شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ميلو ۽ سنڌ جا ٻيا ميلا ملاکڙا ۽ ڪچهريون

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ميلو ۽ سنڌ جا ٻيا ميلا ملاکڙا ۽ ڪچهريون

شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جو ميلو ۽ سنڌ جا ٻيا ميلا ملاکڙا ۽ ڪچهريون

شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جو ميلو ۽ سنڌ جا ٻيا ميلا ملاکڙا ۽ ڪچهريون (ڪتاب): هن ڪتاب جو مصنف آعا شھاب الدين آهي. ڪتاب جو انتساب مصنف پنھنجي والد، تاج محمد خان'>آغا تاج محمد خان کي ڪيو آهي. مصنف ”ڪوجهو قلم‘ جي عنوان سان ڪتاب جو پيش لفظ لکي، پڙهندڙ کان رايا گهريا آهن. ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن جي عنوان سان لکيل مضمون ۾ شاھہ لطيف ۽ ڪتاب جي اهميت بابت چٽو ڪيو ويو آهي. ان کانپوءِ ‘تعارف’ جي سري هيٺ ڪتاب لکڻ جو مقصد بيان ڪيو ويو آهي. جنهن بعد تجويزون ڏنيون ويون آهن، جنهن ۾ ڳوٺاڻي ڪچهري، ادبي ڪانفرنس، اديبن جو ميڙ، فنڪارن جو ميڙ، مقالا نويسن جو ميڙ، لوڪ اديبن جو ميڙ، ساز ۽ سرور جي محفل، ميوزڪ اسڪول، مذهبي سيمينار، ريڊيو ۽ ٽيليويزن، ڪاروائي رڪارڊ، صنعتي، زرعي ۽ ثقافتي نمائش، مال پڙي، راندين، گهوڙن جي ڊوڙ، اشاعت خانا، انعامن جي ورڇ، ملاکڙي، مصوري، ناچ، سماجي سرگرمي، گاڏين بيهڻ جي سهولت، ميلي ۾ گهريل سهولتن، ڪراڙ ڍنڍ ۽ ڀٽ شاھہ شھر جي ترقي لاءِ تجويزون پيش ڪيل آهن.
ڪتاب جي آخر ۾ تاج محمد اڪيڊمي جو تعارف ڏنو ويو آهي. ڇپائيندڙ اداري جو نالو ۽ ڇپائيءَ جو سال نہ ڄاڻايو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو