاھہ لطف قادريءَ جي بيتن ۾ پوري تسلسل ۽ تفصيل سان نظر اچي ٿو. هن سٽاءَ موجب شاعر هڪ کان وڌيڪ بيتن ۾ ساڳئي مضمون کي ورجائڻ خاطر ڪي ساڳيا لفظ، اصطلاح يا فقرا ورائي ورائي آڻيندو آهي، انهيءَ ‘وراڻ’ يا ‘تڪرار’ جو مقصد ڪنهن خيال يا ڳالھہ جي تصديق، توثيق يا تاڪيد هوندو آهي يا وري دلي طلب ۽ تحسين جي پوري ذوق سان اظهار. لفظن جو تڪرار شاھہ لطف کان اڳ شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي بيتن ۾ بہ موجود آهي. فني لحاظ کان شاھہ لطف قادري ‘وراڻ’ يا ‘تڪرار’ واري انهيءَ شاعرانه فني خصوصيت کي پوريءَ طرح استعمال ڪري، پوين شاعرن لاءِ مثال قائم ڪيو. کائنس پوءِ اِها فني خصوصيت ميين شاھہ عنات ۽ خصوصاً شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتن جو جز بڻي ۽ ان بعد عام طور استعمال ۾ آئي.
شاھہ لطف قادريءَ، نہ فقط سنڌي بيت جي هيئت ۽ فني سٽاءَ ۾ اهي اهم اضافا ڪيا، پر ساڳئي قافيي وارين سٽن جي تعداد ۾ پڻ اضافو ڪري، ‘ڊگهابند’ جوڙيا، جن جو مثال پهريون ڀيرو سندس ڪلام ۾ ملي ٿو. ‘شاھہ لطف قادري’ جي ‘سنڌي رسالي’ جي شروع ۾ اهڙا ٻہ ‘ڊگها بند’ موجود آهن، جن مان پهرئين ۾ ڇھہ ۽ ٻئي ۾ يارهن هم قافيه سٽون موجود آهن. شاھہ لطف کان اڳ سنڌي عالمن ۽ شاعرن جون شعر خواھہ نثر ۾ جيڪي تصنيفون ملن ٿيون. سي عربي يا فارسيءَ ۾ [سواءِ چند سنڌي منظومين جي] آهن، شاھہ لطف غالباً پهريون عالم ۽ عارف هو، جنهن محسوس ڪيو تہ سنڌ جا عوام جن جي مادري ٻولي سنڌي آهي ۽ اهي فقط سنڌيءَ ۾ ئي آسانيءَ سان ڪنهن ڳالھہ کي سمجهي سگهندا، تن جي سهولت خاطر ضروري آهي تہ علمي مسئلا سندن مادري زبان ۾ بيان ڪيا وڃن تہ جيئن هو نہ فقط سولائيءَ سان، پر ذوق ۽ شوق سان پڙهن ۽ سمجهن. انهيءَ احساس کان پوءِ، شاھہ لطف قادريءَ ‘سنڌي رسالو’ جوڙيو. سندن ڪلام ۾ قدري معنويت ۽ بيان جي پيچيدگي گهڻي نظر اچي ٿي، پر سندس اڪثر ڪلام ۾ رواني موجود آهي. ڪي سٽون ۽ بيت شاعرانه شعور توڙي ٻوليءَ جي فصاحت جا نهايت سھڻا مثال آهن.
شاھہ لطف قادريءَ جو گهڻو تڻو ڪلام تصوف جي مسئلن جي سمجهاڻي ۽ توحيد خالص تي مبني آهي. هن ڪو خاص قصو يا رومانوي داستان بيان نہ ڪيو آهي.
هن تصوف جي ڳوڙهن مسئلن کي سؤلو ڪري پيش ڪيو آهي. مثال طور: ‘ذات’، ‘صفت’، ‘وحدت’ ۽ ‘ڪثرت’ جي ڳوڙهي مسئلي کي مختلف مثالن ذريعي هن ريت سمجهائي ٿو:
سمنڊ کنيو پساھہ، ڪوڙين موڄ اُڀرئا.
