
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مقبرو

مير عبدالحسين سانگيءَ جي قبر ۽ علامه دائود پوٽي جي قبر

شاهه جي روضي سان گڏ مسجد

ڪوڙين ڪن سلام، اچيو آسڻ اُن جي

مسجد جو مک دروازو ۽ مسجد جو اندريون ڏيک

مسافر خانو
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مقبرو:
سنڌ جي عظيم شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مقبرو، حيدرآباد کان 32 ميلن [57 ڪلوميٽرن] جي فاصلي تي، ڀٽ شاھہ ۾ واقع آهي. هي خوبصورت مقبرو، سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي ٺهرايو هو، جيڪو 1167ھہ/ 1754ع ۾ جُڙي راس ٿيو هو. مقبري جي تعمير ۾ گهڻي قدر ڪاشيءَ جي سرن جو استعمال ڪيو ويو آهي. مقبرو ان وقت جي نامياري رازي عيدن تعمير ڪيو هو.
شاھہ سائينءَ جو هي مقبرو ڪلهوڙن جي دور جي عمارتسازيءَ جي فن جو نادر نمونو آهي. مقبري جي احاطي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پنج محراب نما در آهن، جن جون ڪمانون اندران ۽ ٻاهران ڪاشيءَ جي رنگين ۽ گلڪاري ٿيل سرن سان ٺهيل آهن. احاطي ۾ سفيد سنگ مرمر جا ٿنڀ ٺهيل آهن، جن تي پڻ ساڳئي نموني جا نقش چٽيل آهن. مقبري جي اندرينءَ ڇت ۾ قنديل [شمع دان] لڳل آهن ۽ احاطي جي فرش ۾ سنگ مرمر ڪتب آندو ويو آهي.
مقبري جي ٻنهي پاسي گهڙيال لڳل آهن. مقبري جو دروازو صندل جي ڪاٺ جو ٺهيل آهي، جنهن تي چانديءَ جي چادر چڙهيل آهي. هي دروازو سنڌ جي آخري حڪمران مير محمد نصير خان ٽالپر ٺهرايو هو. دروازي جي مٿان ڪلمو پاڪ، هڪ پاسي ‘آية الڪرسي’ ۽ ٻئي پاسي ‘سورة اخلاص’ تحرير ٿيل آهن. ان کان سواءِ چانئٺ تي رنگين نقش ۽ گلڪاري بہ ٿيل آهي.
مقبري جي وچ تي شاھہ سائينءَ جي مزار موجود آهي. جنهن جي چـوڌاري ڪـاٺ جـو ڪٽـهـڙو [چـوکـنـڊي] ڏنـل آهـي، جنـهـن ۾ ڪيـترا عـقـيـدتـمـند بـاسـون باسـڻ وقـت سـڳا، ڌاڳا ٽنـگيـندا آهن. ان ڪٽهڙي
۾ خوبصـورتـيءَ لاءِ ڪٿـي ڪٿـي رنگـين شيشا بہ استعمال ڪيا ويا آهن.
ڪٽهڙي جي مٿان مخمل جو ڪپڙو ڏنل آهي، جنهن جي وچ ۾ سنهري چنڊ ۽ چئن پاسن کان سنهري تارا ٺهيل آهن. مزار جي سيرانديءَ مٿان تاج رکيل آهي. شاھہ سائينءَ جي مزار جي ساڄي پاسي سندس سؤٽ سيد جمال شاھہ رکيل آهي. مقبري جو ٻيو دروازو اتر پاسي آهي، جنهن ذريعي احاطي جي اولھہ واري حصي ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو. شاھہ سائينءَ جي مزار کان اُتر طرف ٿوري پنڌ تي سندس والد سيد شاھہ حبيب رح جو مقبرو آهي، جنهن ۾ گادي نشينن جون مزارون آهن. شاھہ لطيف جي روضي جي گرد ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ تي سجادہ نشين سيد علي بخش شاھہ عرف علڻ سائين، ۽ سيد لطيف علي شاھہ جون مزارون آهن.
لطيف سائينءَ جي روضي جي اولھہ ۽ ڏکڻ ۾ هڪ وڏو قبرستان موجود آهي. اولھہ طرف ٻين ڪيترين مزارن سان گڏ مير عبدالحسين سانگيءَ جي مزار آهي، ڏکڻ طرف ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو ۽ اُن دور جا عالم ۽ صوفي فقير مدفون آهن. هن قبرستان جي ڏکڻ اولھہ ڪنڊ تي تمر فقير جو تڪيو آهي. تمر فقير کي شاھہ سائينءَ جي فقيرن مان وڏو رتبو حاصل هو. هن شاھہ لطيف جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي هئي.
درگاھہ جي اوڀر ڏکڻ طرف ڪاشيءَ جي سرن سان هڪ عاليشان مسجد تعمير ٿيل آهي، جيڪا 1835ع ۾ ٽالپر حاڪم مير محمد نصير خان جي جوڙايل آهي. مسجد جي ڪشادي اڱڻ ۾ وضوءَ لاءِ بي شمار نلڪا لڳل آهن. مسجد جي صدر دروزاي جي ٻنهي پاسن تي نيري رنگ جون ڪاشيءَ جون سرون نصب ٿيل آهن. احاطي جي اولھہ طرف سائي رنگ جا ڄاري دار دروازا آهن. جڏهن تہ اتر پاسي واري ڀت تي چٽسالي ٿيل آهي.
شاھہ جي روضي سان گڏ مسجد
مسجد جي اندرين ديوارن تي شيشي جو ڪم ٿيل آهي. مسجد جي اتر ۽ ڏکڻ طرف ٻہ بلند مينار آهن، جن جا ستون [ٿنڀ] سائي ۽ پيلي رنگ جي ڄارين سان ٺهيل آهن. جڏهن تہ گنبذن جو رنگ سائو آهي. هن مسجد ۾ هڪ وقت ۾ هڪ هزار نمازي نماز ادا ڪري سگهن ٿا.
ان کان سواءِ درگاھہ جي ڏکڻ اوڀر واري حصي ۾ هڪ لنگرخانو [مسافرخانو] ۽ سبيل قائم آهن. درگاھہ جي اوڀر واري پاسي نوبت خانو آهي، جنهن ۾ مختلف وقتن تي عقيدتمندن ۽ سنڌ جي حڪمرانن طرفان مليل وڏا وڏا نغارا رکيل آهن. هي نغارا هر سال عرس جي موقعي تي وڄايا وڃن ٿا.
شاھہ لطيف جي درگاھہ جي اڱڻ تي ‘شاھہ جا فقير’ تنبوري جي تند تي سندس بيت ۽ وايون، رات کان صبح تائين ڳائين ٿا، جن کي ٻڌي پانڌيئڙا روحاني ۽ قلبي سڪون حاصل ڪن ٿا. شاھہ لطيف جو عرس هر سال چوڏهين صفر کان [ٽي ڏينهن لاڳيتو] نهايت عقيدت سان ملهايو ويندو آهي.
وڌيڪ ڏسو: شاھہ لطيف جي درگاھہ جا سجادہ نشين گادي نشين