شاھہ عثمان قريشي سھروردي

شاھہ عثمان قريشي، سھروردي: مخدوم شاھہ عثمان ولد ميان بھاؤالدين قريشي، 25 ربيع الاول 590 ھہ/ 20 مارچ 1194ع ۾ باگڙجي (موجودہ ضلعي سکر) ۾ ڄائو. سندس وڏو ڏاڏو شيخ المشائخ محمد صديق مڪي کان هجرت ڪري سنڌ آيو هو. روايت آهي تہ هڪڙي ڏينهن مخدوم شاھہ عثمان کي هڪ مست مجذوب بشارت ڏني تہ تون واصل بالله ٿيندين، تنهنڪري تون ملتان وڃي شيخ المشائخ حضرت بھاؤالدين زڪريا جي خدمت ۾ حاضر ٿي. مخدوم عثمان ٻئي ڏينهن صبح جو ملتان روانو ٿيو ۽ شيخ بھاؤالدين زڪريا ملتانيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. مخدوم بھاؤالدين زڪريا بہ ساڻس محبت سان پيش آيو. جنهن هن کي ڇھہ سال شرعي علمن: تفسير، حديث ۽ فقھ جي تعليم ڏني. جڏهن شاھہ عثمان علم پڙهي پورو ڪيو تہ ٻہ سال وري تصوف ۽ توحيد جا سبق پڙهيائين. حضرت غؤث بھاؤالدين زڪريا سندس تمام گهڻو خيال رکندو هو، اٺن سالن کانپوءِ کيس خلافت جو خرقو ڍڪايائين ۽ کيس سنڌ ۾ وڃي اسلام جي خدمت ڪرڻ جي هدايت ڪيائين. ملتان مان موڪلائي شاھہ عثمان باگڙجيءَ آيو، جتي هزارين ماڻهن سندس استقبال ڪيو ۽ اتي رهي درس تدريس جو سلسلو شروع ڪيائين. مخدوم شاھہ عثمان رجب 663ھہ/مطابق اپريل 1265ع ۾ وفات ڪئي. جنهن کانپوءِ سندس فرزند مخدوم صدرالدين قريشي سجادہ نشين ٿيو. مخدوم شاھہ عثمان قريشي سهرورديءَ جي مزار سکر شھر کان چار ڪلوميٽر پري سکر شڪارپور روڊ تي اولھہ طرف ڳوٺ فراش ۾ موجود آهي. سندس مزار تي اڏيل قبو فن تعمير جو نادر نمونو آهي. هن وقت پير فيض احمد قريشي هاشمي گادي نشين آهي.
هر سال 27 رجب تي ڳوٺ فراش ۾ ‘مخدوم شاھہ عثمان ادبي ڪانفرنس’ منعقد ٿيندي آهي، جنهن ۾ عالم، اديب ۽ شاعر مخدوم صاحب بابت پنهنجون تحريرون پڙهندا آهن.
سندس شخصيت تي هن وقت تائين ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾: (1) سوانح حيات مخدوم محمد عثمان قريشي، (ليکڪ: اورنگزيب مھر)، (2) مخدوم شاھہ عثمان قريشي فراش (ليکڪ: آءِ سومرو'>حزب آءِ سومرو)، (3) مقالا مخدوم شاھہ عثمان قريشي فراش، (مرتب: حاجي عبدالحميد سومرو)، (4) سوانح حيات مخدوم صدر شاھہ عثماني قريشي، (ليکڪ: علامہ عبداللطيف سڪندري)، (5) عقيدت جا گل (مرتب: حاجي عبدالحميد سومرو)، (6) سوانح حيات مخدوم صدر شاھہ عثماني قريشي سھروردي (ليکڪ: ڪاشف حسين سومرو)، (7) سنڌ جو ولي ڪامل حضرت مخدوم صدر شاھہ عثماني قريشي، سهروردي، فراشي (ترتيب: عبدالجبار عبد ۽ ارباب علي ‘عادل’ چوهاڻ) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1194.03.20  عيسوي

مخدوم شاهه عثمان ولد ميان بهاؤالدين قريشي، 25 ربيع الاول 590 هه/ 20 مارچ 1194ع ۾ باگڙجي (موجوده ضلعي سکر) ۾ ڄائو. مخدوم شاهه عثمان رجب 663هه/مطابق اپريل 1265ع ۾ وفات ڪئي



صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تصوف
چشتي سلسلو
خواجہ عبدالحميد
حاجن شاھہ بخاري سيد
رکيل ريلائي مخدوم
ساجن سوائي
سلطان ابراهيم شاھہ
ابو تراب شيخ
سليمان هندي فقير
حاجن شاھہ بخاري سيد 1
صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون