
ترائي وارو تڪيو

نئيگ شريف وارو تڪيو
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جا تڪيا:
سڄيءَ سنڌ ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جا تڪيا قائم آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1)جمعي غنياڻيءَ وارو تڪيو: هي تڪيو جاتيءَ کان اتر ۾ ڇھن ميلن جي پنڌ تي آهي.
(2)بلڙيءَ وارو تڪيو: هي تڪيو درگاھہ شاھہ ڪريم بلڙيءَ جي اتر ۾ آهي.
(3)واگهين جي ڀٽ وارو تڪيو: هي تڪيو ڀٽ نارا ڪئنال جي ڀرسان آهي.
(4)لئي وارو تڪيو: هي تڪيو، ساڱري ڍوري، ضلعي بدين ۾ واقع آهي.
(5)دنبڙي ترائيءَ وارو تڪيو: هي تڪيو، دنبڙي ترائيءَ ڀرسان عزيز فقير جي ڀٽ ويجهو شاھہ لطيف جي حويلي [جيڪا ونگي ۽ ولاسي جي سرحد تي آهي] ضلعي بدين ۾ آهي.
(6)ترائيءَ وارو تڪيو: ترائيءَ وارو تڪيو مدئجي، ضلعي شڪارپور ۾ آهي. هتي شاھہ لطيف جي پنھنجي هٿن سان ٺهرايل مسجد کان سواءِ فقيرن جي رهائش لاءِ اوتارو ۽ اڱڻ ۾ پاڻيءَ جو کوھہ بہ موجود آهي.
ترائيءَ وارو تڪيو
(7) نانگي وارو تڪيو/ اوتارو: هي تڪيو، ماتليءَ لڳ لاکاٽ ۾ آهي، جنهن کي ‘سانول فقير جو اوتارو’ بہ سڏيو وڃي ٿو.
(8) لڪڙيءَ وارو تڪيو: هي تڪيو، جوڻاھہ، ضلعي بدين جي اوڀر ۾، ميين اسماعيل جي مسجد ڀرسان آهي. روايت آهي تہ شاھہ لطيف هتي چاليهو [چلو] ڪڍيو هو.
(9) نانگي شاھہ جو تڪيو/ اوتارو: هي تڪيو زرگر محلي بدين ۾ آهي. شاھہ لطيف جڏهن تلائيءَ جي لوءِ تان موٽندو هو، تڏهن هن جاءِ تي اچي رهندو هو. قاضيا واھہ کان ميرواھہ ڏانهن ويندڙ رستو لطيف جي اوتاري جي ڏکڻ وٽان لنگهي ٿو. انهي ڪري هن اوتاري/ تڪيي جي نسبت سان روڊ جو نالو بہ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي روڊ رکيو ويو آهي. هن اوتاري تي روايت آهي تہ شاھہ لطيف ايندو هو ۽ راڳ رنگ جون محفلون ڪندو هو. شاھہ لطيف جي وفات کانپوءِ ڪجهہ وقت شاھہ لطيف جي فقيرن ان تڪيي کي سنڀاليو، پر پوءِ شاھہ ڪريم جي فقيرن کي ان جي سنڀال ملي.
(10)گرو ڀڳت ميڪڻ جو تڪيو: بدين جي ڀرسان ڪاڇيل ڀٽ تي ڀڳت ميڪڻ داس، رات ڏينهن الک سان رهاڻ ۾ مگن هوندو هو. بُت تي ڀڀوت مليل هوندو هئس. شاھہ لطيف جو والد شاھہ حبيب هن جوڳيءَ کان واقف هو، ان ڪري جڏهن شاھہ لطيف ديني تعليم مڪمل ڪئي، تہ کيس ميڪڻ گروءَ وٽ سکيا لاءِ ڇڏيو ويو. شاھہ لطيف هن کان ويدانت جا ڪيترا سبق ورتا. روايت آهي تہ هن گروءَ شاھہ لطيف کي ‘مان’ مارڻ لاءِ بدين جي بازار ۾ گيڙو رتن ڪپڙن، ڌوتيءَ ۽ تلڪ سان چڪر لڳائڻ لاءِ موڪليو. هن شاھہ لطيف کي جوڳ جي بہ وديا ڏني ۽ کيس ڪوٽيشور، نارائڻ سر، گرنار، ڪارونجهر ۽ نانيءَ جي جوڳين سان ملايو ۽ انهن سان گڏ سفر ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي هئي.
(11) دڙيلي وارو تڪيو: دڙيلو، موجودہ ڪاڇيلي اسٽيشن ڀرسان، پراڻ جي ساڄي پاسي هڪ درويش سيد سوڍل شاھہ جي مزار آهي. روايت آهي تہ شاھہ لطيف ڪيترا ڏينهن هن بزرگ جي آستاني تي رهيو ۽ چلو ڪڍيائين، جنهن جاءِ تي شاھہ صاحب چلو ڪڍيو هو، سا جاءِ بزرگ جي مزار کان ڏکڻ ۾ پراڻ جي ڪناري تي آباد آهي.
(12)شاھہ جو تڪيو، لاڙڪاڻو: ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ نائچ جي ڀرسان ڳوٺ شاهنواز ابڙي، تپي ابڙا ۾ هي تڪيو واقع آهي، جتي چون ٿا تہ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ ڇھہ مهينا قيام ڪيو هو. هن ڳوٺ ۽ تڪيي جي ڀرسان اتر طرف هڪ تاريخي قبرستان بہ آهي، جنهن کي ‘چنگل جو قبرستان’ سڏيو وڃي ٿو. روايت آهي تہ ڀٽائيءَ جي گهوڙي جو نالو بہ چنگل هو، پر تاريخ مان خبر نہ ٿي پوي تہ قبرستان تي اهو نالو ڪيئن پيو. نائچ ڳوٺ ۾ شاھہ سائينءَ جي استعمال جون شيون، شاھہ جي ترائيءَ واري تڪيي سان هڪجهڙائي رکن ٿيون.
(13) نيئگ شريف وارو تڪيو: ڀٽائي صاحب جو هي تڪيو، سيوهڻ شھر جي اولھہ ۾ 15- 20 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي نيئگ شريف ۾ آهي. روايت آهي تہ شاھہ لطيف جڏهن لاهوت ۽ هنگلاج جي سفر تي سنياسي فقيرن سان ويو هو تہ هن جاءِ تي قيام ڪيو هئائين. هن تڪيي جو ذڪر بودله بھار جي گادي نشين اختر حسين پنھنجي لکيل ڪتاب ‘شھباز ڪا سڪندر بودله’ ۾ ڪيو آهي.
(14)لونگ فقير جو لوڙهو: ڀٽائي صاحب جو هيءُ تڪيو، ضلعي خيرپورميرس ۾ خيرپور شھر کان 25 ڪلوميٽر اوڀر طرف موجود آهي، جيڪو قادري طريقي جي بزرگ لونگ فقير مهيسر (1279-1201) جي نالي سان منسوب آهي.
وڌيڪ ڏسو: شاھہ لطيف جي سرن جو پسمنظر