
شاهه عنايت شهيد ڪتاب
شاھہ عنايت شھيد: سنڌ جو سوشلسٽ صوفي (ڪتاب): صوفي شاھہ عنايت بابت مختلف ليکڪن ۽ اديبن جي مضمونن تي مشتمل هيءُ ڪتاب ليکڪ ۽ قانوندان حسين بادشاھہ مرتب ڪيو آهي. جنهن ۾ شھيد شاھہ عنايت جي زندگيءَ کان ويندي سندس تحريڪ ۽ ان دور جي حالتن جو جائزو ورتو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي نامور محققن جا 21 مضمون شامل آهن.
275 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي روشني پبليڪيشن ڪنڊياري، 2004ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.