-
سيئي وهيا واهڙا، اڌ مئو مهراڻ.
-
جي ذات گڏي ذات کي، لھي سگهي ڪوءِ.
-
سوئي پاڻي کُوهرين، سوئي سمنڊن هوءِ.
-
سو سيڪُڙو، ساسِڪَ، ڳلھہ مڙوئي هيڪڙي.
شاھہ لطف قادريءَ جو ڪلام سنڌ جي نامياري عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ترتيب ڏنو، جنهن جو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شوري طرفان پهريون ڇاپو 1968ع ۾ ڇپيو. سنڌي شاعريءَ جو هي اهم ۽ بنيادي ڪتاب ڪيترن سالن تائين اڻ لڀ رهيو. جنهن جي ضرورت محسوس ڪندي، اڳتي هلي ساڳئي اداري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ان جو ٻيو ايڊيشن 2004ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جڏهن تہ هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. پوين ٻنهي ڇاپن جا عڪس هيٺ ڏجن ٿا:
شاھہ لطف قادريءَ جا ڪجهہ بيت هيٺ ڏجن ٿا، تہ جيئن سنڌي بيت جي ارتقا سمجهي سگهجي.
سُڄي جو اتانگهہ، تِنھ ۾ ڪِئائون تَڪيا،
اُو نہ ڪنھ پيرَ، نہ پيچري، اندر وَھہ وئا.
-
حسن حبيبن جو، پَسين جي پيهي،
تو تو کي سڀيئي، ٻيون وڃن وسري.
-
وحدت سڀ وجود ۾، هيڪا هيڪَ پسن،
اُو ٻِئايان ٻَهارِ ٿيا، دعويٰ دمُ نہ ڪَن،
سي منجهہ حيرت رهن، ڪينَ ڪيائون تَڪيو.
-
تَڪيا پَسي تن جا، من ۾ ٿئو ماتام،
آيل! آديسين ري، اچي نہ آرام،
اُوءِ دُونهين ورا دامُ، ڏيئي وِرھہ واٽَ ٿئا.
-
جتي ’ڪون‘ نہ ’مڪان‘ ڪو، تِت ڪيائون سير،
اُتي عالم ڪيترا، پروڙئو پائن پير،
ايءَ ڳُجها ڳُجهہ جي ڳالهڙي، ڪمتر پروڙي ڪيرُ،
اڻ پيريءَ ۾ پيرُ، ڪِنين پاتو پيريين!
-
جتي عقل نہ علم ڪِين، اُوءِ تاڻِن تيڏاهين،
جيلاه وَهُه پِئون وِترو، تي وڃن اوڏاهين،
سي پيٺا وحدت ويءَ ۾، ساراهِن سائين،
نانڪُتا نادر وحدت جا، حاصل حضورا هين،
جُھ اچن اُتاهين، تہ اُهڃ ڏين اڳانجها گهڻو.
-
نَڪا صورت سرير جي، نَڪو قِيل نہ قال،
سي وجودان وهي وئا، جن ڏٺو پري جمال،
تيهي ظرافت ذات جي، تِهو حُسن ڪمال،
تيهيءَ تجلي تام سڄڻين، تِهو ضوء زولال،
تيهي لطافت لطيف سو، تِهو خوبي خال،
تِهو ذوق زينت پِري جي، تِهو خاص خيال،
سڀ سڀوئي حال، پيهِي ڪن پروڙئو.
هنن بيتن جو سٽاءُ اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي پوين شاعرن لاءِ واٽ جي لاٽ رهيو ۽ انهن پوءِ دوهي، سورٺي ۽ بيت جي سٽاءَ کي وڌيڪ تڪميل تي پھچايو. شاھہ لطف قادريءَ جي هنن بيتن ۾ ‘تڪيا پَسي تن جا’، ‘آيل! آديسين ري’ وغيرہ ترڪيبون، شاھہ لطيف ۽ ٻين شاعرن بہ ڪم آنديون آهن، ان مان معلوم ٿئي ٿو تہ شاھہ لطف قادريءَ جي شاعريءَ جو اثر کانئس پوءِ وارن شاعرن بہ قبول ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو