
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي درگاهه

سُئي قندر جي مقام ۾ شاهه لطيف جي ڀائرن جون تربتون

سُئي قندر جي مقام ۾ شاهه لطيف جي ناني عرس فقير ۽ سندس خاندان جي ڪن ٻين فردن جون خسته حال تربتون

سُئي قندر جي مقام لڳ شاهه حبيب جي حويلي جا آثار

تمر فقير جي مزار

شاهه جي سماع واري جاءِ

شاهه لطيف جو تعمير ڪرايل شاهه ڪريم جو روضو

شاهه جو چرغو، دنبورو ۽ ٻيو سامان

شاهه لطيف جي سمهڻ جو ڪمرو

شاهه جي روضي جو چانديءَ وارو دروازو

شاهه جي تربت جي ڪلنگي
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رح: شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رح سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اهو سدا حيات شاعر آهي، جيڪو ڪنهن بہ تعارف جو محتاج نہ آهي. شاھہ صاحب نہ صرف سنڌ، پاڪستان بلڪ دنيا جو تمام وڏو عالم، شاعر، مدبر ۽ مفڪر هو. سندس ڪلام، فڪر ۽ فن، زبان ۽ ادب جي ڪيترن ئي خوبين سان مالا مال آهي. سندس عظمت ۽ شھرت جو وڏي ۾ وڏو سبب سندس اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعري آهي، جنهن ۾ سندس ڏات جو نور سنڌي سماج کي روشن ڪندو رهيو آهي. شاھہ صاحب جي ڪلام ۾ سنڌ جي ثقافت، ٻولي ۽ تاريخ جو املھہ خزانو توڙي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جو عڪس موجود آهي. شاھہ صاحب پنھنجي ڪلام ذريعي انسانذات کي محبت، ڀائيچاري، امن، ايڪي، سِڪَ، پريت، محنت، جدوجهد، ديانتداري، اعليٰ انساني ۽ اخلاقي قدرن جو پيغام ڏنو ۽ ڏاڍ، ڏهڪاءُ، ظلم، ناانصافي، ڪوڙ، ڪُپت، دغا، دوکي، مڪر ۽ فريب جي مخالفت ۽ نفي ڪئي آهي.
شاھہ عبداللطيف، سنڌ سان لاڳاپيل هر موضوع کي پنھنجي ڪلام ۾ بيان ڪيو آهي. سنڌي ماڻهن جي مزاج، مذهب، تھذيب ۽ ڪِرت ڪاروبار وغيرہ جي عڪاسي ڪئي آهي. سندس زندگي، اسلام جي اعليٰ اصولن ۽ قدرن جو نمونو رهي آهي. هن سان سفر ۽ حضر ۾ گڏ رهڻ دوران ڪتابن ۾ قرآن شريف، مثنوي مولانا روم ۽ بيان العارفين [شاھہ ڪريم جي ملفوظات ۽ شاعريءَ جو ڪتاب] شامل هئا. انهن بنيادي ماخذن کان سواءِ مٿس حضرت علي عليہ السلام جي تعليمات [نهج البلاغه ۽ ديوان عليعه]، منصور حلاج [ديوان منصور] ۽ ٻين صوفي ۽ ويدانتي شاعرن ۽ سنتن جو اثر بہ هو. اُهي اثر شاھہ صاحب جي ڪلام ۾ واضح ملن ٿا. ايران جي نامور بزرگ، عالم ۽ شاعر مولانا جلال الدين روميءَ ( جلال الدين رومي ) جي مثنويءَ بابت مولانا عبدالرحمان جاميءَ لکيو آهي تہ:
مثنوي و مولوي و معنوي،
هست قرآن در زبان پهلوي.
[يعني مولانا روميءَ جي مثنوي اصل ۾ پهلوي [فارسي] زبان ۾ ستن قرآنن جي برابر آهي]
اهڙيءَ طرح شاھہ صاحب جي ڪلام متعلق بہ جيڪڏهن چئجي تہ شاھہ جو رسالو بہ سنڌيءَ ۾ قرآن پاڪ جي آيتن جو ترجمو ۽ تفسير آهي. تہ ڪو وڌاءُ نہ ٿيندو. خود شاھہ صاحب پنھنجي شاعريءَ بابت چيو آهي تہ:
جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهينِ،
نيو من لائينِ، پريان سندي پار ڏي!
(سھڻي 12/10)
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڪلام متعلق سنڌ جي وڏي عالم ۽ شاعر مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ چيو آهي تہ:
آهي عبداللطيف تي، رضامندو رحمان،
جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪئو!
شاھہ صاحب جو ڪلام نہ رڳو سنڌ، پر سڄي انسانيت جي قيمتي موڙي آهي. سنڌ واسين ۽ سنڌ ڌرتيءَ کي ڀٽائيءَ تي ناز ۽ فخر آهي.
شاھہ عبداللطيف رح جو شجرو ۽ خانداني حالات: شاھہ صاحب جو تعلق سنڌ جي مٽياري سيدن [متعلوي ساداتن] جي ڪريم پوٽا خاندان سان آهي. ‘ڪريم پوٽا’ اصل ۾ مٽياري ساداتن جي وڏي پاڙي ‘جراڙ پوٽا’ جي شاخ آهن. جراڙ پوٽا هن خاندان جي وڏي سيد جراڙ يعني سيد جلال جي نالي سان سڏجن ٿا، جيڪو سيد شرف الدين جو پٽ هو. ان ڪري جراڙ پوٽا سادات ’شرف پوٽا‘ بہ سڏبا آهن. مٽياري سيدن جو وڏو ڏاڏو سيد مير علي هراتي هو. شاھہ صاحب جو خانداني شجرو هن ريت بيان ڪيو وڃي ٿو: شاھہ عبداللطيف پٽ شاھہ حبيب پٽ سيد عبدالقدوس پٽ جمال شاھہ پٽ عبدالڪريم شاھہ پٽ سيد لعل محمد شاھہ پٽ سيد عبدالمومن شاھہ پٽ سيد هاشم پٽ سيد حاجي شاھہ پٽ سيد جلال محمد عرف جراڙ شاھہ پٽ سيد شرف الدين پٽ سيد مير علي شاھہ پٽ سيد حيدر شاھہ پٽ سيد مير علي شاھہ هراتي پٽ سيد محمد شاھہ شيرازي پٽ سيد حسن شاھہ پٽ سيد علي پٽ سيد يوسف شاھہ پٽ سيد حسين شيرازي پٽ سيد ابراهيم شاھہ پٽ سيد علي جواري پٽ سيد حسين الاڪبري شيرازي پٽ سيد جعفر شاھہ پٽ حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام. (وڌيڪ ڏسو: ‘شاھہ حبيب’ جو احوال)
شاھہ لطيف جو شجرو حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام سان ملي ٿو. انهيءَ ڪري پاڻ ‘ڪاظمي سيد’ پڻ سڏجن ٿا. شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو تعلق ‘ڪريم پوٽا’ پاڙي سان هو. اُن شاھہ ڪريم کي اٺ پٽ هئا ۽ خانداني طرح شاھہ ڪريم، شاھہ صاحب جو تڙ ڏاڏو هو. شاھہ ڪريم جو پٽ جمال شاھہ پنھنجي پيءُ جي ڏينهن ۾ مٽياريءَ ۽ هالن طرف گهاريندو هو، جتي ڀاڳين جي واهر ۾ شھيد ٿي ويو. (وڌيڪ ڏسو احوال: ‘شاھہ حبيب’)
جمال شاھہ جو اولاد سندس شهادت کانپوءِ مٽياريءَ مان لڏي اچي بلڙيءَ ۾ پنھنجي ڏاڏي شاھہ ڪريم وٽ رهيو. جمال شاھہ جي پٽن مان سيد عبدالقدوس وڏو عابد ۽ صوفي درويش هو ۽ هن اُتي ئي وفات ڪئي ۽ کيس بلڙيءَ ۾ دفن ڪيو ويو. سيد عبدالقدوس کي ٻہ پٽ شاھہ حبيب ۽ عبدالرشيد نالي هئا، انهن ٻنهي مان ‘شاھہ حبيب’ کي دينداري ۽ درويشي ورثي ۾ ملي. ڪريم پوٽن ۾ شاھہ حبيب جو سڀني کان مان ۽ شان مٿانهون هو ۽ شاھہ عبداللطيف جو والد هو. سيد شاھہ حبيب جي اعليٰ اخلاق، فيض، فضيلت ۽ فقر جو شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرح جي تربيت توڙي طبيعت تي تمام گهرو اثر هو. شاھہ حبيب شاعر بہ هو، جنهن جو ذڪر شاھہ حبيب جي احوال ۾ اچي ويو آهي.
شاھہ حبيب پنھنجي والد جي زندگيءَ ۾ ڪجهہ وقت مٽياريءَ ۾ رهيو، جتي مائٽن مان شادي ڪيائين. اها سندس پهرين شادي هئي، جنهن بابت ڪا ڄاڻ نہ ٿي ملي تہ هن مٽياري سيدن جي ڪهڙي پاڙي مان شادي ڪئي هئي؛ البت ايترو ضرور معلوم ٿئي ٿو تہ شاھہ حبيب مائٽن سان ڪنهن تڪرار سبب، پنھنجي عزيز درويش سيد هاشم شاھہ جي چوڻ تي مٽياريءَ وارو ماڳ ڇڏي ڏنو. هن بيبيءَ مان کيس هڪ پٽ ۽ ٻيءَ روايت موجب ٻہ پٽ ٿيا، جن جا نالا جمال شاھہ ۽ مصري شاھہ هئا. شاھہ حبيب ٻي شادي ڏيرن فقيرن مان ڪئي، ٻنهي گهرن مان کيس اولاد ٿيو. ٻئي گهر مان شاھہ عبداللطيف رح سميت کيس ٽي ٻار پيدا ٿيا ۽ شاھہ عبداللطيف جي هڪ سڳي ڀيڻ ‘بيبي بتول’ جو بہ ذڪر ملي ٿو، جنهن کي ادب وچان ‘بيبي راڻي ’ ۽ ‘بيبي سردار’ بہ سڏيندا هئا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب: ٽکڙ مان مليل شجري موجب جمال شاھہ جو پٽ ڪريم ڏنو ٿيو، جنهن جو ڪو بہ پٽ جمال شاھہ نالي سان نہ هو. البت ٻين شجرن مان مليل ڄاڻ موجب ان جو پٽ جمال شاھہ جي نالي سان هو، جيڪو شاھہ عبداللطيف رح جي رحلت بعد گادي نشين ٿيو. ان کان سواءِ مير عبدالحسين سانگيءَ، شاھہ حبيب جي ٻن نياڻين جو بہ ذڪر ڪيو آهي، جن جي شادي شاھہ حبيب جي ڏينهن ۾ ئي ٿي هئي. انهن مان هڪ مٽياري سيدن جي ‘موسيٰ’ پاڙي ۾ ڏنل هئي تہ ٻي سمهباڻي پاڙي ۾ ڏنل هئي. ڊاڪٽر بلوچ جي تصديق موجب: شاھہ حبيب جي هڪ نياڻي سيد موسيٰ جي ڀاءُ سيد عيسى جي اولاد ‘عيسى پوٽن’ جي پاڙي مان محمد حافظ شاھہ جي پُٽ کي پرڻايل هئي. مگر شجرن توڙي زباني روايتن مان اِن ڳالھہ جي پڪي ثابتي نٿي ملي تہ شاھہ حبيب جي ڪا نياڻي سمهباڻين ۾ ڏنل هئي. سمهباڻي سيد سيد سمهبه پٽ عبدالوالي پٽ دين محمد پٽ شاھہ ڪريم جو اولاد آهن. سيد سمهبه کي چار پٽ هئا: عبدالرحمان، عبدالحڪيم، بھارو ۽ ابوالفتح. جيڪڏهن شاھہ حبيب جي نياڻي سمهباڻين ۾ ڏنل هئي تہ ان دؤر جي اندازي موجب سمهبه شاھہ جي ڪنهن پٽ کي ڏنل هوندي. [والله اعلم باالصواب]
شاھہ عبداللطيف رح جي ولادت: روايت آهي تہ شاھہ حبيب اولاد جهڙي نعمت کان محروم هو، جنهنڪري ڪنهن ڪامل ولي ﷲ درويش کان دعا گهريائين. صوفي درويش وراڻيس تہ: “توکي پُٽ ٿيندو، ۽ اُهو زماني جو قطب ٿيندو، پر سندس نالو عبداللطيف رکجان.” ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تحقيق ڪندي، اُن درويش جو نالو ‘سيد هاشم شاھہ’ ڄاڻايو آهي، جيڪو سندس ويجهو مائٽ ۽ خود ‘جراڙ پوٽا’ پاڙي مان هو. ستت ئي شاھہ حبيب کي هڪ پُٽڙو ڄائو، جنهن جو نالو درويش جي دعا موجب ‘عبداللطيف’ رکيائين. پر اهو ننڍي هوندي ئي فوت ٿي ويو. مائٽاڻي گهر مان بہ کيس هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو جمال شاھہ رکيائين، جنهن جو اولاد اڄ ڏينهن تائين ڀٽ شاھہ جي مسند تي ويهندو اچي. ٻيءَ گهر واريءَ مان وري بہ کيس هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو وري بہ ‘عبداللطيف’ رکيائين، پر اهو ٻارڙو بہ راھہ رباني وٺي چڪو. نيٺ ساڳئي گهر مان کيس ٽيون پٽ پيدا ٿيو، جنهن جو نالو بہ ‘عبداللطيف’ رکيائين. اهو ٻار ‘شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ’ جي نالي سان مشھور ٿيو، جنهن پنھنجي علم ۽ ڏات، فڪر ۽ فيض جي خوشبوءِ سان ملڪ واسي ڇڏيا. اُهي ٽيئي ‘عبداللطيف’ جنهن بيبي سڳوري منجهان شاھہ حبيب کي تولد ٿيا، سا عرس فقير ڏيري جي ڌيءَ هئي. اُهي فقير حضرت غوث بھاؤالدين زڪريارح جي خليفي ‘قندر فقير ڏيري’ جي پُشت مان ۽ ‘ثابت پوٽا’ نُک مان هئا. اهي فقير سفيد پوش ‘ڌئونريات’ جي لقب سان بہ مشھور هئا ۽ کين ‘گنبات ڌڻي’ يعني گنبات جي ايراضيءَ جا مالڪ بہ سڏيو ويو آهي.
شاھہ لطيف جا ٻئي ڀائر ‘سُئي قندر’ جي مقام ۾ رکيل آهن، جن جي تربتن کي ويجهي دؤر ۾ پڪو ڪرائي مٿن ڪوٺي اڏائي وئي آهي، جن مان هڪ تربت تي ‘عبدالرشيد’ ۽ ٻئي تي ‘عبداللطيف’ جو ڪتبو لڳل آهي. پر ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق موجب سن 1959ع کان اڳ ٻنهي تربتن تي ‘عبداللطيف’ نالا لڳل هئا ۽ ٽکڙ واري شجري ۾ شاھہ حبيب جي ٽنهي پٽن جا نالا ‘عبداللطيف’ ئي ڄاڻايل آهن. هنن تربتن جي ڏکڻ پاسي ويجهو ئي شاھہ لطيف جي ناني عُرس فقير ڏيري ۽ ان جي خاندان جي ڪن فردن جون تربتون بنھہ خستہ حالت ۾ موجود آهن.
ٻيءَ شادي ڪرڻ کانپوءِ شاھہ حبيب اُنهن ئي ڏيرن فقيرن يعني سَهريجن جي پاڙي ۾ گهر ٺاهي ويٺو. سندس گهر ‘سئي قندر’ جي تاريخي مقام کان اولھہ طرف بلڪل ويجهو هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق موجب اها شاھہ حبيب جي گهر واري جاءِ روينيو رڪارڊ موجب سروي نمبر 134، ديھہ ‘سُئي قندر جاگير’ [تعلقي شھدادپور] ۾ آهي. 60 کان 70 سال اڳ تائين انهيءَ گهر جا آثار ڏسڻ ۾ ايندا هئا ۽ مقامي ماڻهو هن جاءِ کان چڱيءَ ريت واقف هئا. انهيءَ جاءِ تي شاھہ حبيب جي حويلي هئي، جنهن جي ڀتين جا بنياد ماڻهن کي ڏسڻ ۾ ايندا هئا. [هن وقت اها ديھہ سروي نمبر 661 ۾ شامل آهي، جيڪا تعلقي ٽنڊي آدم ۾ اچي ٿي. سُئي قندر جي مقام جي اُتر اولھہ جي ڪُنڊ ۾ شاھہ حبيب جي ڦٽل حويليءَ جي بنياد جا ڪي آثار اڃا موجود آهن، جڏهن تہ اُن جاءِ تي هن وقت ڪِني پاڻيءَ جي کڏ آهي.]
شاھہ حبيب کي ٽيون پٽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي بہ انهيءَ ساڳي حويليءَ ۾ ڄائو ۽ اُتي ئي پلجي نپجي وڏو ٿيو. شاھہ صاحب جي ولادت بابت جيڪا تصديق ۽ تحقق ٿيل آهي، انهيءَ مطابق
شاھہ صاحب جي ولادت 1102هجري مطابق 1689-90ع ۾ ٿي. ان وقت جي عالم، فاضل ۽ شاعر سيد غلام محمد ‘گـدا’ هيٺينءَ قـطـع تاريـخ چئي هئي:
گـدا سـال تولـيـد سـلطانِ ڀِـٽ
شنيدم ز هاتف ‘عنايت شعار’
1102ھہ
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي روضي جي ڀرسان سنڌ جي حڪمران مير محمد نصير خان ٽالپر مسجد تعمير ڪرائي، مير نور محمد خان ٽالپر کوھہ کوٽايو ۽ مير محمد خان ٽالپر روضي ۾ چانديءَ جو دروازو هڻايو، جيڪو اڃا تائين لڳل آهي.
ڪن تاريخدانن، شاھہ لطيف جي ولادت جي جاءِ ‘هالا حويلي’ لکي آهي. ليلارام وطڻ مل لالواڻيءَ، شاھہ صاحب جي ولادت جي جاءِ ‘هالا حويلي’ لکي آهي. ان جي پوئلڳي ڪندي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ بہ هالا حويليءَ کي شاھہ لطيف جي ولادت جي جاءِ ڪري ڄاڻايو آهي. مرزا قليچ بيگ وري ‘ڀينءَ پور’ ۽ ‘هالا حويلي’ ٻنهي کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جي ڪا بہ صداقت نٿي ملي. ميين شاھہ عنات رضويءَ پنھنجي حياتيءَ جي آخري سالن 1130ھہ/ 1717ع- 1133ھہ/ 1720ع ڌاري وڏيري ڏهيسر پليجي تي ڏمرجي هيٺيون بيت چيو هو، جنهن ۾ رخ بدلائيندڙ درياھہ کي خطاب ڪندي هالا حويليءَ کي بہ بد دعا ڏنائين تہ واريءَ ۾ لٽجي پورجي وڃي:
ڳاهـڪـي ڳــڙ ڪـر، پليـجـاڻــي پـاءُ،
واري جا ولايت جي، هالا حويليءَ لاءِ.
شاھہ عبداللطيفرح جي ميين شاھہ عنات رضويءَ سان ملاقات ۽ محبت هئي، جيڪڏهن شاھہ لطيف هالا حويليءَ ۾ ڄائو هجي ها تہ اها ڳالھہ ميين شاھہ عنات کان ڳجهي نہ رهي ها، ڇو تہ هالا حويلي، نصرپور کان فقط چار ميل پري هئي ۽ پاراتي ۾ ان جو نالو شايد نہ آڻي ها.
شاھہ عبداللطيف جو ٻالڪپڻ ۽ تعليم: شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، ٻالجتيءَ واري دؤر ۾ پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ جي محبت ۽ شفقت هيٺ پليو. ٻالڪپڻ ۾ شاھہ صاحب جو ويجهو ساٿي ۽ ماسات محمد عالم ڏيرو هو، جنهن سان شاھہ صاحب رانديون رونديون ڪندو هو. سندس اٿڻ ويهڻ، گهمڻ ڦرڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ جو دائرو پنھنجي گهر وارو ڳوٺڙو ۽ گنبات جي جوءِ تائين پکڙيل هو. ٻاراڻي وهيءَ ۾ پنھنجي اچ وڃ سندس ماسيءَ ۽ ٻين عزيزن فقيرن جي گهرن ۾ ٿيندي رهندي هئي، جتان ننڍڙي لطيف پنھنجي ماءُ سان گڏ ڏيرن فقيرن جي گهرن ۾ ڳالهائجندڙ نج ۽ ٺيٺ محاوري واري سنڌي ٻولي سکي، جيڪا اڳتي سندس ڪُلي طور دسترس ۽ ڪمال لاءِ پيش خيمو ثابت ٿي. نامور سرائيڪي دانشور جاويد چانڊيي جي تحقيق آهي تہ شاھہ لطيف، پنھنجي امڙ سان گڏ ٻالجتيءَ ۾ غوث بهاوالحق جي روضي تي بہ ايندو هو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لکڻ موجب ان وقت مڪتب تعليم ڏني ويندي هئي، جنهن ۾ قرآن شريف، سنڌي ۽ ابتدائي فارسي معياري سطح تي پڙهائي ويندي هئي. شاھہ عبداللطيف کي جلد مڪتب ۾ نہ ويهاريو ويو هو، بلڪ سندس والد شاھہ حبيب خود وڏيءَ نظر ۽ علم وارو شخص هو ۽ سندس والدہ جو تعلق بہ هڪ وڏي فقيري گهر سان هو، جنهنڪري شاھہ صاحب جي ابتدائي تربيت پنھنجي گهر ۾ ئي ٿيندي رهي. روايت آهي تہ شاھہ حبيب، شاھہ لطيف جي تعليم ۽ تربيت لاءِ نهايت ڪامل، نيڪ ۽ پرهيزگار استاد ميين نور محمد ڀٽيءَ کي پاڻ وٽ گهرائي، شاھہ صاحب کي مڪتبي تعليم ڏياري. آخوند نور محمد ڀٽي، گنبات جي ڏيرن فقيرن جي راڄ کي ويجهو، اٺن ميلن جي پنڌ تي ‘وائي/ وانئين’ ڳوٺ جو رهاڪو هو ۽ شاھہ حبيب جو محبتي ۽ مريد هو. سندس شفقت ۽ رهبريءَ هيٺ شاھہ لطيفَ مڪتبي تعليم پوري ڪئي، جنهن بعد درس ۽ تدريس جو اهو سلسلو وڌيڪ نہ هلي سگهيو، پر تنهن هوندي بہ آخوند نور محمد، شاھہ حبيب سان ملاقاتن تي ايندو هو تہ شاھہ لطيف ساڻس ملندو ۽ کانئس سکندو رهندو هو. سکڻ ۽ سيکارڻ جو اهو سلسلو ايستائين هليو، جو جڏهن شاھہ لطيف ڀٽ کي اچي وسايو تہ آخوند نور محمد ڀٽيءَ کي پاڻ وٽ سڏي گڏ رهايائين. عام روايت آهي تہ آخوند نور محمد ڀٽي، جڏهن شاھہ لطيف کي الف ب سيکارڻ شروع ڪئي هئي ۽ چيو هئائين تہ چئو ‘الف’ تہ شاھہ لطيف هڪدم چيو ‘الف’، وري جڏهن آخوند چيو تہ چئو ‘ب’ تہ شاھہ لطيف چيو تہ ‘ب’ وري ڇا جي؟ آخوند جي گهڻي ڪوشش کانپوءِ، نيٺ کيس شاھہ حبيب وٽ آندائين ۽ سموري ڳالھہ ٻڌايائين. شاھہ حبيب پنھنجي پٽ جي رمز سُڃاتي ۽ خوشيءَ وچان ڳراٽڙي پائي، سندس پيشاني چُميائين ۽ چيائين تہ: “ابا تون بيشڪ حق تي آهين، پر جنهن صورت ۾ دنيا ۾ ٻاهريون لبيس بہ رکڻ ضروري آهي، تنهن صورت ۾ ظاهري علم بہ حاصل ڪرڻ لازم آهي.” انهيءَ قول مان لڳي ٿو تہ شاھہ لطيف پيءُ جو چيو ڪندي، اڳتي تعليم ضرور حاصل ڪئي هوندي، جنهن جي ثابتي سندس ڪلام مان بہ ملي ٿي. قرآن شريف، حديث، ديوان علي، نهج البلاغھ، صوفين جي تعليمات، عربي، فارسي، پنجابي، هندي شاعريءَ جا اثر، شاھہ جي شاعريءَ مان عالمن ثابت ڪيا آهن، ان ڪري، چئي سگهجي ٿو تہ شاھہ صاحب خدائي ڏات سان گڏ ظاهري علمن جي ڄاڻ سان بہ معمور هو.
ننڍپڻ جي عمر ۾ شاھہ لطيف جي، ڏيرن فقيرن جي ٻارن سان جيڪا دوستي ۽ فطري رفاقت پيدا ٿي، اُن جي اثر هيٺ اُهي وڏي هوندي بہ سندس پيارا فقير، مريد ۽ معتقد ٿيا. انهن مان اَجن فقير ڏيري، سُک فقير ڏيري، جاني فقير ڏيري ۽ سندس پٽ عنات ڏيري ۽ [شاھہ صاحب جي سڀ کان ويجهي ساٿي ۽ ماسات] عالم فقير ڏيري جا نالا اهم آهن. عالم فقير ڏيري جو شمار شاھہ صاحب جي خاص فقيرن ۾ ٿيندو هو ۽ هيءُ سندس خليفو بہ هو. شاھہ صاحب کيس ڀٽ تي سماع ۽ ذڪر جي اڳواڻي ڏني ۽ کيس ‘محمد عالم سچو عالم’ ڪري سڏيندو هو. عام طرح فقير فقرائن ۾ ‘خليفو محمد عالم ذاڪر’ جي نالي سان بہ سڏيو ويندو هو. شاھہ صاحب جي رحلت بعد ڀٽ جي سموري نظام کي محمد عالم ڏيري سنڀاليو ۽ سندس وڏي خدمت ڪيائين. عالم ڏيري جي وفات بہ ڀٽ تي ٿي ۽ سندس تربت بہ ڀٽ شاھہ ۾ ئي آهي.
ننڍپڻ کان وٺي جوانيءَ واري عرصي تائين شاھہ صاحب جي تعليم ۽ تربيت ۾ سندس والد شاھہ حبيب جو وڏو ڪردار رهيو. شاھہ حبيب ‘ڪريمي سلسلي’ جو تمام وڏو بزرگ ۽ صوفي درويش هو. پاڻ پنھنجي وقت جو وڏو عابد ۽ زاهد هو ۽ سندس صحبت وقت جي وڏن عالمن ۽ عارفن سان هئي، جنهنڪري ماڻهن جي ساڻس تمام گهڻي عقيدت هوندي هئي ۽ جڏهن مٿس حال جي ڪيفيت طاري ٿيندي هئي تہ بيت بہ چوندو هو. شاھہ لطيف ننڍپڻ کان وٺي جوانيءَ تائين پنھنجي والد بزرگوار شاھہ حبيب جي شفقت ۽ هدايت هيٺ رهيو ۽ پنھنجي والد جي نظر فيض سان اعلى اخلاقي ۽ روحاني مرتبي تي پهتو.
شاھہ عبداللطيف اڃا ڏهن يا ٻارهن سالن جي ڄمار جو مس هو تہ شاھہ حبيب، سُئي قندر وارو ماڳ ۽ گنبات واري ڀيڻي ڇڏي، ڪوٽڙي مغل ۾ لڏي اچي ويٺو، جيڪو گنبات واري ڳوٺڙي کان اٺ نَو ميل پري اولھہ ڏکڻ طرف هو. ڪوٽڙيءَ ۾ شاھہ حبيب شھر کان ٻاهران پنهنجو گهر اڏيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مطابق سندس گهر اندازاً، مرزا بيگ مغل جي حويليءَ واري ڪوٽ سان لاڳو الهندي طرف هو، جنهن کان اولھہ طرف جهنگ ۽ شاھہ لطيف جي عبادت جو آستان ‘لال لئو’ هو.
ڏهن ٻارهن سالن جي لطيف جي ذهني، اخلاقي ۽ روحاني تربيت لاءِ شاھہ حبيب تمام گهڻو ڌيان ڏنو. هو هميشہ پنھنجي پٽ کي پاڻ سان گڏ رکندو هو ۽ کيس وقت جي عالمن ۽ درويشن جي صحبت ۾ بہ ويهاريندو هو. مٽياريءَ کان ويندي خاندان جي وڏي ڏاڏي شاھہ ڪريم جي مزار تائين کيس گهمايائين ۽ کيس ميين شاھہ عنات رضويءَ سان ملائڻ لاءِ نصرپور بہ وٺي ويو. اهڙيءَ طرح ننڍپڻ کان ئي شاھہ لطيف پنھنجي اُسرندڙ طبع ۽ ذهانت سبب تمام گهڻو پرايو. ڪن روايتن موجب شاھہ لطيف جو گز ڪمان هلائڻ ۽ ٻاراڻي راند روند ڪرڻ جو بہ ذڪر آيل آهي، پر ساڳئي وقت شاھہ حبيب پنھنجي پٽ شاھہ لطيف جي اعلى اخلاقي ۽ روحاني تربيت پڻ ڪئي. سندس والد هڪ ئي وقت سندس پيءُ ۽ مرشد بہ هو. کيس طريقت جي راھہ بہ ڏسيائين ۽ نفساني خواهشن تي ضابطي لاءِ زهد، جهد ۽ تقويٰ جي واٽ پڻ ڏيکاريائين، جنهنڪري شاھہ لطيف جوانيءَ ۾ پير رکندي ئي پنھنجي والد ۽ مرشد جي رهبريءَ ۽ هدايت مطابق گوشي نشيني اختيار ڪئي ۽ تمام سخت عبادتون ۽ رياضتون ڪيون ۽ چِلا پچايا. اُهي جايون، جن تي شاھہ عبداللطيف الاهي عشق ۾ محو ٿي، تمام سخت عبادتون ڪيون، تن مان ٽي مقام مشھور آهن: هڪ لئي جو شاهي وڻ، جنهن کي بعد ۾ ‘لال لئو’ سڏيو ويو. هي وڻ شاھہ صاحب جي گهر کان اولھہ طرف جهنگ ۾ هو. موجودہ وقت هن جاءِ تي سندس يادگار طور کوھہ، مسجد ۽ جايون ٺهيون آهن. [هن وقت اها جاءِ ڀٽ شاھہ کان ڏکڻ اولھہ ۾ نيشنل هاءِ وي کان کنڊوءَ ويندڙ روڊ جي اُتر طرف هڪ ڪلوميٽر پنڌ تي موجود آهي.
لئي جو اهو وڏو شاهي وڻ هن وقت سُڪل حالت ۾ بيٺل آهي ۽ ان جي ڀرسان هڪ ڦٽل لانڍيءَ جا آثار آهن، جيڪا روايتن موجب شاھہ حبيب جي حويلي هئي.] ٻيو ماڳ شاھہ صاحب جي حُجري واري جاءِ ‘ڀٽ’ آهي. ٽيون هنڌ ڀٽ کان ڏيڍ ميل کن اوڀر اُتر طرف هڪ ڪنڊي جو وڻ آهي، جنهن کي ‘شاھہ جو ڪنڊو’ چيو وڃي ٿو.
اُن وقت شاھہ صاحب جي ڄمار 15 سال هئي، جڏهن هو گوشه نشيني اختيار ڪري، عبادتن ۽ رياضتن ۾ محو هوندو هو. شاھہ حبيب پٽ کي زهد ۽ عبادتن ۾ اڳرو ڏسي، کيس درويش هاشم شاھہ وٽ وٺي آيو. روايت موجب سيد هاشم، شاھہ لطيف ۾ اعلى صلاحيت جا اهڃاڻ ڏٺا، پر باوجود اُن جي کيس عبادت ۽ رياضت جي ڪماليت ڏانهن راغب ڪندي چيائين تہ: “حبيب جو پٽ (اڃا) پچي پارس نہ ٿيو آهي.” شاھہ صاحب جي والد جي بہ اهائي ڪوشش هئي، پر هاشم شاھہ جي ترغيب، شاھہ لطيف ۾ انتهائي بيقراري ۽ بيتابيءَ جو روح ڦوڪيو، جنهنڪري هو ڪنڊي واري ماڳ تي ﷲ جي ياد ۾ نهايت ئي جذب واري حالت ۾ عبادت ڪندو رهندو هو ۽ اڪثر جهنگ ۾ گوشه نشين رهندو هو. شاھہ حبيب ان روحاني منزل کي ماڻڻ واري تربيت دوران سندس سُڌ سماءُ بہ لهندو رهندو هو. هڪ لڱا شاھہ لطيف ڪنڊي واري جاءِ تي انتهائي جذب واري حالت ۾ عبادت ۽ رياضت ۾ محو هو، جو انهيءَ جاءِ ۽ سندس جسم تي واري چڙهي وئي هئي. شاھہ حبيب کيس اُن حالت ۾ ڏسي ڏکاري لهجي چيو هو تہ:
‘لـڳـي لـڳـي واءُ، ويـا انگــڙا لـٽـجـي’
پنھنجي والد بزرگوار جو دردناڪ آواز ٻڌي، شاھہ صاحب ساڳئي جذبي سان کيس وراڻيو تہ:
‘پيـئي کـڻي پـساھہ، پسڻ ڪارڻ پريـنءَ جي’
ساندھہ ٽن سالن جي فاقن، ڪشالن، عبادتن ۽ رياضتن، شاھہ کي رچائي ريٽو ڪيو. هاڻي هو عرفان جي منزل کي پهچي چڪو هو، پوءِ بہ سندس والد ۽ مرشد شاھہ حبيب کيس ٻيهر درويش سيد هاشم شاھہ جي خدمت ۾ آندو، هو شاھہ لطيف کي ڏسندي ئي سندس اعلى روحاني صلاحيتن کي سمجهي ويو ۽ چيائين تہ: “لطيف جو چراغ روشن ٿيندو.” اُن وقت سندس عمر ارڙهن سال هئي، پر کيس سلوڪ ۽ معرفت جي پنڌ کي اڃا بہ اڳتي پروڙڻو هو ۽ اهو سلسلو تاحيات رهيو.
جواني، سير سفر، شادي، پتوڙڻ ۽ پُرجهڻ: مير عبدالحسين سانگي ۽ پروفيسر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ، هن حوالي سان پنهنجن بيانن ۾ شاھہ عبداللطيف جي مجازي عشق جي روايت کي بيان ڪيو آهي، جنهن موجب مرزا مغل بيگ، شاھہ حبيب جو وڏو عقيدتمند ۽ مريد هو. هڪ ڀيري مرزا مغل بيگ جي وڏور ڌيءُ [سعيده بيگم] بيمار ٿي پئي، تنهنڪري شاھہ حبيب کي دعا واسطي ڪوٺڻ لاءِ ماڻهو موڪليائين، پر شاھہ حبيب پاڻ بہ ناچاڪ هو، ان ڪري شاھہ لطيف کي دُعا لاءِ وڃڻ لاءِ چيائين. مغل تمام پردي وارا هئا، پر سيدن سان مُريدي هئڻ ڪري کين پنھنجي گهر ٻارن ۾ وٺي ويندا هئا. نينگري ڪپڙن ۾ ويڙهجي سيڙهجي کٽ تي سُتي پئي هئي. شاھہ لطيف جيئن ئي گهر ۾ داخل ٿي ڇوڪريءَ کي ڏٺو تہ سندس حُسن ڏسڻ شرط مٿس موهت ٿي پيو ۽ نينگريءَ جي چيچ هٿ ۾ جهلي چيائين تہ: “جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾، تنهن کي لھر نڪو لوڏو.” مرزا بيگ مغل ۽ سندس عزيز اهي لفظ ٻڌي ڏمرجي پيا. اُن وقت شاھہ لطيف کي ڪجهہ نہ چيائون، پر پوءِ اهو مريديءَ واراو تعلق مخالفت ۽ دشمنيءَ ۾ بدلجي ويو؛ جنهن ڪري سيدن کي طرح طرح جون تڪليفون ڏيڻ لڳا. اهڙيءَ طرح ڀٽي ۽ ٻين قبيلن جا ماڻهو بہ کانئن منهن موڙڻ لڳا، جنهنڪري مجبوراً شاھہ حبيب کي ڪوٽڙيءَ مان لڏڻو پيو ۽ ڪوٽڙيءَ کان اُتر طرف ڪجهہ پرڀرو پاڙو ٻڌي ويٺو. ان وقت شاھہ لطيف جي عمر 20 سال هئي.
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي لکڻ موجب شاھہ لطيف کي جڏهن مجازي نينھن جي چوٽ لڳي، تڏهن مجنونءَ وانگر برپٽن ۽ بيابانن ۾ گهارڻ لڳو. گربخشاڻيءَ جي خيال موجب شڪ ناهي تہ اتان ئي سندس شاعراڻي روح ريلو ڏنو هجي ۽ هن بيت چيا هجن. محبوب جي فراق ۾ کيس پنھنجي جسم ۽ جان جو سماءُ بہ نہ رهندو هو ۽ بعضي جهنگ منهن ڪري هليو ويندو هو.
گربخشاڻي صاحب اهو پڻ گمان ڏيکاريو آهي تہ پٽ جي اهڙي حالت ۽ جذب واري صورتحال ڏسي، شاھہ حبيب، مرزا بيگ مغل کان سندس ڌيءَ جو سڱ گهرڻ جي ضرور ڪوشش ڪئي هوندي، پر سندس سعيو سجايو نہ ٿيو هوندو، جنهنڪري شاھہ لطيف کي نااُميديءَ وچان ديس ۽ پرديس جا سفر ۽ ڏک ڏاکڙا سھڻا پيا ۽ اتان سندس جوڳين ۽ سنياسين سان سفر تي وڃڻ جي روايت بہ مشھور آهي.
جوڳين ۽ سامين سان گڏ سفر تي وڃڻ واري روايت جو ذڪر ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪنهن زماني ۾ ڪيو هو، پر شاھہ صاحب جي سوانحي احوال ۾ نہ ڪيو آهي، بلڪ مجازي عشق جي هن قصي کي ئي هن من گهڙت ۽ افسانو ٺهرايو آهي. سندس خيال ۾ هي قصو شاھہ صاحب جهڙي اعلى اخلاق رکندڙ ۽ سندس والد جي خاص توجھہ ۽ تربيت جي بلڪل اُبتڙ آهي، جنهنڪري هن روايت کي شاھہ صاحب جي شان سان نہ ٿو ڀيٽي سگهجي. جڏهن تہ ٻيا اڪثر محقق ۽ نقاد، شاھہ صاحب جي مجازي عشق کي ئي سندس حقيقي عشق ڏانهن وڌڻ جو پهريون ڏاڪو سمجهن ٿا، جنهن جا اهڃاڻ سندس شاعريءَ ۾ هنڌ هنڌ موجود آهن. محبت ۽ شادي ڪرڻ ڪنهن بہ ريت شاھہ صاحب جي ڪردار ۽ اخلاق کي گهٽ ڪرڻ جو ڪارڻ نہ ٿا بنجن ۽ اها ڳالھہ انساني سڀاءَ موجب فطري آهي ۽ ان کي شاھہ جي اخلاقيات خلاف سمجهڻ، انساني سڀاءَ ۽ فطرت جي ابتڙ آهي. بهرحال ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيقات موجب شاھہ لطيف ويهن ٻاويهن سالن جي ڄمار ۾ حق جي تلاش ۾ مصروف نظر اچي ٿو ۽ سندس عمر جو هي دؤر پرجهڻ، پروڙڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جو دؤر آهي. ظاهري توڙي روحاني علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ هو حق جي تلاش ۾ اڳتي وڌي ٿو.
شاھہ لطيف پهريائين پنھنجي والد سان سفر جي شروعات ڪئي هئي، پر بعد ۾ ذاتي مشاهدي واري جذبي ۽ خيال سان ڪيترائي سير ۽ سفر ڪيائين. پهريائين سندس پرجهہ ۽ پروڙ جو دائرو، گنبات وارو علائقو، ڪوٽڙي، ڀئين پور، مٽياري، هالا، نصرپور، شھدادپور ۽ بلڙي شاھہ ڪريم تائين محدود هو، پر بعد ۾ ننگر ٺٽي، بدين ۽ تلهار تائين وڌي ويو. انهيءَ سفر ۽ سالڪانه جدوجھد ۾ هن پنھنجي خاندان جي صوفي بزرگن ۽ ولين جي خانقاهن ۽ درگاهن جون ڪيتريون زيارتون ڪيون، جيڪي لاڙ واري علائقي ۾ واقع آهن. ان کانپوءِ مختلف درويشن جي درگاهن تي بہ حاضري ڏنائين. انهيءَ عرصي دوران هو بلڙي شاھہ ڪريم ۾ پنھنجي وڏن ڏاڏن جي مزارن تي بہ ڪيترائي ڀيرا ويو ۽ وقت جي عالمن ۽ بزرگن سان صحبتون ڪيائين. ان سان گڏوگڏ پيشہ ور ماڻهن ۽ عام ماڻهن جي زندگيءَ جو بہ ڳوڙهو مطالعو ۽ مشاهدو ڪيائين. اهڙيءَ ريت سندس ٻين علائقن: ٻني، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، لـُڊاڻي ۽ جيسلمير ڏانهن وڏن سفرن تي اُسهڻ جون بہ ڪيتريون شاهديون ملن ٿيون، جنهن ذريعي اُنهن علائقن جي ٻولي، ثقافت ۽ تاريخ جو تمام گهرو مطالعو ڪيائين، جنهن جي ثابتي سندس شاعريءَ جي سٽ سٽ مان ملي ٿي.
‘مقدمه لطيفي’ ۾ پروفيسر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ ڄاڻايو آهي تہ “شاھہ صاحب هندو جوڳين ۽ سنياسين جي ٽولي سان گڏيو ۽ انهن جي صحبت ۾ ڪيترائي ملڪ گهميو. ڪيترن ئي تيرٿن جون جايون ۽ تڪيا ڀيٽيائين، لکپت ۽ گرنار تائين بہ سفر ڪيائين، جتان موٽڻ کانپوءِ جيسلمير ۽ ٿر جو سير ڪيائين، گنجي ٽڪر ۽ لس ٻيلي ۾ گشت ڪندي، لاهوت، لامڪان، هنگلاج ۽ سپڙ سخيءَ جون زيارتون ڪيائين. ٿي سگهي ٿو تہ اُتان ڪابل ۽ قنڌار بہ ويو هجي. واپس موٽڻ مھل وري هڪ ڀيرو ٻيهر هنگلاج آيو، جتي هندو سنياسين سان اختلافن سبب کانئن ڇڄي ڌار ٿيو، پوءِ ڪيچ مڪران کان ٿيندو ننگر ٺٽي ڏانهن رخ ڪيائين ۽ آخر پنھنجي ماڳ واپس موٽيو.” نامور بلوچ اسڪالر ۽ تعليمدان عبدالرزاق صابر، شاھہ صاحب جي گشت جو دائرو بلوچستان ۽ ايران جي مختلف علائقن تائين ڄاڻايو آهي. شاھہ صاحب جي ان سيرسفر جو ذڪر مشھور عالم ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ ‘لطيفي سئر’ ڪتاب ۾ بہ ڪيو آهي.
شاھہ عبداللطيف (24) چوويهن سالن جي ڄمار ۾ پنھنجي والد بزرگوار جي هدايت موجب شادي ڪئي. ان وقت سن 1124ھہ/ جنوري 1712ع ۾ ڪوٽڙيءَ جو رئيس ۽ شاھہ حبيب جو مريد مرزا مغل بيگ، ‘دل’ قبيلي جي ماڻهن سان چوريءَ جي واردات ۽ معرڪي ۾ مارجي چڪو هو، جنهن کانپوءِ مرزا مغل بيگ جو هڪ پٽ پڻ فوت ٿي ويو هو. ان وقت سندس خاندان جي زائفائن کي سهارو ڏيڻ وارو ڪير بہ نہ هو، ۽ انهن شاھہ حبيب کي پنهنجو سهارو سمجهي، سعيده بيگم جو نڪاح شاھہ لطيف سان ڪرائڻ جي کيس آڇ ڪئي. شاھہ حبيبَ اها آڇ قبول ڪندي، مرزا مغل بيگ جي ڌيءُ سيده/ سعيده بيگم سان شاھہ لطيف جو نڪاح پڙهايو. شاديءَ کان پوءِ شاھہ صاحب پنھنجي ذهني ۽ روحاني معراج طرف سفر جاري رکيو. سندس ذاتي زندگيءَ جي حوالي سان ڪيتريون روايتون بيان ڪيون وڃن ٿيون، جن مان هڪ روايت موجب هڪ ڀيري بيبي صاحبہ اميد سان هئي، جو کيس پلي کائڻ جي سَڌ ٿي. فقير ونهيون جت وڏيءَ تڪليف بعد پلو هٿ ڪري، سهڪندو اچي پهتو. فقير جي اهڙي حالت ڏسي، شاھہ صاحب کائنس سبب معلوم ڪيو، ۽ حقيقت ٻڌي چيائين تہ: “اهڙو اولاد ئي گهوريو، جيڪو اڃا ڄائو ئي ڪونهي تہ منهنجن فقيرن کي رُلائي تنگ ڪيو اٿس، جي ڄائو ۽ وڏو ٿيو تہ الائي ڪهڙا ڪم ڪندو!” چون ٿا تہ اُن بعد بيبي صاحبہ کي جيڪو ٻار پيٽ ۾ هو، سو ضايع ٿي ويو ۽ تاحيات وري هوءَ اُميد سان نہ ٿي. شاھہ صاحب اڪثر چوندو هو تہ: “منهنجو اولاد، منهنجا هي فقير آهن، جن جون دليون عشق الاهيءَ سان ڦٽيل آهن.” اِن روايت جي صحت سان ڪيترن محققن اختلاف ڪيو آهي ۽ سندن چوڻ آهي تہ اهڙيون روايتون صرف شاھہ صاحب کي بزرگ ۽ ولي ثابت ڪرڻ لاءِ گهڙيون ويون آهن. پر تاريخ روايتن جو ئي مجموعو آهي، ۽ اِهي ڳالهيون بہ انساني طبع جو حصو آهن، جن کان منهن موڙڻ ٺيڪ نہ آهي.
اها تہ عام روايت آهي تہ شاھہ لطيف پاڻ سان ٽي ڪتاب هميشہ گڏ رکندو هو: ‘قرآن شريف’، ‘شاھہ ڪريم جو رسالو‘ (بيان العارفين) ۽ ‘مثنوي مولانا روم’. انهن ٽنهي ڪتابن [۽ ٻين ڪيترن ماخذن] شاھہ لطيف جي ذهني تربيت ۽ معرفت جي واٽ ڏانهن رهبري توڙي شاعريءَ جي ترغيب ۾ تمام گهڻي رهنمائي ڪئي. سندس شاعريءَ ۾ انهن ٽنهي ڪتابن سان گڏ ٻين ماخذن [ڪلام علي، نهج البلاغه، ڪلام منصور حلاج وغيرہ] جو فڪري اثر واضح نظر اچي ٿو. شاھہ جي نہ صرف شاعريءَ ۾ اهي اثر نمايان نظر اچن ٿا، پر هن انهن ڪتابن ۽ ماخذن جي روشنيءَ ۾ تصوف جي باريڪ نقطن جي سمجهاڻي ۽ طريقت کي بہ پنھنجي زندگيءَ سان لاڳو ڪيو.
شاھہ ڪريم بلڙيءَ واري جي زندگيءَ ۽ شاعريءَ جو اثر بہ شاھہ لطيف تي نمايان نظر اچي ٿو. ان کان سواءِ شاھہ ڪريم جي شاعريءَ ۾ موجود اعلى انساني قدرن ۽ عارفانہ فڪر جو پرتوو بہ شاھہ صاحب ۾ عيان نظر اچي ٿو. اهڙيءَ طرح شاھہ لطيف، حق ۽ حقيقت، سلوڪ ۽ معرفت، اعلى معنوي فڪر، توڙي دنيوي تعليم جي رسمي ڄاڻ مثنوي مولانا روم مان بہ وڏيءَ حد تائين حاصل ڪئي هئي، جنهن جو ذڪر ‘روميءَ’ سان منسوب ‘سر ڪلياڻ’ جي ڇھن بيتن ۾ موجود آهي. جيڪي هن ريت آهن:
طالبُ ڪثرَ، سُونهن سَرُ، اندر رُوميءَ راءِ،
ماڙُهو اُتِ ڪئاءِ، منڊُ نہ پسين منڊيو!
-
طالبُ ڪثر، سُونهن سَر، ايءُ روميءَ جي رُوءِ،
جنين ڏٺي جُوءِ، تنين ڪُڇئو ڪينڪي.
-
طالب ڪثر، سُونهن سر، ايءُ روميءَ چيو آهي،
تاڙي جو لاهي، تہ منجهم مشاهدو ٿئي!
-
طالب ڪثر، سُونهن سَر، ايءَ رُوميءَ جي رِهاڻ،
پهرين وڃائڻ پاڻ، پَسڻ پوءِ پرينءَ کي.
-
طالب ڪثر، سُونهن سَر، ايءَ روميءَ جي راحتَ،
جنين ڏٺي سَتَ، تنين ڪُڇيو ڪينڪي!
-
طالب ڪثر، سُونهن سر، ايءَ روميءَ جي اوطاق،
جي ڀڄي در فِراقَ، تہ منجهم مشاهدو ٿئي.
شاھہ جي رسالي جا ڪيترا بيت مولانا روم جي شعرن جو ترجمو ۽ تخليقي ۽ فڪري توسيع نظر اچن ٿا، يعني شاھہ صاحب مولانا روم جي شاعريءَ جو اثر قبول ڪيو آهي.
شاھہ صاحب انهن ڪتابن ۽ شعري ماخذن جي تعليمات تي پاڻ بہ عمل ڪيو ۽ ان جي هدايت ۽ تلقين بہ عام زندگيءَ ۾ ڪيائين.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڀٽ کي وسائڻ: شاھہ صاحب پنھنجي زندگيءَ جا 20 سال پُرجهڻ، پروڙڻ ۽ ڪشالن ڪاٽڻ کانپوءِ، جڏهن ٻاهرئين مطالعي ۽ مشاهدي جي تحصيل کي پورو ڪيو تہ کيس الهامي ۽ آفاقي شاعري ۽ معرفت جو اعلى مقام حاصل ٿيو. اُن وقت شاھہ صاحب پڪي جوانيءَ يعني چاليهن سالن جي ڄمار ۾ هو. سندس هي دؤر تخليقي ۽ تعميري دؤر آهي، جتان هڪ ڪامل مرشد، رهبر ۽ شاعر جي حيثيت ۾ ماڻهن کي فيض ڏنائين ۽ سندن تربيت ڪيائين.
شاھہ صاحب جي ڀِٽ کي وسائڻ ۽ اُتي مستقل سُڪونت اختيار ڪرڻ لاءِ ڪافي روايتون ملن ٿيون، جن ۾ ڪافي تضاد بہ موجود آهن. شاھہ صاحب ڀٽ تي ديري دمائڻ جو انتخاب اُن لاءِ بہ ڪيو هو، جو ڀٽ ڪافي خوبصورت جاءِ هئي، جنهن جي آس پاس پاڻيءَ جا ٽوڀا هئا ۽ ڪراڙ ڍنڍ بہ اُتي ئي موجود هئي. ننڍپڻ کان وٺي جوانيءَ کي رسڻ تائين شاھہ صاحب انهيءَ ماڳ تي ڪيترو ئي وقت گذاريو هو. ‘مقدمه لطيفي’ جي هڪ روايت موجب “شاھہ ڪريم بلڙيءَ وارو ۽ مخدوم نوح هالن وارو ٻئي هڪ ٻئي جا گهرا دوست ۽ همعصر اولياءَ هئا ۽ سندن هڪٻئي سان ملاقاتن جو سلسلو جاري رهندو هو. هڪ ڀيري شاھہ ڪريم بلڙائي، جڏهن مخدوم صاحب سان ملڻ لاءِ وڃي رهيا هئا تہ سندن گذر ڀٽ واري ماڳ کان ٿيو، اُتي فقيرن کي چيائين تہ منزل ساڱري واھہ جي ڪپ تي ڪبي، تنهنڪري اتي ٿورو جهنگ ڪپي، زمين هموار ڪريو.” فقيرن سندس حڪم تي ائين ئي ڪيو، جنهن بعد سمورن حاضر فقرائن کي سڏي با جماعت نماز پڙهيائين. نماز ادا ڪرڻ بعد چيائين تہ: “منهنجي اولاد مان هڪ ﷲ لوڪ پيدا ٿيندو، جنهن جو هن هنڌ (ڀٽ تي) آستان ٿيندو ۽ اهو زبردست شاعر ٿيندو.” چون ٿا تہ سندس پيشنگوئيءَ مطابق اها جاءِ بعد ۾ شاھہ عبداللطيف جو آستان بڻي، جيڪا اڄ ‘شاھہ جي ڀٽ’ ۽ هاڻي ‘ڀٽ شاھہ’ جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. شاھہ لطيف، ڪوٽڙيءَ مان لڏي اچي ڀِٽ آباد ڪئي هئي. ڪوٽڙيءَ مان لڏڻ جو ڪو خاطرخواھہ سبب نہ هو. هو ايڪانت پسند هو، تنهنڪري عبادت ۽ ٻين جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ هيءَ بهتر جاءِ هئي. فقيرن کي بہ ڀـِٽ تي رهائش لاءِ زمين لِيڪي ورهائي ڏنائين. ڀٽ تي دائمي سُڪونت اختيار ڪرڻ ۽ جايون ٺهرائڻ واري وقت دوران سندس والد بزرگوار جي طبعيت خراب ٿي پئي. شاھہ صاحب پنھنجي والد جي بيماريءَ واري عرصي ۾ سندس خدمت ۾ حاضر رهيو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ چواڻي هڪ ڏينهن شاھہ صاحب اڃا ڀٽ جي ڪمن ڪارين ۾ ئي مصروف هو، جو هڪ قاصد اچي کيس ٻڌايو تہ: “شاھہ حبيب جي طبيعت تمام ناچاڪ آهي ۽ هلي ساڻس آخري ملاقات ڪريو.” ان سان گڏوگڏ قاصد سندس والد جو کيس هي نياپو بہ ڏنو:
ڪُه جه نينھہ ننڌاءِ، جي مون واجهائيندي نہ ورو،
جيڪي مُئي ڪنداه، سو جانب ڪرهو جيئري.
والد جو نياپو ٻڌڻ بعد شاھہ لطيف قاصد کي چيو تہ: “آءٌ اجهو اچان ٿو”- ۽ هي بيت پنھنجي والد کي نياپي طور ڏياري موڪليائين:
متان ٿين ملور، ڪينَ اڳاهون آهيان،
ڏسڻ ۾ ڪر ڏُور، حد ٻنهي جي هيڪڙي.
چون ٿا تہ پٽ جي پيغام پهچڻ بعد شاھہ حبيب کي آٿت ملي ۽ سندس اچڻ کان اڳ ۾ ئي سندس روح وڃي حقيقي حبيب سان مليو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب انهيءَ ڏوراپي واري روايت کي تسليم نٿو ڪري. سندس خيال ۾ اها روايت شاھہ حبيب ۽ شاھہ لطيف جي پيار ڀريي تعلق جي اُبتڙ ۽ خلاف آهي. سندس چوڻ آهي ته، “شاھہ لطيف ان وقت پنھنجي دينداري ۽ درويشيءَ سبب تمام گهڻو مقبول هو، جنهن ضرور پنھنجي والد جي علاج لاءِ تمام وڏا طبيب ۽ ويڄ گهرايا هوندا ۽ سندس والد جي خدمت ۾ پيش پيش رهيو هوندو، پر ڦڪين فرق نہ ڪيو، جنهن سبب شاھہ حبيب جي رحلت ٿي، پر مٿين روايت انساني سڀاءَ واري آهي ۽ اُن کي پيار جي تعلق جي اُبتڙ سمجهڻ ٺيڪ نہ آهي.”
هڪ روايت موجب والد جي وفات تي شاھہ صاحب هيٺيون بيت چيو هو:
اوٺـي اُٻـهـرا ٿـيـا، بيـٺـا تـنـگ ڪـشـيـنِ،
ڪُڇـن پڇـن ڪـيـنڪي، ورنـدي وات نہ ڏيـنِ،
لاکيـڻـا، لطيف چئي، ٿا منجهئون لوڪ لڏينِ،
نـيـڻ نمـاڻـا کـڻـيـو، هـنـجـون ٿـا هـاريــنِ،
جُـنگ جواب نـه ڏيـنِ، ڏاڍي ڪـيـفَ ڪڪـوريا.
شاھہ حبيب 1144ھہ/1731ع ۾ وفات ڪئي. کيس شاھہ لطيف خُود ڀٽ تي اچي دفنايو. سندس مزار شاھہ عبداللطيف جي مزار کان اتر طرف اٺن، نون وِکن جي مفاصلي تي واقع آهي. شاھہ حبيب جي وفات تي شـاھہ لـطـيـف جـي عـقيـدتـمـنـد ۽ ٺـٽـي جي نامـيـاري عـالـم۽ اديب
ميان محمد صادق نقشبنديءَ، شاھہ حبيب جي وفات جو سال، هيٺينءَ مادہ تاريخ مان ڪڍيو آهي:
‘الموت جسر يوصل الحبيب للقاء الحبيب’
جنهن مان ابجد جي حساب مطابق ساڳيو ئي سال نڪري ٿو ۽ ان جي معنيٰ ٿئي ٿي: ‘موت هڪ پُل آهي، جيڪا هڪ دوست (حبيب) کي ٻئي حبيب (دوست) سان ملائي ٿي.’ شاھہ لطيف اهو ئي ڪتبو، شاھہ حبيب جي مزار ٺهرائڻ وقت لکرائي لڳرايو، جيڪو اڄ بہ موجود آهي.
روايت آهي تہ والد جي وفات کانپوءِ شاھہ لطيف ڪيترائي ڏينهن سوڳ ۾ رهيو ۽ شديد صدمي کانپوءِ ڪوٽڙي ڇڏي ڀٽ تي اچي دائمي سڪونت اختيار ڪيائين، جيڪو پڻ ڀٽ کي وسائڻ جو هڪ ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. مرشدي شاھہ صاحب کي ورثي ۾ ملي هئي. طريقت جي راھہ ۾ جيئن تہ سندس والد ئي سندس مرشد هو، اُن ڪري والد جي حياتيءَ وارن ڏهاڙن ۾ ئي سندس ڪيترا مريد ۽ معتقد ٿيا هئا. مرشديءَ جي اها ونڊ سندس خاندان جي وڏي ۽ سندس تڙ ڏاڏي شاھہ ڪريم کان هلندي آئي هئي. شاھہ ڪـريـم کانپوءِ ڪـريـم پـوٽـن ۾ شـاھہ حبيـب قـادري سلسلي جو ناليوارو بزرگ ٿيو ۽ سندس وفات بعد سندس ڪيترا مريد سندس پُٽ شاھہ لطيف ڏانهن متوجهہ ٿيا. شاھہ لطيف بہ سلوڪ ۽ معرفت جي پنڌ ۾ قادري طريقي کي اپنايو، پر ڪن روايتن موجب
شاھہ صاحب ‘اويسي’ طريقي جو بہ بزرگ هو. مرشديءَ جي مسند سنڀالڻ کانپوءِ شاھہ لطيف ڀٽ تي يڪجاءِ ٿي ويٺو ۽ مريدن ۽ فقيرن جي ذهني ۽ فڪري تربيت جو سلسلو جاري رکيائين، ان وچ ۾ ضروري ڪمن ڪارين جي سلسلي ۾ وڃڻ، وقت جي عالمن ۽ بزرگن سان صحبتن ڪرڻ توڙي مريدن جي خير عافيت معلوم ڪرڻ لاءِ سير سفر بہ ڪيائين.
ڀٽ جي سموري نظام ۽ انتظام کي شاھہ صاحب تمام سھڻي نموني سان سنڀاليو. فقيرن کي سمورو ڪم ونڊي ورڇي ڏنائين. اُنهن ۾ آئي وئي جي کيڪار ۽ خدمت لاءِ هڪڙا فقير مقرر هئا، تہ ٻئي پاسي حويليءَ جي سار سنڀال ۽ بٺيءَ يا رڌ پچاءَ لاءِ ٻيا فقير مقرر هئا. ان کان سواءِ مسجد ۽ جماعت جي خدمت خاص فقيرن جي حوالي هئي تہ راڳداريءَ ۽ سماع لاءِ بہ سندس ويجها فقير مقرر هئا. اهڙيءَ ريت ڀٽ جو سمورو نظام باضابطه هو.
شاھہ صاحب جي فقيرن جو ڪم هن ريت ورهايل هو:
* حويلي ۽ گهر جو ڪم ڪار، مائي گنگا جت، مائي صالحان تُنياڻي ۽ مائي بوئا وساڻ جي حوالي هو.
* خاص حاضري ۽ خدمت گذاريءَ جي فقيرن ۾ عبدالواسع فقير سالارو، سکر فقير ڏيرو، اسماعيل فقير ڏيرو، اجن فقير ڏيرو، ڪمال فقير سينهڙو، ورو فقير عرف ’وڳنڌ‘، نور محمد فقير ابڙو، عمر فقير سهتو، فقير سيد سائينءَ ڏنو موسيٰ پوٽو (مٽياروي سيد) ۽ بچو فقير قابل ذڪر آهن. انهن مان عمر فقير سهتو، شاھہ صاحب جو خاص خادم هو، جنهن کيس ننڍي هوندي نپايو هو ۽ سندس پروش ڪئي هئي.
فقير سيد سائين ڏنو، شاھہ صاحب جو هنڌ بسترو وڇائيندو هو.
بچو فقير ڪونئرو جهليندو هو. مصلو، تسبيح توڙي نماز ۽ عبادت جو بندوبست عبدالجميل فقير انڙ جي حوالي هو. عالم فقير ڏيرو،
شاھہ صاحب جو ماسات هو، جيڪو ذڪر ۽ سماع جو خاص نگران هو. شاھہ صاحب کيس ’محمد عالم سچو عالم‘ سڏيندو هو ۽ فقيرَ کيس ’خليفو محمد عالم ذاڪر‘ چوندا هئا. فقير صاحب، شاھہ صاحب جو خليفو پڻ هو. سومر فقير لاڙڪ، شاھہ صاحب جو خاص مريد ۽ هڪ پهتل بزرگ هو. شاھہ صاحب طرفان کيس پيري مريديءَ جو ارشاد مليل هو. جنهنڪري ڀٽ تي ڪو شخص مريديءَ جي خواهش کڻي ايندو هو تہ کيس سومر فقير جي حوالي ڪيو ويندو هو. جيڪو مريد کي سلوڪ ۽ معرفت جي سمجهاڻي ڏيندو هو. ان ڪري ٻيا فقير سندس تمام گهڻو ادب ۽ احترام ڪندا هئا.
عارف فقير ٿيٻو، فقيرن کي عبادت جي ترغيب ۽ نماز سيکاريندو هو.
عنايت فقير وساڻ، ڪُجائي جو رسو جهليندو هو.
رحمون فقير راڌارو هو.
قاسم فقير حجام هو ۽ شاھہ صاحب جي سنوارت ڪندو هو.
احمد فقير سمون، شاھہ صاحب جي گهوڙي ‘چنگل’ کي گاھہ پٺو ڏيندو ۽ اُن جي نظرداري ڪندو هو.
محمد رحيم فقير جي حوالي لکپڙھہ جو ڪم هو ۽ هي شاھہ صاحب جو منشي ۽ ڪاتب هو.
راڳ ۽ سـمـاع جـي انـتـظـام ۾ خـليـفـو محـمـد عـالـم ڏيـرو،
شاھہ صاحب جو وڏو خليفو ۽ ساٿي تمر فقير، سندس هم رفيق هئا.
ڀٽ تي شاھہ صاحب ذڪر ۽ سماع جي سلسلي جي شروعات ڪئي هئي. جيئن تہ شاھہ صاحب راڳ ۽ سماع جو ڄاڻو ۽ ذوق رکندڙ هو، اُن ڪري ڀٽ تي هر وقت سماع ۽ راڳ جاري هوندو هو. شاھہ هڪ طرف مسلسل عبادتن ۽ رياضتن، ذڪر ۽ فڪر، زهد ۽ جهد جي ڪري اعلى اخلاقي ۽ روحاني معراج کي پهتو هو. ٻئي طرف وٽس ماڻهن جي تمام گهڻي رجوعات بہ هئي. روايت آهي تہ کيس هر وقت يادِ الاهيءَ جي تڙپ هوندي هئي. جڏهن سماع جو سلسلو شروع ٿيو تہ ويتر وجد
۽ حال ۾ رهڻ لڳو، جنهنڪري ڀٽ تي سماع جو باقاعدي بنياد پيو.
تمر فقير جي مزار
رات جو سڀئي فقير مچ جي روشنيءَ تي سماع ڪندا هئا. سماع جو اڳواڻ خليفو محمد عالم ڏيرو ۽ شاھہ صاحب، سماع جي شروعات ڪندا هئا. هڪ طرف محمد عالم ڏيرو ۽ سندس ساٿي هوندا هئا تہ ٻئي طرف تمر فقير ۽ سندس ساٿي، شاھہ جي بيتن سان سماع ڪندا هئا. سماع اڪثر رات جي وقت ڪيو ويندو هو. هر مهيني جي پهرئين سومر يا سائي سومر جي رات ۽ حج جي رات خاص سماع لاءِ مقرر هيون. جمعي جي ڏينهن ۽ عيدن جي موقعي تي نماز بعد بہ سماع ٿيندو هو.
شاھہ جي سماع واري جاءِ
اهڙيءَ ريت راڳ جو بہ باقاعدي بنياد پيو. شاھہ صاحب جا ڪجهہ فقير راڳ جي ذوق سبب ‘لطيفي راڳ’ جا راڳي ٿيا. هز هائينس مير عبدالحسين سانگيءَ لکيو آهي تہ: ”شاھہ صاحب کي راڳ ئي ڀٽ تي رهايو، نہ تہ پاڻ پنھنجي جذبي ۽ جوش ۾ هتان کان هتي گهمندا ڦرندا رهيا. راڳ جي رَس سان ئي سندس تسڪين ٿي ۽ راڳ خاطر ئي ڀٽ کي وسائي ويٺا. راڳ سندن روزمره جو مشغلو هو، جنهن جو ذوق شاھہ صاحب ۽ خود فقيرن ۾ ايترو وڌيو، جو اهو سندن روحاني خوشي ۽ خوراڪ بنجي ويو. آخر ڪجهہ فقير بيمار پڻ ٿيا، جنهنڪري شاھہ صاحب جي ارشاد موجب هر جمعي جي رات راڳ ٿيندو هو، جيڪو اڄ تائين ٿيندو اچي. شاھہ صاحب جي دؤر ۾ ڪيترائي استاد راڳي ڀٽ تي سندس حاضري پڻ ڀرڻ آيا. اُنهن راڳين مان دهليءَ جا ٻہ مشھور گويا اٽل ۽ چنچل سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا هئا، جن ئي شاھہ صاحب جي رسالي جي سُر وار ترتيب ڏني هئي. ‘لطيفي راڳ’ لاءِ دنبوري جي ساز جو استعمال ٿيندو هو، اهو دنبورو پنجن تارن تي مشتمل هو، جنهن جو مؤجد ۽ تخليقڪار بہ شاھہ صاحب خود هو. شاھہ صاحب خود بہ پنهنجا بيت ۽ وايون ڳائيندو هو. تمر فقير کي راڳداريءَ جي خاص شعبي جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو. تمر فقير جو اولاد اڄ بہ درگاھہ شاھہ لطيف جي مجاوريءَ جا فرض سنڀاليندو اچي ۽ اهي لطيفي راڳ جا راڳي بہ آهن ۽ ‘تمراڻي فقير’ سڏجن ٿا.
شاھہ صاحب ڀٽ جي ڀيڻيءَ تي آباد ٿيڻ کانپوءِ، ڪيترن مشغلن هوندي بہ پنهنجن وڏڙن ۽ بزرگن جي تربتن جي سار سنڀال لهندو هو. پنھنجي تڙ ڏاڏي شاھہ ڪريم سان کيس فڪري ۽ ذهني لڳاءُ هو ۽ سندس هدايت، تلقين، شاعري توڙي بي مثال نوڙت ۽ نهٺائيءَ واري زندگيءَ کان بيحد متاثر هو. جوانيءَ واري دؤر کان وٺي ڀٽ وسائڻ تائين پاڻ شاھہ ڪريم جي آخري آرامگاھہ تي زيارت لاءِ ويندو رهندو هو. هڪ طرف شاھہ لطيف جو شاھہ ڪريم سان روحاني ناتو هو ته، ٻئي طرف شاھہ ڪريم، ڪريم پوٽا خاندان جو وڏو ڏاڏو بہ هو، جنهنڪري ساڻس تمام گهڻي عقيدت ۽ محبت هئڻ ڪري، شاھہ صاحب سندس تربت تي روضو تعمير ڪرائڻ جو ارادو ڪيو. ان وقت 1154ھہ/ 1741ع ۾ سندس عمر 52 سال هئي. شاھہ ڪريم جي درگاھہ جي تعمير لاءِ کيس ڪاشيءَ جون سرون آڻڻ لاءِ ملتان بہ وڃڻو پيو ۽ اها مزار مسلسل ٻن سالن جي محنت سان 1154ھہ کان 1156ھہ (1741ع کان 1743ع) تائين جڙي راس ٿي. اهو سال سندس اُڪريل ڪاشيءَ جي سِر جي ڪتبي مان معلوم ٿئي ٿو، جنهن بعد شاھہ ڪريم جي روضي جي ڀرسان اُتر طرف هڪ جامع مسجد جي تعمير بہ ڪرايائين. اهڙيءَ طرح سندس ڏاڏي عبدالقدوس شاھہ جي قبي جي تعمير بہ سندس محنت ۽ عقيدت جو نتيجو آهي. روايت آهي تہ شاھہ لطيف درگاھہ ڪريم جي تعمير ٿيڻ کانپوءِ هڪ سر تي ‘لطيف’ نالو اُڪرائي، ان کي روضي جي دروازي واري پاسي هڻايو هو. ان وقت شاھہ ڪريم جي درگاھہ جو گادي نشين
سيد عبدالواسع شاھہ هو، جيڪو شاھہ عنايت صوفيءَ [جهوڪ واري] جو مخالف ۽ سندس شهادت ۾ سڌيءَ اڻسڌيءَ ريت شريڪ هو، اهو جڏهن شاھہ ڪريم جو روضو ڏسڻ آيو تہ اها ‘لطيف’ جي نالي واري سر ڏسي چوڻ لڳو تہ: “واھہ! عبداللطيف ڀانئين ٿو تہ هن گاديءَ جو وارث بہ مان ٿيان.” سندس ڌيان دنيوي هئڻ ڪري کيس وهم ورائي ويو، تنهنڪري اها سر ڪڍي ڦٽي ڪرايائين ۽ ان جاءِ تي ٻي سِر هڻائي ڇڏيائين.
شاھہ لطيف اڃا اُتي ئي ‘بلڙي’ جي ڀرسان ‘ڊنڍي’ شھر ۾ پنھنجي هڪ عزيز سيد محمد صلاح وٽ ترسيل هو، جو وٽس عبدالواسع جي سِر پٽائڻ واري خبر اچي پهتي، جنهن تي شاھہ صاحب کي ڏاڍي حيرت لڳي ۽ چيائين تہ: “لطيف، ﷲ تعالى جي اسمن مان هڪ آهي، جنهن جو آءٌ پڻ ٻانهو آهيان.” اڄ عبدالواسع شاھہ جو مقبرو ٻين مزارن ۽ مقبرن جي ڀيٽ ۾ عبرت جو مقام بڻيل آهي. اهو مڪافات عمل آهي يا تاريخ جو فيصلو، ڏسندڙ روبرو وڃي ڏسي سگهن ٿا.
شاھہ لطيف جو تعمير ڪرايل شاھہ ڪريم جو روضو
شاھہ صاحب جو مريدن ۽ فقيرن وٽ وڃڻ: شاھہ صاحب جي سير ۽ سفر کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
(1) ويهن ٻاويهن سالن جي ڄمار يعني جوانيءَ واري وقت ۾ سندس ڪيل سير ۽ سفر،
(2) چاليهن سالن جي ڄمار ۾ ڪيل سير سفر.
سندس عمر جي پهرئين حصي ۾ ڪيل سير سفر پُرجهڻ ۽ پروڙڻ لاءِ بزرگن ۽ اوليائن جي درگاهن، ديس ۽ پرديس جي ماڳن مڪانن، پيشہ ور ماڻهن توڙي عوام جي عام زندگيءَ جي مطالعي ۽ مشاهدي لاءِ هو، پر چاليهن سالن جي ڄمار ۾ جڏهن هو فڪر جي اعلى معراج تي پهچي چڪو هو، تڏهن هو هڪ ئي وقت ڀٽ جو منتظم هو. ان عمر ۾ ڪيل سير سفر ڪنهن وڏي مقصد ۽ سوچ ويچار هيٺ ٿيو هوندو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب شاھہ صاحب هن سفر ۾ پنهنجن پيارن مريدن ۽ مخلصن وٽ سندن پوئيواري ڪرڻ لاءِ ويندو هو. ٻين حال ۽ ڄاڻ وارن فقيرن سان بہ ملڻ ويو ۽ پنھنجي همعصر عالمن ۽ عارفن سان سلوڪ ۽ معرفت واريون صحبتون ڪرڻ بہ ويو هو. انهيءَ سموري سفر ۾ وعظ ۽ نصيحت لاءِ مثنوي مولانا روم، بيان العارفين ۽ قرآن پاڪ هميشہ گڏ کڻندو هو. سندس ساٿي محمد صلاح بہ هر سفر ۾ ساڻس گڏ هوندو هو. شاھہ صاحب جي اعلى عرفان واري ذوق، وحدت واري نظريي ۽ انسانيت جي عظيم پيغام جي ڪري سندس نہ رڳو ڪيترا مسلمان مريد ۽ معتقد هئا، پر ڪيترا هندو ۽ وقت جا حڪمران بہ سندس عزت ڪندا هئا.
ڪوڙين ڪم سلام، اچيو آسڻ اُن جي!
شاھہ صاحب، سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر ڪيترن علائقن ڏانهن سفر جي سانگي ويو. اهڙيون ڪيتريون ئي شاهديون سندس ڪلام مان ملن ٿيون ۽ انهن علائقن ۾ سندس نالي سان منسوب اهڙيون ڪيتريون روايتون بہ موجود آهن. انهن مان اڪثر ماڳ مڪان انهن فقيرن جا آهن، جن وٽ شاھہ صاحب گهڻو ويندو هو. شاھہ صاحب جي عقيدتمندي ۽ مريدي ڪڇ طرف جتن ۾ گهڻي هئي، جنهنڪري اوڏنهن ڳچ ڀيرا ڪيائين، ان ارادت ۽ عقيدت جو بنياد ونهيين فقير سالاراڻي جت ۽ تماچي فقير نُهڙيي وڌو، جنهن بعد واڳڙ طرف بہ سندس ڪيترائي مريد ٿيا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب موجب اُهي مڪان بعد ۾ تمر فقير جي اڳواڻيءَ هيٺ ’شاھہ جي راڳ‘ جو مرڪز پڻ بڻيا. مثال طور: ‘ڏر مڪان’: لکپت شھر جي ڀرسان ۽ سالار فقير جو ڳوٺ ‘ڀٽائو مڪان’: پير شھر جي ڀرسان، جتي سانولي فقير جت جي مزار هئي. ‘آسالڙي مڪان’: لکپت شھر جي ڀرسان هو. ‘اوريڻڙو مڪان’: نکتراڻي شھر جي ڀرسان ۽ تماچي فقير نهڙيي جو ڳوٺ هو، ‘ڄڙهوٽ مڪان’: نکتراڻي شھر ويجهو ۽ صالح فقير مڱريي جو ڳوٺ هو. ‘سراڙو مڪان’: تعلقي کاهوڙي ۾ ۽ ڇَتي فقير لاکاڻيءَ جو ڳوٺ هو، ‘بگهاڙيو’ مڪان: هتي شاھہ ڪريم جا خاص مريد جئينداڻي جت فقير رهندا هئا. ‘آرل’ مڪان: تعلقي نکتراڻي ۾ هو ۽ خليفي دين محمد فقير جو ڳوٺ هو. هنن مڪانن مان ڪيترن هنڌن تي اڄ بہ ‘شاھہ جو راڳ’ ڳايو ويندو آهي. خاص ڪري سالاراڻي جَت اڄ بہ اها روايت قائم رکيو اچن.
ڪن روايتن موجب شاھہ صاحب ڪڇ کان ٻاهر ڀڄ طرف بہ ويو هو ۽ جيسلمير ۽ ٻاڙمير تائين بہ سندس پنڌ هئا، جتي سندس ڪيترين ذاتين وارا مريد: سميجا، مڱريا، لنجا، ڀنڀرا ۽ دل وغيرہ اڄ بہ موجود آهن. سندس جيسلمير جي راجا سان بہ ملاقات ٿي هئي، جيڪو کائنس تمام گهڻو متاثر ٿيو هو ۽ ان راجا سندس رحلت بعد نغاري (ڀير) جي جوڙي ڀٽ تي نذر عقيدت طور اُماڻي ڏني هئي. شاھہ صاحب ان علائقي جي ڪيترن هندو فقيرن ۽ سنتن سان بہ ملاقاتون ڪري ساڻن ‘حق ۽ حقيقت’ بابت روح رهاڻيون ڪيون. ملتان جي غوثيه جماعت جي بزرگن سان بہ مليو. اهڙيءَ ريت شاھہ صاحب جن علائقن ۾ وڌيڪ وقت ترسيو اُتي سندس ‘تڪيا’ بہ قائم ٿيا، جيڪي ’شاھہ جا تڪيا‘ سڏجن ٿا. سنڌ ۾ سندس نالي سان موجود اهڙا ڪيترائي تڪيا آهن. مثلاً: کپري تعلقي ۾ ‘واگهين جي ڀٽ’، ٺٽي ۾ مڪليءَ ويجهو تڪيو، بدين، روهڙي، بکر (پراڻو) ۽ ‘ترائي’، جيڪا مديجي (ضلعي شڪارپور) کان ٻہ ميل پري اُتر- اولھہ طرف آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو تہ اُتي شاھہ صاحب ترسيو هو. اهڙيءَ طرح سنڌ کان ٻاهر بہ اهڙيون ڪجهہ شاهديون ۽ ثبوت ملن ٿا. واڳڙ جي ڀرپاسي، جتي شاھہ صاحب چاليھہ ڏينهن رهيو، اتي سندس ياد کي قائم رکڻ لاءِ مچ ۽ ميلو ٿيو. ٻاڙمير جي ڀرپاسي هڪ هندو سنت ’ملي ناٿ‘ کائنس تمام گهڻو متاثر ٿي سندس شيوڪ ٿيو هو. اتي تڪيي جي يادگار طور هندن ۽ مسلمانن جو گڏيل ميلو ٿيڻ لڳو هو. شاھہ صاحب ڪوٽيشور جي مندر لڳ، جنهن مسجد ۾ ٽڪيو، اُتي سندس تسبيح اڄ بہ يادگار طور موجود آهي. شاھہ صاحب ڪوٽيشور جي مندر جي جنهن ديوار سان ٽيڪ ڏئي ويٺو هو ۽ هندو سنتن سان رهاڻيون ڪيائين، اتي سندس تڪيو آهي. اهڙيءَ ريت شاھہ صاحب ‘نارائڻ سر’ بہ ويو، ان مندر جي ديوار ۾ سندس يادگار قائم رکڻ لاءِ محراب مثل نشان ٺاهيو ويو هو، جيڪو اڄ بہ قائم آهي. اهڙيءَ طرح جن جن ماڳن تي شاھہ صاحب ويو ۽ جن جن هندو توڙي مسلمان بزرگن ۽ فقيرن سان مليو ۽ ساڻن رهاڻيون رچيائين، تن جو ذڪر سندس ڪلام ۾ موجود آهي. نارائڻ سر، ڪوٽيشور وغيرہ بابت ‘شاھہ جي رسالي’ ۾ هڪ اڌ بيت ملي ٿو، جڏهن تہ ماڌو جوشي ‘اشڪ’ [ڪڇي ۽ سنڌيءَ جي شاعر] وٽان محترم تاج جويي کي 1.9.2015 تي احمدآباد (انڊيا) ۾ هڪ رهاڻ دوران هيٺيان ٽي بيت مليا:
نائي نارائڻ سر، سانڍي منجهئين ساھہ،
اوڏو آهي الله، ‘ڪوٽيسر’ جي ڪنڊ تي!
-
ڪوٽيسر جي ڪُنڊ تي، رهيو آهي رام،
جنين سنياسين سَمريو، اندر ٿيو آرام،
ڪروڌ ۽ ڪام، ويا وجودان نڪري.
-
ويا وجودان نڪري، اُن کي واحد وڏائي،
ثابت ٻڌيو سندرو، منجهہ ماڻن مٺائي،
اُنين کي آئي، لذت شاھہ لطيف چئي.
اهڙيءَ طرح ‘ڪاپڙي پنٿ’ سان واسطيدار گورکناٿ جي پيروڪار ‘ميڪڻ فقير’ سان شاھہ جي متوقع ملاقات جو ذڪر بہ ماڌو جوشي ‘اشڪ’ ڪيو آهي.
ميڪڻ (ميڪرڻ) فقير ڪڇيءَ جي وچولي دَور (Medieval age) جو مشھور سنت ڪوي، عام طور ’ڏاڏا ميڪرڻ/ ميڪڻ‘ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. ميڪڻ فقير جو جنم 1666ع ۾ ٿيو هو، يعني شاھہ لطيف کان صرف 23 سال اڳ ڄائو هو. شاھہ صاحب، جن ڏينهن ۾ ڪڇ ۽ جيسلمير جو سفر ڪيو هو، تن ڏينهن ۾ ڏاڏي ‘ميڪڻ’ جو نالو ڪڇي عوام جي زبان تي عام هو. ميڪڻ 1739ع ۾ چالاڻو ڪيو، جڏهن تہ شاھہ صاحب جو وصال 1752ع ۾ ٿيو هو. شاھہ ۽ ميڪڻ فقير پاڻ ۾ همعصر هئا، ۽ قوي امڪان آهي تہ سندن پاڻ ۾ ملاقاتون ٿيون هيون. اُن جو ثبوت ڪڇ ياترا تان موٽڻ بعد شاھہ جي ڪلام، خاص ڪري سُر رامڪليءَ ۾ ‘ڪاپڙين’ جو ذڪر عام آهي.
ڏاڏو ميڪڻ، هنگلاج جو درشن ڪرڻ لاءِ سنڌ بہ آيو هو. سنڌ سان وابستہ ميڪڻ فقير جون ٻہ روايتون ملن ٿيون:
(1) بدين شھر ڀرسان ڪاڇيل ڀٽ تي ڀڳت ميڪڻ جو تڪيو موجود آهي، جتي روايت ملي ٿي تہ شاھہ حبيب، شاھہ لطيف جي ابتدائي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ کيس [ڪاپڙي پنٿ جي] ميڪڻ گروءَ وٽ سکيا لاءِ ڇڏيو ۽ شاھہ صاحب کانئس ويدانت جي ڄاڻ ۽ ‘جوڳ وديا’ حاصل ڪئي. ڏاڏي ميڪڻ کيس ڪوٽيشور، نارائڻ سر، گرنار، ڪارونجهر ۽ نانيءَ جي جوڳين سان ملايو ۽ ساڻن گڏ سفر ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو هو.
(2) ڏاڏي ميڪڻ جي [ٺٽي کان هنگلاج ويندي] جهوڪ جي شاھہ قلندر سان ملاقات ٿي هئي، ۽ اُتي هن شاھہ قلندر کان متاثر ٿي هيٺين ساکي يا بيت چيو هو:
هندو يا مسلمان جو، مچي مٿي مانڊاڻ،
مرم نہ ڄاڻي ‘ميڪڻ’ چئي، آدمي لوڪُ اڄاڻ.
شاھہ ۽ ميڪڻ جو تقبلي اڀياس ڪبو تہ منجهن فڪري هڪجهڙائي ملندي. ميڪڻ، سنڌيءَ جي ڪڇي لهجي جو وڏو شاعر هو. هتي شاھہ ۽ سندس همخياليءَ جا ڪجهہ مثال ڏجن ٿا:
رڙي، رمي تون رام چئه، آتم اهـو نہ ڀُـل.
(ميڪڻ)
اکـر پـڙھہ ‘الـف’ جو، وائي ٻـي وسـار.
(شاھہ)
جَتِـي سَتـي، تـپسـوي آڪـر پنـٿ اچـن،
نِـمـن ڪري نـر نـار، جـوڳي جـاترا ڪـرن،
سُـور پـورا ساڌ جـن، آڪـر پـنـٿ اچـن،
مانگي جو ميڪو چوي، ڀاءُ ڀڳتي ڪرن.
(ميڪڻ)
هلڻ جو هنگلاج ڏي، آديسين اُتوم،
نيئي پورب پار ڏي، ويراڳين وڌوم،
هُو جو تيرٿ تڪيو، سامين سُونهايوم.
(شاھہ)
آديپور کان ڀڄ ويندي ‘ڌرنگ’ جي مقام تي ‘ميڪڻ’ جي سماڌي آهي. مٺيءَ کان ڏيپلي ويندي ‘ويڙهي جهپ’ جو مقام اچي ٿو، جتي ‘پاربرهم’ جو ميلو لڳي ٿو، جيڪو پڻ ‘ميڪڻ ڏاڏي’ جو شش (چيلو) هو، جنهن بہ ‘ويڙهي جهپ’ ۾ سماڌي ورتي هئي. ماڌو جوشي ‘اشڪ’ هڪ اڻپورو شعر بہ ٻڌايو ۽ چيو تہ اُن جي صحت اصل شعر کي ڏسڻ بعد قائم ڪري سگهجي ٿي:
قرآن ۾ ڪاپڙي، ڪلمي تي پورا،
يا
‘ميڪڻ’ چئي مون کي، سيد مرشد مليا
ڊاڪٽر بلوچ صاحب وٽ بہ ان قسم جو هڪ ٻيو مثال ملي ٿو. شاھہ صاحب ‘ڌيڻو ڌر’ جي جبل جي مڙهيءَ ۾ هڪ ڪاپڙيءَ کي تپسيا ڪندي ڏٺو. ڪن روايتن موجب اهو ڪاپڙي خود ‘ڌرم ناٿ’ پاڻ هو. بهرحال ان ڪاپڙيءَ پنھنجي تپسيا دوران ٻانهن اُڀي جهلي سڪائڻ جو عھد ڪيو هو. ڪاپڙيءَ جي ڀڳوان کي پائڻ لاءِ اهڙي هلت ڏسي، شاھہ صاحب کيس هدايت ڪئي تہ:
هينئون نہ سُڪائيه هوت لئه، ٿو سُڪائين ٻانهون،
ڏيکارين ٿو ڏيھہ کي ‘ڌيڻا’ ڪيو دانهون،
پاڻهي مُٺئي پاڻ کي، چوين آديسي آئون،
ايءُ پنڌ پراهون، ڪي ڪي لهندا ڪاپڙي.
‘مقدمه لطيفي’ ۾ پروفيسر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ بہ اهڙي هڪ روايت جي تصديق ڪئي آهي. ان موجب جڏهن شاھہ صاحب ننگر ٺٽي واري پاسي ڏانهن سفر پئي ڪيو تہ اوچتو هن هڪ درد ڀري دانهن جو پڙلاءُ ٻڌو. ٿورو اڳتي وڌي ڏٺائين تہ غار ۾ هڪ شخص هر هر [شاھہ صاحب جي هڪ بيت جي] هيءَ مصرع پيو ورجائي:
‘هيڪليائي هيل، پورينديس پنهونءَ ڏي’
شاھہ صاحب ان شخص کان ويجهو وڃي خير عافيت پڇي ۽ حال احوال معلوم ڪيو، جنهن کيس ٻڌايو تہ هو هڪ جت قبيلي جو فرد آهي. هو ساٿين سان گڏجي شاهوڪاري مال لڏيو پئي ويو تہ هالن جي ڳوٺ [ٺٽي] وٽ جڏهن سندن قافلو پهتو تہ اتي ڪن فقيرن راڳ پئي ڳايو، جنهن جي هڪ تُڪ کيس اهڙي تہ ضرب هنئي، جو مال متاع ۽ گهر ٻار ڦٽا ڪري اها ئي تڪ ڳائيندو هتي اچي نڪتو آهي. شاھہ صاحب محسوس ڪيو تہ هن ماڻهوءَ جي من اندر ڪو وڏو درد آهي. جنهن ڪري کيس چيائين تہ ‘جي تنھنجي مرضي هجي تہ هن بيت جون ٻيون سٽون بہ تو کي سُڻايان’، جت کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ کيس ٻڌائڻ لاءِ اصرار ڪيائين، جنهن بعد شاھہ صاحب ان بيت جون بقايا سٽون کيس ٻڌايون:
آڏا ڏونگر لڪيون، سُوريون سُڄن سيل،
تہ ڪر ٻيلي آهن ٻيل، سور پريان جا ساڻ مون.
جَت، بيت جي پهرين مصرع ٻڌندي ئي وجد ۽ حال ۾ اچي ويو. جڏهن آخري مصرع ٻڌائين تہ بيهوش ٿي ڪري پيو ۽ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. شاھہ صاحب کي ڏاڍو تجسس ۽ ڏک ٿيو، جنهن بعد اُنهيءَ جت فقير کي اتي ئي ڪفن ڏيئي دفن ڪيائين، شاھہ صاحب اڪثر اها ڳالھہ ڪندو هو تہ “انهيءَ جت جهڙو صادق ۽ سوخته دل ماڻهو مون ڪڏهن ڪو نہ ڏٺو.” انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو تہ هي شاھہ صاحب جي سير سفر جو ٻيو دور آهي، جنهن ۾ ڀٽ وسائڻ کانپوءِ شاھہ صاحب مريدن، فقيرن ۽ وقت جي وڏن بزرگن سان ملاقاتن لاءِ ويندو هو. جيئن تہ انهيءَ روايت مان معلوم ٿئي ٿو تہ جت فقير هالن جي ڳوٺ ڀرسان اهڙو راڳ ٻڌو هو، جيڪو قومي امڪان آهي تہ شاھہ جي فقيرن يا جتن ئي ڳايو هجي، ڇو تہ سجاول ۽ جاتيءَ [ٺٽي] جا جت نہ رڳو شاھہ جا حافظ پر راڳي بہ رهيا هئا.
بااثر ماڻهن جا شاھہ صاحب سان تعلقات ۽ رويا: شاھہ صاحب پنھنجي اعلى شخصيت ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هو. جهڙيءَ ريت شاھہ صاحب وقت جو وڏو عالم ۽ عارف هو، اُن ڪري سندس صحبت بہ وقت جي وڏن بزرگن ۽ صاحبِ علم ماڻهن سان ٿيندي هئي. شاھہ صاحب اعلى اخلاقي ۽ روحاني مرتبي جي معراج تي پهچي چڪو هو، ان ڪري ڪيترن ماڻهن جو منجهس وڏو اعتقاد هو، جنهنڪري ڪيترن ماڻهن جو ڏانهنس رجوع ٿيندو هو، جن کي ترغيب ڏيندو هو ۽ حق جي راھہ ڏيکاريندو هو. شاھہ صاحب سموريءَ سنڌ ۽ هند جو سير ۽ سفر بہ ڪيو هو، ان ڪري سندس جتان بہ گذر ٿيندو هو، اتي ڄڻ سندن يادگار قائم ٿي ويندو هو.
ڀٽ وسائڻ کانپوءِ، شاھہ صاحب جي شعر ۽ راڳ جو دَور اوج ۽ عروج تي پهچي چڪو هو، جنهن کي ڏسندي ملڪ جا نامور گويا بہ وٽس حاضري ڏيڻ ايندا هئا. شاھہ جي مقبوليت جا اهي سمورا جواز، سندس اعلى شخصيت جي ڪري آهن. پاڻ سج وانگر عيان هو. سندس شخصيت جا ڪيترا پهلو هئا، گربخشاڻي صاحب لکيو آهي تہ: “هڪ هوندي هيس ٻاجهاري طبيعت ۽ ٻيو هو آل رسول، سو جيڪو بہ سندس صحبت ۾ ايندو هو، سو دام ۾ ڦاسي ويندو هو ۽ قرب جي ڪڙي ۾ قابو ٿي پوندو هو.”
انهيءَ طرح شاھہ صاحب جا ڪيترا مريد ۽ معتقد ٿيا ۽ آس پاس جي پيرن جا مريد بہ اچي شاھہ صاحب جا فقير ٿيا. ان حوالي سان آس پاس جي پيرن جي شاھہ صاحب سان حسد يا ساڙ جون حڪايتون ۽ روايتون پڻ ملن ٿيون، ڪن عالمن تہ هالا جي مخدوم خاندان سان بہ سندس اڻبڻت ۽ ڪلهوڙي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي جي شاھہ سائينءَ کي مختلف طريقن سان مارائڻ جون روايتون بہ قلمبند ڪيون آهن، پر مخدوم طالب الموليٰ، پنھنجي هڪ مضمون ۾ ڀٽائيءَ سان مخدومن جي اڻبڻت واري واقعي کي رد ڪيو آهي. پر نور محمد ڪلهوڙي جي روايت جي صحت درست معلوم ٿئي ٿي. شاھہ صاحب بابت ٻيون بہ ڪيتريون روايتون موجود آهن. هڪ روايت اها بہ آهي تہ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو پٽ غلام شاھہ، شاھہ صاحب جي دعا سان پيدا ٿيو هو، جيڪو کانئس پوءِ سنڌ جو حاڪم ٿيو ۽ شاھہ صاحب جو وڏو مريد ۽ معتقد ٿيو. ان ڏس ۾ روايت آهي تہ ‘گلان’ نالي هڪ ڳائڻي ڀٽ تي حاضري ڏني هئي، جنهن شاھہ جي آڏو اهڙو تہ رسيلو ۽ مٺو راڳ ڇيڙيو، جو سڀني فقيرن ۽ ايستائين جو شاھہ صاحب بہ وجد واري ڪيفيت ۾ اچي ويو. شاھہ صاحب کيس دعا ڪئي تہ ‘سندس شادي سنڌ جي حاڪم سان ٿيندي ۽ ‘گُلان مان گُل ٿيندو’- يعني کيس هڪ پٽ ڄمندو، جيڪو پڻ سنڌ جو حاڪم ٿيندو.’ ڀٽائيءَ جي جلال دوران ڪيل پيشنگوئي صچ ثابت ٿي ۽ اڳتي هلي گلان جي شادي ميان نور محمد ڪلهوڙي سان ٿي ۽ کيس غلام شاھہ نالي پُٽ ڄائو، جيڪو وقت جو وڏو حاڪم ٿيو. تاريخ جي ڪتابن ۾ ميان غلام شاھہ جي ڄمڻ جي تاريخ موجود ناهي؛ البت 1740ع ۾ ايران جو بادشاھہ نادر شاھہ ‘افشار’ سنڌ تي ڪاهي اچڻ کان پوءِ ڏَنَ طور وڏي رقم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ٻن پٽن ميان مرادياب ۽ ميان غلام شاھہ کي يرغمال ڪري پاڻ سان ايران وٺي ويو هو. هن واقعي مان معلوم ٿئي ٿو ميان غلام شاھہ اُن وقت نوجوان هو ۽ اندازو آهي تہ سندس جنم 22-1721ع ڌاري ٿيو هوندو. اهڙيءَ ريت مائي گلان جو ميان نور محمد سان نڪاح 1720ع ڌاري ٿيو هوندو. مطلب تہ ان وقت ڀٽائي صاحب، ڀٽ شاھہ تي مستقل سڪونت اختيار نہ ڪئي هئي، ليڪن اتي ايندو رهندو هو. گمان غالب آهي شاھہ صاحب ۽ مائي گلان جي ملاقات ڀٽ يا آسپاس، ان ئي دور ۾ ٿي هئي. نور محمد ڪلهوڙي پاران ڀٽائيءَ کي دٻليءَ ۾ معجون جي روپ ۾ زهر موڪلڻ ۽ سواريءَ لاءِ جڙي گهوڙي موڪلڻ واريون روايتون اڪثر مؤرخن ورجايون آهن ۽ اها حقيقت بہ آهي تہ وقت جا حڪمران اهل ﷲ درويشن ۽ صوفي شاعرن جا مخالف پئي رهيا آهن، جو وٽن ماڻهن جي وڏي تعداد ۾ آمد ۽ ارادت حاڪمن کي هميشہ ڏکي پئي لڳي آهي. تاريخ ۾ اهڙا ڪيترا واقعا موجود آهن.
سنڌ جي عالمن، عارفن ۽ بزرگن سان صحبتون: جيئن تہ شاھہ صاحب پنھنجي والد جي تربيت هيٺ ويهن يا ٻاويهن سالن جي ڄمار ۾ ڪوٽڙي، هالا، ڀئينءَ پور، گنبات کان ويندي بلڙي شاھہ ڪريم، بدين، تلهار ۽ ٺٽي ننگر واري پاسي سير سفر ڪيا ۽؛ سنڌ جي ولين ۽ درويشن جي درگاهن تي زيارتون ڪيون؛ پنھنجي خاندان جي، وڏڙن جي مزارن ۽ مقبرن تي حاضري ڏني هئي؛ ان لحاظ کان سندس والد بزرگوار شاھہ حبيب سنڌ جي عالمن، عارفن، سلوڪ ۽ معرفت جي صاحبن، توڙي وڏن بزرگن سان سندس بہ ملاقاتون ڪرائي کيس اعلى روحاني ۽ اخلاقي تربيت ۽ ترغيب ڏيارڻ جا جتن ڪيا هوندا. اهي ملاقاتون شاھہ لطيف جي سفر جي ٻئي دؤر يعني چاليهن سالن جي ڄمار کانپوءِ بہ هلنديون رهيون. ان لاءِ اهڙيون ڪيتريون شاهديون مختلف ڪتابن ۾ تحرير هيٺ آيل آهن. شاھہ صاحب پنھنجي وقت جي عالمن، عارفن، حديث ۽ فقھ جي صاحبن توڙي پنھنجي دور جي وڏن صوفي درويشن ۽ بزرگن سان مليو هو، ساڻن روح رهاڻيون رچائي، علم ۽ عرفان جون منزلون ماڻيون هئائين. پر ان کان اڳ سندس ابتدائي صحبتن ۽ ملاقاتن بابت پڻ روايتون موجود آهن. سندس ان وقت عمر 12، 13 سال هئي. هيٺ انهن شخصيتن جو مختصر بيان ڏجي ٿو، جن سان شاھہ صاحب پنھنجي زندگيءَ ۾ ملاقاتون ڪيون ۽ ساڻن صحبتون اختيار ڪيون. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ‘شاھہ جي رسالي’ جي مـقـدمـي ۾ انهن بـزرگـن، عـالمن ۽ عـارفن جو ذڪـر مفصل طور ڪيو آهي:
ميون شاھہ عنات رضوي نصرپوري: ڪيترين روايتن مان معلوم ٿئي ٿو تہ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ميين شاھہ عنات رضوي نصرپوريءَ سان گهري صحبت ۽ محبت هئي. ميون شاھہ عنات سلوڪ ۽ معرفت جي راھہ ۾ سکر جي بزرگ شاھہ خيرالدين قادريءَ جي سلسلي سان وابستہ هو ۽ پنھنجي وقت ۾ حال ۽ قال جو صاحب ۽ وڏو درويش ۽ شاعر هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيقات موجب شاھہ لطيف 12، 13 سالن جي ڄمار ۾ ميين شاھہ عنات سان ملاقات ڪئي هوندي. ان وقت ميين شاھہ عنات جي عمر 79 يا 80 سال ڄاڻائي وئي آهي ۽ شاھہ لطيف جي صحبت جو ساڻس سلسلو ميين شاھہ عنات جي وفات [1120-1130ھہ] تائين ٻڌايو ويو آهي. ميين شاھہ عنات ۽ شاھہ لطيف جي ملاقاتن جون حڪايتون سگهڙن ۽ سُڄاڻ ماڻهن جي ڪچهرين جو عنوان بڻيل آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو تہ شاھہ لطيف اڃا ننڍيءَ عمر جو ئي هو تہ ميين شاھہ عنات وٽ رس رهاڻ لاءِ ايندو هو. شاھہ عنات، شاھہ لطيف کي گهڻو ڀائيندو هو ۽ شاھہ لطيف کي بہ ميين شاھہ عنات لاءِ تمام گهڻي محبت ۽ عزت هئي. اهو پڻ چيو وڃي ٿو تہ شاھہ صاحب شاعري جي ترغيب، ميين شاھہ عنات کان ورتي. ان لاءِ روايت آهي تہ: “هڪ ڀيري جڏهن شاھہ عبداللطيف، ميين شاھہ عنات سان ملاقات لاءِ آيو تہ شاھہ عنات کيس شعر چوڻ جي ترغيب ڏني، جنهن تي نوجوان لطيف چيو تہ ‘زمين سڄي کيڙي پئي آهي، مون کي ڪهڙو ٿا ڏس ڏيو’، ميين شاھہ عنات وراڻيو تہ “ابا! تون وڃي سمنڊ کيڙ.”
اهو بہ چيو وڃي ٿو تہ ميون شاھہ عنات، وطن دوست سورمي ‘مارئي’ کي شاعريءَ ۾ وڏي اهميت ڏيندو هو ۽ ‘سسئيءَ’ کي ناپسند ڪندو هو، جڏهن تہ نوجوان لطيف محب وطن مارئيءَ سان گڏوگڏ ‘سسئيءَ’ کي بہ عشق جي اعلى سورمي ثابت ڪيو هو، جنهن کان متاثر ٿي شاھہ عنات بہ سسئيءَ کي پنھنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو.
ميون صابر ولهاري: ميون صابر ولهاري، پنھنجي وقت جو وڏو بزرگ، عابد ۽ زاهد هو. هو سنڌي سماٽ قبيلي ‘سمن’ جي ‘ٻرند’ نک مان هو ۽ ٽنڊي الهيار جي اوڀر طرف ‘ولهار’ ۾ هن مذهبي درسگاھہ قائم ڪئي هئي، جيڪا ميرن جي دؤر ۾ وڏي عروج تي پهتي. شاھہ صاحب هلي وڃي ميين صابر ولهاريءَ سان ملاقات ڪئي هئي.
آخوند حاجي متين الدين سانوڻي [پراڻن هالن وارو]: آخوند حاجي متين، شاھہ صاحب جو صحبتي هو، ۽ هن کيس پنهنجو ميٽائين رنگ جو لباس ڏنو هو، جنهن کي شاھہ صاحب يادگار طور سنڀالي رکيو هو. [1878ع- 1880ع ۾] مير عبدالحسين سانگيءَ جي چوڻ موجب سندس اُستاد آخوند احمد سانوڻيءَ وٽ اهو لباس موجود ۽ محفوظ هو.
سيد شھمير شاھہ باقيل پوٽو [مٽياروي]: سيد شھمير شاھہ جو ذڪر ‘تحفة الڪرام’ ۾ موجود آهي، جيڪو مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو سٺو شاگرد هو. سندس سموري ڄمار دين اسلام جي خدمت ڪندي گذاري. شاھہ صاحب جي ساڻس سٺي ڏيٺ ويٺ هئي، جنهنڪري کيس هڪ هندوءَ کي مسلمان ڪرڻ کان منع ڪيو هئائين.
مخدوم عبدالباسط هالائي: هي پنھنجي وقت جو بھترين عالم هو. شاھہ صاحب سان سندس عقيدت هئي، جنهنڪري شاھہ صاحب وٽس اڪثر ايندو رهندو هو.
حافظ ميون اسحاق درس مشائخ [پوٽو عرف ميون اسحاق بنوي]: ميون اسحاق پنھنجي وقت جو وڏو عابد ۽ زاهد هو. موجودہ تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ مُلي دڙي ۾ تعليم ڏيندو هو. ٻارن کي ديني تعليم ايڏي تہ پيار سان پڙهائيندو هو، جو شاھہ صاحب ملاقات دوران کيس چيو تہ: “ادا! ٻارن کي پاڙهين ٿو يا کارين ٿو!” حافظ اسحاق وراڻيو تہ: “جي کاريندس تہ بہ لطيف ٿيندا.”- سندس چوڻ جو مقصد هو تہ ‘جي تعليم ۾ کري پيا، تہ بہ اخلاق ۾ لطيف [نيڪ ۽ پاڪ] ٿيندا.’ شاھہ صاحب سندس اخلاقي معراج کان شناسا ٿيو ۽ ساڻس وڏيءَ حب سان مليو، جنهن بعد شاھہ صاحب جو وٽس اچڻ وڃڻ ٿيندو هو.
ميون محمد مبين ٿرائي: ميون محمد مبين پنھنجي وقت جو وڏو عالم، عارف ۽ مولوي محمد هاشم ٺٽويءَ جو دوست ۽ همعصر هو. اسلامي درسگاھہ ‘چوٽيارين’ [موجودہ ضلعي سانگهڙ] جو بنياد وڌائين، جيڪا ميرن جي دؤر ۾ اوج تي هئي. ميون مبين شاھہ صاحب جو صحبتي هو ۽ شاھہ صاحب جو اڪثر وٽس سانوڻ مهيني ۾ وڃڻ ٿيندو هو.
مخدوم دين محمد صديقي سھروردي سيوستاني: مخدوم دين محمد اصل پاٽ شريف جو هو ۽ بعد ۾ سيوهڻ ۾ اچي رهيو. مخدوم صاحب ظاهري علم توڙي اخلاقي ۽ روحاني معراج ۾ مٿانهون هو. شاھہ صاحب ۽ مخدوم صاحب پاڻ ۾ تمام گهرا دوست هئا، ايتريقدر جو چيو وڃي ٿو تہ هڪ ٻئي جون دستارون مٽائي پڳ مٽ يار ٿيا هئا.
ميون محمد صلاح پٽ ميون محمد عارف: ميون محمد صلاح وڏو عالم ۽ شاھہ صاحب جو مريد ۽ معتقد هو. ڊاڪٽر بلوچ چواڻي: هن ‘بزغل جا ڪلما’ جوڙيا، جيڪي ‘محمد صلاح جي سنڌيءَ’ جي نالي سان مشھور آهن. ان سان گڏوگڏ هڪ ٻي تصنيف شاھہ صاحب جو ‘سفرنامو ’ لکيائين، جيڪو پوئين دؤر ۾ ضايع ٿي ويو. ميون محمد صلاح ‘مثنوي مولانا روم’ جو بھترين ڄاڻو هو ۽ هر روز مثنويءَ جو وعظ ڪندو هو. شاھہ صاحب جو عزيز ۽ سير سفر جو ساٿي رهيو. سندس اصل ماڳ ٽنڊي قيصر جي ويجهو هو، پر پوءِ مٽياريءَ ۾ اچي رهيو.
مخدوم عبدالله آگرو ڪنڊياري وارو: مخدوم عبدالله آگرو، شاھہ صاحب جو محبتي هو. شاھہ صاحب سفر کان ايندي يا ويندي وٽس ترسندو هو.
مخدوم محمد صديقي قريشي: مخدوم صديقي پنھنجي وقت جو بزرگ ۽ عالم هو ۽ ڪوٽڙي ڪبير [موجودہ تعلقي ڪنڊياري] جي مڪتب ۾ پڙهائيندو هو. سندس درسگاھہ مخدومن جي پاڙي، ‘سوا لک مقام’ جي وچ ۾ هئي، جنهن جي ڀرسان هڪ مسجد هئي، جتي شاھہ صاحب اچي ترسندو هو. مسجد جي ڀرسان هڪ لئي جو وڻ هو، جيڪو بعد ۾ ‘ڀٽائيءَ جو لئو’ سڏبو ويو.
فقير محمد حافظ عرف ميان صاحب ڏنو فاروقي: ميان صاحب ڏنو فاروقي، پنھنجي وقت جو وڏو عابد، زاهد ۽ صوفي درويش ٿي گذريو آهي. سچل سرمست [ميان عبدالوهاب] جو ڏاڏو هو. شاھہ سائين ۽ خواجہ صاحب جي ملاقاتن بابت جدا جدا روايتون ملن ٿيون. هڪ روايت مستند معلوم آهي تہ لڳ ڀڳ 55-1154 ھہ/ 42-1741ع ڌاري
شاھہ صاحب کهڙن جي شھر ۾ مخدوم محمديءَ وٽ هڪ هفتو ترسڻ بـعـد واپـسـيءَ تي درازن ۾ خواجـه صاحـبـڏني سان مليو، ان وقت
خواجہ صاحب ڪلهوڙا سرڪار جو ملازم هو. شاھہ سائين سندس ذهني سطح کي محسوس ڪندي کيس چيو تہ: “ميان صاحب، اوهان کي تہ ‘صاحبِ امانت’ ٿيڻو آهي.‘ جنهن کان پوءِ خواجہ صاحب جي طبيعت ۾ڦيرو آيو ۽ هو ‘امانت جو صاحب’ بڻيو. سندس سنڌي، سرائڪي ۽ فارسي ڪلام موجود آهي.
مخدوم محمدي پٽ شھيد مخدوم عبدالرحمان کُهڙائي: مخدوم محمدي پنھنجي والد مخدوم عبدالرحمان جي شهادت کانپوءِ، سندس جانشين ٿيو. هن جي والد کي ميان نور محمد ڪلهوڙي [1145ھہ/ 1733ع ۾] شھيد ڪرايو هو، جنهن سان شاھہ صاحب جي محبت جو رشتو هو. هڪ ڀيري شاھہ صاحب کهڙن جي شھر ڀرسان چنيھہ فقير اُڄڻ جي کوھہ تي لٿو، جڏهن مخدوم صاحب کي سندس آمد جي خبر پئي تہ پنھنجي خاص ماڻهوءَ هٿان نياپو ڏياري موڪليائين تہ پراڻي محبت واري تعلق ڪري وٽس اچي مهمان ٿئي ۽ دعوت قبولي، پر شاھہ صاحب پنھنجي فقير وٽ اچي مهمان ٿيو هو، سو اوڏانهن وڃڻ مناسب نہ سمجهائين ۽ [هڪ ٺڪر جي ٽُڪر تي آڱر سان] هيٺيون بيت لکي، قاصد کي واپس ڪيائين:
اڄ نہ آيس آنءُ، صبح ايندس سپرين،
توتي جنهن جو نانءُ، سو کڻي بار کُهين جا.
رات گذاري، شاھہ صاحب ٻئي ڏينهن سندس مهمان ٿيو. ان وقت شاھہ صاحب سان پنهنجا راڳائي بہ گڏ هئا، جيئن تہ مخدوم صاحب شريعت جو پابند ۽ ‘اويسي طريقي’ جو وڏو بزرگ هو، تنهنڪري شاھہ صاحب کان راڳ ڳائڻ جو سبب پڇيائين. شاھہ صاحب وراڻيو تہ: “اسان جي اها مجبوري آهي، جو راڳ اسان جي روح جي غذا بڻجي چڪو آهي.” مخدوم صاحب چيس تہ: “هتي ساز بنا راڳ ڀلي ٿئي ۽ بيشڪ ٻڌو.” شاھہ صاحب سندس ڳالھہ قبول ڪئي، ۽ فقيرن ڪمري اندر دنبورا سنڀالي رکيا. سومهڻيءَ نماز بعد، جڏهن فقيرن سوز ۽ گداز وارو راڳ ڳايو تہ ڪمري اندر دنبورا پاڻهي وڄڻ لڳا، جنهن تي مخدوم صاحب اچرج ۾ اچي چيو تہ: “واقعي اها نرالي حالت آهي ۽ اوهان بي ميار آهيو.” جنهن بعد شاھہ صاحب اُتي هفتو کن ٽِڪيو ۽ مخدوم صاحب سان روح رهاڻيون ڪيائين.
چنهيه فقير اُڄڻ: چنيھہ فقير کهڙن جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ رهندو هو. شاھہ صاحب جو پيارو مريد ۽ محبتي هو ۽ وٽس وڃي ٽڪندو هو.
سيد محمد بقا لڪياري (شھيد): سيد محمد بقا لڪياري، پير صاحب محمد راشد ’روضي ڌڻيءَ‘ جو والد بزرگوار هو. جنهن سان شاھہ صاحب جي ملاقات کهڙن جي شھر کان اڳتي ويندي ٿي هئي ۽ اُن ملاقات جو ذڪر پنھنجي پٽ محمد راشد صاحب سان ڪيو هئائون. انهيءَ ڪري محمد راشد، شاھہ لطيف جي شاعريءَ ڏانهن متوجهہ ٿيو هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي چوڻ موجب پير محمد راشد پهريون عالم ۽ قادري طريقي جو بزرگ هو، جنهن سڀ کان اڳ شاھہ صاحب جي عالمانه ۽ عارفانہ ڪلام جي فڪر جي پرک ڪئي ۽ پنھنجي هدايت توڙي وعظ ۾ انهن بيتن جي روشنيءَ ۾ هدايتون ۽ نصيحتون ڪندو هو. اُهي بيت سندس ملفوظات ۾ موجود آهن. سيد بقا شاھہ پاڻ بہ شاعر هو ۽ سندس ڪجهہ شعر ڪتابن ۾ محفوظ آهن.
پير موسن شاھہ جيلاني: پير صاحب پنھنجي وقت جو وڏو عالم ۽ عارف هو ۽ ‘لوءِ مبارڪ’ [گهوٽڪيءَ] جو سجادہ نشين هو. هن 1101ھہ/ 1689ع ۾ هڪ جامع مسجد هڪ علمي درسگاھہ پڻ جوڙايو. شاھہ صاحب وٽن وڃي مسجد ۾ ٽڪيو، جتي پير صاحب سان قرب ڀري ڪچهري ڪيائين. شاھہ صاحب سُر مارئيءَ جا ڪيترا بيت پڙهيا، جيڪي اتي جي پيرن ۽ بزرگن وٽ يادگار رهيا. پير موسن شاھہ جيلاني، شاھہ صاحب جي شعر کان تمام گهڻو متاثر ٿيو.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي: مخدوم محمد هاشم، بلڙي شاھہ ڪريم جي ڀرسان بھرام پور جو رهاڪو، وڏو عالم هو. شاھہ صاحب ۽ مخدوم صاحب جي ملاقاتن جون ڪجهہ روايتون ملن ٿيون، جن مان معلوم ٿئي ٿو تہ سندن هڪ ٻئي سان صحبت ۽ ڏيٺ ويٺ هڪ ٻئي سان سٺي هئي. جڏهن شاھہ صاحب، بلڙي شاھہ ڪريم ۾ پنھنجي تڙ ڏاڏي شاھہ عبدالڪريم جي مزار تي قبو اڏائڻ لاءِ ڪوشان هو. مخدوم صاحب کي ان جي خبر پئي تہ کيس قبو ٺهرائڻ کان روڪيائين، پر شاھہ صاحب کيس ٻڌايو تہ کيس شاھہ ڪريم سان محبت آهي، انهيءَ ڪري هو سندس يادگار قائم ڪرڻ لاءِ مقبرو تعمير ڪرائي ٿو. ان ڪري
مخدوم صاحب ۽ شاھہ صاحب ۾ ايتري ويجهڙائي نہ رهي، پر ان هوندي بہ شاھہ صاحب کي مخدوم صاحب لاءِ ادب ۽ احترام هو. شاھہ صاحب جو دوست مخدوم معين ٺٽوي هو، جيڪو روشن خيال بزرگ هو، ۽ محمد هاشم ٺٽوي اُن بزرگ جو نظرياتي مخالف هو.
درويـش ڏاتـار ڏنو پٽ اسـحـاق سَڪريو: درويش ڏاتار ڏني جو ذڪـر
‘تحفة الڪرام’ ۾ آيل آهي، جيڪو ملاڪاتيار جي بزرگن جو وڏو هو. شاھہ صاحب جي ساڻس صحبت هئي. روايت موجب شاھہ صاحب،
شاھہ ڪريم جي روضي ٺهرائڻ لاءِ جڏهن ڪاشيءَ جون سرون وٺڻ ملتان ويو تہ درويش ڏاتار ڏنو بہ ساڻس گڏ ويو هو ۽ ملتان وارن بزرگن جو معتقد هو.
مخدوم ڀاون شاھہ: ڀاون شاھہ ملتان جي سھروردي غوثيه جماعت ۽ درگاھہ جو گادي نشين هو. جڏهن شاھہ صاحب، فقير ڏاتار ڏني سان گڏ ملتان ويو هو، تڏهن مخدوم ڀاون شاھہ سان ملاقات ۽ صحبت ڪئي هئائين.
ميان محمد صادق نقشبندي ٺٽوي: ميان محمد صادق پنھنجي وقت جو تمام وڏو عالم، صوفي ۽ درويش هو. مخدوم محمد معين ٺٽويءَ کان تعليم حاصل ڪئي هئائين، جيڪو شاھہ صاحب جو وڏو صحبتي هو. خواجہ محمد زمان لنواريءَ وارو سندس شاگرد هو. کيس فارسيءَ تي وڏي مهارت هئي ۽ سٺو شاعر بہ هو. شاھہ صاحب جي تمام ويجهن معتقدن مان هو ۽ سندس اها عقيدت ۽ ارادت عمر جي آخري وقت تائين قائم رهي. شاھہ صاحب جي فرمان تي شاھہ حبيب جي وفات ۽ شاھہ ڪريم جي درگاھہ جي تعمير جا سال ابجد جي حساب موجب نهايت سھڻا تاريخي مادا ڪڍي ڏنا هئائين.
خواجہ محمد زمان لنواريءَ وارو: خواجہ محمد زمان پنھنجي وقت ۾ سلوڪ ۽ معرفت وارو بزرگ ٿي گذريو آهي. خواجہ محمد زمان، شاھہ لطيف جي مريد ۽ وقت جي وڏي عالم ميان محمد صادق نقشبنديءَ جو شاگرد هو. ظاهري توڙي باطني علمن کان واقف هو. طريقت جي راھہ ۾ فنائيت جو قائل هو. شاھہ صاحب ۽ خواجہ محمد زمان لنواريءَ واري جي ملاقات بابت ڪتابن ۽ تحريرن ۾ مشھور روايت آهي تہ شاھہ صاحب جڏهن ساڻس ملاقات لاءِ ويو ۽ کائنس سوال ڪيائين تہ: “فنا کان پوءِ بہ ڪو علم آهي؟” خواجہ صاحب جواب ئي سوال ۾ ڏنو تہ: “فنا کان اڳ ڀلا ڇا آهي؟” ان کان سواءِ هڪ ٻئي سان بيتن جي ڏي وٺ بہ ڪئي هئائون. اها روايت خواجہ محمد زمان جي ڪلام [جي ڪتاب] ۾ موجود آهي. ان وقت خواجہ صاحب جوان هو [۽ شاھہ صاحب جي عمر کانئس وڏي هئي]. خواجہ صاحب جي خواهش هئي تہ شاھہ صاحب سندس مريد ٿئي، پر شاھہ صاحب وڌيڪ وقت اُتي نہ ترسيو. خواجہ صاحب جي نظر ۾ “شاھہ صاحب هڪ اهل دل عارف هو، جنهن جو قلب ذڪر الاهيءَ ۾ مشغول هو.” اهڙيءَ طرح هڪ روايت اها بہ ملي ٿي تہ شاھہ صاحب، خواجہ محمد زمان سان ملاقات کان پوءِ هيءُ بيت پڙهيو هو تہ:
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نہ سگهان ڳالهڙي.
سيد محمد عطا امير خاني ٺٽوي: سيد محمد عطا جڏهن کان شاھہ صاحب جي صحبت اختيار ڪئي تہ مذهبي ڪٽرپڻي ۽ تضاد واريون نفرتون وساري، هڪ نيڪ دل ۽ پاڪ صاف قلب وارو صوفي ٿيو، جنهنڪري شاھہ صاحب کيس اڳ کان وڌيڪ محبت ڏني ۽ اڪثر ٺٽي ۾ سندس اوطاق تي وڃي مهمان ٿيندو هو. روايت آهي تہ هڪ ڏينهن سندس اوطاق تي ڪو مست درويش ڏٺائين، جنهن ٻہ ڏينهن ننڊ ۾ پاسو نہ ورايو هو. ان جي ڀر ۾ وڃي شاھہ صاحب چيو تہ: “اي مست ابدال درويش! توکي جيڪي ننڊ ۾ حاصل آهي، سو اسان جاڳندي پيا ڳوليون، اهڙي ننڊ ڪٿان کان سکئين!”
مخدوم محمد معين ٺٽوي: مخدوم محمد معين ٺٽوي، پنھنجي وقت جي بلند پايي عالمن مان هو. ساڻس شاھہ صاحب جي صحبت زندگيءَ جي ابتدائي ڏينهن کان وٺي آخر تائين قائم رهي. هو تصوف جي شارح ابن عربيءَ جي صوفيانه نظريي جو قائل ۽ ڄاڻو، اعلى درجي جو صوفي سالڪ ۽ وحدت الوجودي فڪر جو علمبردار هو. مخدوم معين ٺٽي جي وڏي عالم مخدوم عنايت ﷲ ۽ دهليءَ جي وڏي عالم شاھہ ولي ﷲ جو ذهين شاگرد هو ۽ نقشبندي طريقي جي بزرگ ميان ابوالقاسم جو معتقد هو. شاھہ صاحب ۽ مخدوم معين جي پاڻ ۾ گهاٽي دوستي هئي، جنهنڪري ڪڏهن شاھہ صاحب وٽس ٺٽي ڪَهي ويندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن مخدوم صاحب ڀِٽ تي اچي ساڻس ملاقات ڪندو هو. مخدوم معين کي ديني علم ۽ فقھ جي ايڏي وڏي ڄاڻ هئي، جو شاھہ صاحب اڪثر مسئلا کانئس پڇندو هو. هڪ ڀيري شاھہ صاحب ‘اويسي طريقي’ جي حقيقت کي سمجهڻ لاءِ فارسيءَ ۾ سوال لکي، ڏانهنس هڪ خط مـوڪلـيـو، جنهن جـا جواب مخـدوم محمـد مـعيـن آسـان فـارسـيءَ ۾ ‘رساله اويسيه’ جي صورت ۾ لکي اُماڻيا هئا. اهو خط سڀ کان اڳ ڊاڪـٽـر بـلـوچ صاحب هـٿ ڪري، 1953ع ۾ ‘نئين زندگي ’ رسالي ۾ ڇپايو ۽ ان جو ‘شاھہ جي رسالي’ جي مقدمي ۾ تفصيل درج آهي. هن خط ۽ ان جي جواب ۾ لکيل ‘رساله اويسيه’ مڪمل طور، سنڌ جي نامياري اديب ۽ شاعر نياز همايونيءَ [سنڌ جي برک دانشور ۽ سياستدان جي ايم سيد جي ڪتبخاني ۾ موجود، مخدوم محمد عارف سنائيءَ جي 1230ھہ/ 1830ع ۾ ڪتابت ڪيل واحد مستند نسخي کي] فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو سال 2005ع ۾ محترم تاج جويي جي ترتيب ۽ نگرانيءَ ۾، شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھہ طرفان شايع ٿي چڪو آهي. هن رسالي جو اردو ترجمو ڊاڪٽر عبدالمقيت شاڪر عليميءَ، اڳ ئي 2000ع ۾ زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد طرفان شايع ڪرايو هو. علمي حوالي سان نياز همايونيءَ جي ترجمي کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي.
مخدوم صاحب، شاھہ صاحب جي راڳ ۽ سماع جو وڏو عاشق هو. ايتري قدر جو سندس وفات بہ ‘لطيفي راڳ’ ٻڌندي ٿِي. ان لاءِ روايت آهي تہ شاھہ صاحب پنھنجي فقيرن سان گڏ پنھنجي دوست مخدوم محمد معين جي آخري وقت ۾ ساڻس ملاقات لاءِ ويو، جتي شاھہ صاحب ۽ سندس فقيرن راڳ جي محفل برپا ڪئي، جنهن ۾ مخدوم صاحب شرڪت ڪئي. راڳ ٻڌڻ سان مخدوم صاحب تي جذب واري حالت غالب پئجي وئي ۽ اُٿي پنھنجي هجري ۾ ويو، جتي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. شاھہ لطيف کي سندس موت جو تمام گهڻو افسوس ٿيو. هن سندس جنازي نماز ۾ بہ شرڪت ڪئي ۽ ڀٽ ڏانهن واپس ٿيندي چيائين: “ٺٽي ۾ پنھنجي يار سان الوداعيءَ لاءِ اسان جي اچڻ جو آخري ڀيرو هو”- چون ٿا تہ شاھہ صاحب هيٺيون بيت مخدوم معين جي بُٺيءَ تي بيهي چيو هو:
جا ڀُون پيرين مون، سا ڀون مٿي سڄڻين،
ڌڱ لـٽـبـا ڌوڙ ۾، اُڀــي ڏٺـا سـون،
ڏينهن مڙيئي ڏون، اُٿي لوچ لطيف چئي.
اهي روايتون ‘تحفة الڪرام’ ۽ ‘معيار سالڪان طريقت’ [ڪتابن] ۾ موجود آهن، جن موجب مخدوم محمد معين جي وفات سن 1161ھہ (1744ع) ۾ ٿي هئي.
مدن ڀڳت: شاھہ صاحب نہ رڳو مسلمان عالمن، عارفن ۽ بزرگن سان صحبتون ڪيون، پر سنياسين ۽ جوڳين سان بہ ڪيترو عرصو صحبت ڪيائين ۽ ساڻن گڏ تيرٿ تڪيا ڀيٽيائين. ڀڳت مدن جو ذڪر ڪتابن ۾ ملي ٿو، جنهن سان شاھہ صاحب جي ڏاڍي محبت ۽ صحبت هئي. مدن ڀڳت شاعر بہ هو ۽ بعضي شاھہ صاحب ۽ مدن ڀڳت جون شعري چٽاڀيٽيون بہ ٿينديون هيون. شاھہ صاحب مدفن فقير سان ڀوڳ چرچا بہ ڪندو هو. مدن فقير لاءِ شاھہ صاحب ڪجهہ بيت بہ چيا آهن، جن جو ڪتابن ۾ ذڪر موجود آهي.
شاھہ صاحب جي زندگيءَ جو آخري دؤر:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکڻ موجب ٺٽي ۾ پنھنجي دوست مخدوم معين جي وصال کان پوءِ شاھہ صاحب جڏهن واپس آيو ته، پنھنجي زندگيءَ جو آخري عرصو ڀٽ تي پنھنجي فقيرن سان گڏجي گذارڻ جو پھہ ڪيائين. ان وقت سندس عمر 59 سال هئي، جنهن جي تصديق ڀٽ تي سندس تعمير ڪرايل جامع مسجد جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿي، جيڪا شاھہ صاحب جي هدايت موجب اڳينءَ مسجد جي جاءِ تي سال 1162ھہ (1745ع) ۾ بکر جي مشھور رازي عيدن کان جوڙائي راس ڪئي هئائين. مسجد جي تعمير جي تاريخ شاھہ صاحب جي چوڻ تي هالن پراڻن جي قاضي ابراهيم ابجد جي حساب موجب ڪڍي هئي، جيڪا ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ميين ولهاريءَ جي ڪتبخاني جي قديم ڪاغذن مان ڳولي لڌي هئي، جيڪا هن طرح آهي:
نادري مسجد دوران چه زيبا دلربا
شاھہ صاحب جي عمر جي آخري دؤر ۾ ڀٽ تي مقيم ٿيڻ کان پهريائين هڪ ٻي روايت پڻ ٻڌائي وڃي ٿي، جيڪا ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ‘مقدمه لطيفي’ ۾، مرزا قليچ بيگ ‘احوال شاھہ عبداللطيف ڀٽائي’ ۾، ۽ تقريباً شاھہ صاحب جي سمورن سوانح نگارن جي ڪتابن ۾ موجود آهي: جنهن موجب شاھہ صاحب کي پنھنجي حياتيءَ جي آخري سالن ۾ ڪربلا مولى جي زيارت جو شوق ۽ چاھہ پيدا ٿيو. ان ڪري ٺھي سنڀري، سفر لاءِ روانو ٿيو ۽ اچي ‘ونگي ولاسيي’ جي ڳوٺ ۾ ترسيو، جتي سندس مائٽ رهندا هئا، پاڻ پنھنجي ڀائٽيي جي پٽ سيد جمال شاھہ وٽ اچي ٽڪيو. سيد جمال شاھہ، سندس تمام گهڻي خدمت ڪئي، جنهنڪري مٿس تمام گهڻو راضي ٿيو ۽ کيس اشاري موجب چيائين تہ کانئس پوءِ کيس جانشين ٿيڻو آهي. ان بعد سيد جمال شاھہ کي تمام گهڻو پيار ڏنائين ۽ پاڻ سان گڏ هڪ ئي بستري تي سمهاري چيائين تہ: “ابا! پاڻ ٻنهي جي نيٺ هڪڙي جاءِ آهي.” ٻئي صبح تي اُتان ڪوچ ڪيائين، راھہ هلندي ڪو مريد گڏيس، جو پڻ ﷲ لوڪ بزرگ هو، جنهن کيس ڏسندي چيو تہ: “سائين هي ڇا؟ ماڻهن کي ٻڌائيندا وتو تہ اوهان جو ڪفن دفن بہ ڀٽ تي ٿيندو ۽ هن پڇاڙيءَ جي عمر ۾ نڪتا آهيو، وڏي سفر تي!“ شاھہ صاحب جي دل ۾ سندس ڳالھہ ڪان وانگر چُڀي وئي، جنهن بعد گهڻو وقت اُتي ئي بيحال رهيو. آخر سفر تي اُسهڻ جو ارادو مٽائي واپس ڀٽ تي موٽيو. ڀٽ تي اچڻ کان پوءِ ڪارو لباس پهريائين ۽ ڪربلا مولى جي شھيدن جي غم ۾ ڪيترا بيت چيائين، جيڪو سندس رسالي جي ‘سُر ڪيڏاري’ ۾ موجود آهن.
شاھہ صاحب پنهنجو وقت ذڪر الاهي ۽ راڳ ويراڳ ۾ گذارڻ لڳو. روايتن موجب پورا ايڪيھہ (21) ڏينهن گوشه نشيني اختيار ڪيائون. ان سموري عرصي ۾ ٻن ويلن جيتري، خوراڪ مس واپرايائون، جڏهن ٻاهر نڪتا تہ غسل ڪري صاف چادر اوڍي، مراقبي ۾ ويهي پنھنجي حقيقي مالڪ سان رهاڻ ۾ مشغول ٿي ويا ۽ فقيرن کي راڳ ڪرڻ جو اشارو ڪيائون. روايت موجب ٽن ڏينهن تائين راڳ جو اهو سلسلو جاري رهيو. ان وچ ۾ سموري ماحول تي خاموشي طاري هئي ۽ هرڪو راڳ جي آلاپ ۾ گُم هو. آخر ۾ سُر سهڻيءَ جي وائي ڳائي وئي: “ڪهڙي منجهہ حساب، هئڻ منهنجو هوت ري.” شاھہ صاحب استغراق، عشق ۽ عرفان واري حالت ۾ ويٺو رهيو، جڏهن راڳ بند ٿيو تہ ڏٺائون تہ شاه صاحب جي روح جو پکيئڙو پرواز ڪري وڃي رب سان واصل ٿيو. شاھہ صاحب جي وصيت موجب کيس ان جاءِ تي دفن ڪيائون، جتي هن وقت سندن مزار آهي. اها 14 صفر 1165ھہ/ 22 ڊسمبر 1752ع جي تاريخ هئي. هجري سن موجب سندس عمر 63 سال يعني حضور ڪريم ﷺ جيتري هئي. شاھہ صاحب جي وڇوڙي جو صدمو ڪجهہ فقير برداشت نہ ڪري سگهيا ۽ غم گذاريءَ ۾ فوت ٿيا، جيڪي ڀٽ تي مدفون آهن.
شاھہ صاحب جي وفات بعد، اُن وقت جي ٻن عالمن قاضي ابراهيم هالائيءَ ۽ محمد پناھہ ‘رجا’ نقشبندي ٺٽويءَ [جيڪي
شاھہ صاحب جا خاص عقيدتمند هئا] فارسيءَ ۾ تاريخي قطعا چيا، جيڪي شاھہ صاحب جي وفات جي المناڪ واقعي جا يادگار آهن. ابجد جي حساب موجب انهن ٻنهي قطعن مان شاھہ صاحب جي وفات جو سال نڪري ٿو، اهي ٻئي قطعا مير محمد خان جي چانديءَ واري جوڙايل دروازي تي اُڪريل آهن:
* قاضي ابراهيم هالائيءَ جي فارسي قطعي مان ‘رضوان حق’ جي لفظن مان شاھہ صاحب جي وفات جو سال نڪري ٿو:
شاھہ صاحب ذوالمناقت سيدِ عبداللطيف،
آن ڪه قطبِ وقت خود بود ست در مردانِ حق،
چون ز جامِ ارجعي مخمور نوشِ وصل شد،
گفت ملهم غيب ربّي رحلتش ‘رضوان حق’.
1165ھہ/ 1752ع
* محمد پناھہ ‘رجا’ جي ٻن ڌار ڌار شعرن جي هيٺين ٻن سٽن ۾
شاھہ صاحب جي وفات جو سال هن ريت ڪڍيل آهي:
زد نعره در فراقِ دگر کرده سينه چاک،
“شد محو در مراقبھ جسمِ لطيف پاک”
1165ھہ/ 1752ع
گفت اين رجا مريد سنِ ارتحالِ پير،
“گرديده محو عشق وجودِ لطيف مير.”
1165ھہ/1752ع
شاھہ جو چوغو، دنبورو ۽ ٻيو سامان
ان کان سواءِ ‘بيان العارفين و تنبيھ الغافلين’ واري قلمي نسخي جي آخر ۾ فقير صالح محمد بن مخدوم ميان محمد افضل، شاھہ صاحب ۽ سندس خاندان جو منظوم احوال ۽ قطعه تاريخون چيون آهن، جن ۾ شاھہ صاحب جي رحلت بابت هي ٻہ قطعه تاريخون درج آهن:
وليء خدا شاھہ عبداللطيف،
زهي زبده آلِ خير البشر،
تو اد صالحا از محبتِ تمام،
بصدق و رسوخ و ادب بيشتر،
بتاريخ او لفظ ‘رضوان حق’،
چوگشته از عزيز آن ڪو مشتهر.
1165ھہ
-
سيد والا شريف مشتهر هر ضعيف،
حضرتِ عبداللطيف مقبل ربِ متين.
-
سيد غوثِ زمان شفق والا نشان،
اشفق قطبِ جھان انور مصباحِ دين
-
ماه کرامات بد شاھہ ولايت بُد،
بحرِ عنايات بد مرشد روئ زمين
-
از پئي سالش زخود وه چه جوابم بشد،
‘شمع ولايات بد هادي قطب يقين’
1165ھہ/ 1752ع
شاھہ صاحب جي وفات کان ستت ئي پوءِ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي پنھنجي خرچ سان شاھہ صاحب جي مزار تي بھترين قبو/ مقبرو تعمير ڪرايو، جيڪو سن 1168ھہ/ 1754ع ۾، بکر جي مشھور عيدن رازي، شاھہ صاحب جي پهرئين گادي نشين سيد جمال شاھہ جي نگرانيءَ ۾ جوڙي مڪمل ڪيو. ‘بيان العارفين’ جي قلمي نسخي جي آخر ۾ روضي جي تاريخ هن ريت ڏنل آهي:
چون زدستِ حضرت سيدِ جمال،
شد بناهِء روضہء شاھہِ لطيف،
راھہ آن جا جلوهِء حق ديد گفت،
‘مرقد پُر نور و درگاھہِ لطيف’
1168ھہ
شاھہ لطيف جي سمهڻ جو ڪمرو
ٽالپرن جي دؤر سنہ 1835ع ۾ سنڌ جي حاڪم مير نصير خان ٽالپر، شاھہ صاحب جي روضي ۽ مسجد جي مرمت ڪرائي ۽ درگاھہ جي قبرستان کي ڀت ڏياري ۽ روضي تي چار گنبذ جوڙايا: يعني لکي دروازي وارو گنبذ، ان ڀرسان ٻہ ننڍا گنبذ ۽ ٻانگي واري دروازي مٿان گنبذ، جنهن تي چٽساليءَ جو ڪم بہ ڪرايائين. سندس ارادو اڃا بہ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو هو، پر سندن 17 فبروري 1843ع ۾ حڪومت قائم نہ رهي سگهي ۽ رٿيل ڪم اڌورو رهجي ويو. اهڙيءَ طرح مير نصير خان جي مربي ڀاءُ مير نور محمد خان، شاھہ صاحب جي مقبري جي اڳئين پاسي ايوان ۾ هڪ کوھہ کوٽايو ۽ سندس سؤٽ مير محمد خان، شاھہ جي مقبري ۾ چانديءَ جو دروازو چاڙهايو، جو اڄ بہ قائم آهي.
شاھہ جي روضي جو چانديءَ وارو دروازو
1928ع ۾ ان وقت جي گادي نشين سيد علي بخش شاھہ عرف علڻ سائينءَ (وڏي) درگاھہ تي جامع مسجد ٺهرائي ۽ روضي اڳيان ورانڊو بہ جوڙايو، بعد ۾ شھدادپور جي ڀائي خان وساڻ گنبذ تي سوني نيل لڳرائي، جيڪا سنہ 1940ع ۾ چورائجي وئي، جنهن کان پوءِ ڀائي خان جي پٽ جان محمد وساڻ مرحوم بمبئيءَ مان سون آڻي، پهرينءَ کان بہ وڏي نيل لڳرائي، جيڪا اڃا تائين قائم آهي.
شاھہ جي تربت جي ڪلنگي
1957ع ۾ ميرپور خاص سان تعلق رکندڙ ڀٽائيءَ جي هڪ مريد ڳهڻي خان جوڻيجي روضي کي اتر کان هڪ ٻيو دروازو لڳرايو ۽ ان اڳيان 25 فٽ ڊگهو ۽ 15 فٽ ويڪرو ورانڊو جوڙايو. اهو دروازو مکيہ چانديءَ واري دروازي جهڙو هو، بعد ۾ سنڌ جي هڪ نامياري شخصيت ڄام ڪانڀو خان جي ڀائٽيي، ڄام جان محمد جي پٽ ۽ اڳوڻي وزير اعليٰ ڄام صادق عليءَ جي سؤٽ ڄام سبب عليءَ اهو دروازو ڪڍرائي، چانديءَ جو هڪ ٻيو دروازو نصب ڪرايو.
1960ع ۾ حڪومت پاڪستان طرفان جاري ٿيل صدارتي آرڊيننس ذريعي سموري ملڪ جون درگاهون سرڪاري تحويل ۾ وٺي، اوقاف کاتي جي حوالي ڪيون ويون. 1994ع ۾ هڪ آرڊر ذريعي
شاھہ لطيف جي درگاھہ کي ‘قومي ورثو’ قرار ڏئي، ان کي آثار قديمہ ۾ شامل ڪيو ويو.
شاھہ لطيف جي شخصيت: شاھہ صاحب جي سموري زندگي مثالي ۽ آدرشي رهي، جنهن لحاظ کان شاھہ صاحب پنھنجي وقت جو وڏو صوفي درويش، عالم، عارف ۽ غير معمولي شاعر هو، ان خيال کان سندس شخصيت بہ غير معمولي هئي. هو پنھنجي مزاج، ڪردار، سوچ، فڪر ۽ شخصيت ۾ مٿانهون ۽ افضل هو، ان هوندي بہ پاڻ سادگيءَ کي ئي زندگيءَ جي سچي سونهن سمجهايائين.
شاھہ صاحب جي ڪا حقيقي تصوير موجود نہ آهي، پر مصورن سندس ڪيتريون تصوراتي تصويرون ٺاهيون آهن، جيڪي روايتن موجب شاھہ صاحب جي نقشن نيڻن موجب چٽيون ويون آهن. [اُن بابت جدا عنوان شامل ڪيو ويو آهي]
شاھہ صاحب جي شڪل ۽ صورت بابت موجود روايتن مطابق سندس قد وچولو، ڪلها موڪرا، بدن پورو پنو، نہ ٿلهو نہ سنهو، وار جوانيءَ ۾ ڳُوڙهي ڪاري رنگت جا، سونهاري گهاٽي ۽ چاپئين هئي. سندس جسماني رنگت ڪڻڪائين ۽ سفيديءَ ڏانهن مائل هئي. سندس پيشاني ڪشادي ۽ اکيون ڪاريون ۽ وڏيون هيون، جيڪي مشعلن وانگر ٻرنديون هيون. سندس جسماني سگهہ چڱي هئي، جنهنڪري سموري ڄمار صحتياب رهيا ۽ ڪڏهن بہ ڪا شڪايت نہ ڪيائون. چون ٿا پيريءَ ۾ ڪجهہ نجهري پيو هو، پوءِ بہ سندس منهن مان نوراني جمال پيو بکندو هو. سندس اُٿڻ، ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ نهايت ادب ۽ احترام وارو هو. طبيعت ۾ نرم مزاج ۽ حليم هو. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن خاص فقيرن مان وڳنڌ فقير سان کل ڀوڳ ۽ چرچو پڻ ڪندو هو، جنهن جو ذڪر ‘سُر بلاول’ جي پڇاڙيءَ واري بيتن ۾ ملي ٿو. پاڻ اڪثر فڪر، سوچ ۽ استغراق ۾ گم رهندو هو ۽ ٻاهران جُرئتمند ۽ رُعب دار ڏسڻ ۾ ايندو هو. ٻاهرئين رعب تاب جي ڪري ڪيترا ماڻهو توڙي مريد سندس وڏو ادب ۽ احترام ڪندا هئا. دنياوي ڏيکاءَ کان پاسو ڪندو هو ۽ سندس سينگار جي سامان سان بہ ڪانہ پوندي هئي. اڪثر زيب ۽ زينت وارين شين کي پسند نہ ڪندو هو.
سندس پوشاڪ بلڪل سادي هئي، اڪثر ڪاري ڌاڳي سان سبيل گيڙو رنگ ڪفني پائيندو هو، مٿي ۾ هڪ ڊگهي ‘ڪُلاھہ’ پائيندو هو، جنهن جي چوڌاري ڪاري ڪپڙي جا ٻہ چار ور ڏئي ڇڏيندو هو. پيرن ۾ جُتي پائيندو هو، ڪڏهن پور پوندو هوس تہ اگهاڙين پيرين پيو گهمندو هو. بيراگڻ هٿ ۾ هوندي هئس، جا سدائين پاڻ سان کڻندو هو. کائڻ پيئڻ لاءِ هڪ ڪشتو يا ڪشڪول رکندو هو. شاھہ صاحب جون اهي سڀئي شيون ۽ تبرڪ اڄ بہ ڀٽ شاھہ ۾ ساڳيءَ صورت ۾ فقيرن وٽ محفوظ آهن. پاڻ سادو ڍڪيندو هو ۽ سادو کائيندو هو. ننڊ گهٽ ڪندو هو. منجهس ڪابہ وڏائي ڪانہ هئي.
روايت آهي ته، پاڻ هڪ ڏينهن منجهند جي وقت آرامي هو تہ اوچتو هڪ ڀاڄيءَ واري ٻاهران هوڪو ڏنو تہ: ‘سوئا! پالڪ! چوڪا’ شاھہ صاحب انهيءَ آواز تي هڪدم اُٿي ويهي رهيو، فقيرن کي حيرت ٿي ۽ ڪارڻ ڄاڻڻ چاهيائون، جنهن تي شاھہ صاحب فرمايو تہ: “ابا! اوهان هن باڪريءَ جو هوڪو نہ ٻڌو؟ هن چيو ٿي تہ جيڪو پلڪ سُتو، سو چڪو.” ان بعد وري ڪڏهن ڏينهن جو آرام نہ ڪيائين ۽ ٻين کي بہ گهڻي نہ سمهڻ جي هدايت ڪندا هئا.
شاھہ صاحب پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪو غرض يا لالچ نہ رکي، بلڪ پرايو احسان يا ٿورو کڻڻ کان لهرائيندو هو. اڪثر ڪنهن جي دعوت قبول نہ ڪندو هو، پر جي ڪو گهڻو زور ڪندو هئس تہ مجبوراً وٽس وڃي مهمان ٿيندو هو. روايت آهي تہ سندس جيسلمير يا ٿر جو هڪ مريد وٽس هر سال حاضري ڏيڻ لاءِ ايندو هو ۽ پاڻ سان هڪ ‘کٿو’ نذر عقيدت خاطر آڻيندو هو. هڪ ڀيري غربت سببان سگهہ نہ ساري، شاھہ صاحب جي ديدار لاءِ نہ وڃي سگهيو. ٻئي سال دستور موجب کٿو خريدي شاھہ صاحب سان ملڻ لاءِ آيو، حال احوال پڇڻ بعد شاھہ صاحب کانئس گذريل سال نہ اچڻ جو ڪارڻ پُڇيو، تڏهن اُن شخص تنگدستيءَ ڪري ڀيٽا/ نذر عقيدت لاءِ کٿو نہ خريد ڪري سگهڻ جي ڳالھہ ڪري سڻائي، شاھہ صاحب فرمايو تہ: “اهو کٿو ئي گهوريو، جو دوست کي دوست لاءِ سِڪائي.”
سندس ذاتي ۽ ازدواجي زندگيءَ جا خرچ گهٽ هئا. صرف ضرورت جون اهم شيون خريدڻ لاءِ خرچ ڪندو هو، باقي خدا جي راھہ ۾ غريبن ۽ بي سهارن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. نہ بلڪ ايترو، پر ٻين جي تڪليفن ۾ ساڻن پيش پيش رهندو هو. کيس انسانن سان گڏ حيوانن سان بہ تمام گهڻي همدردي ۽ پيار هوندو هو. پاڻ ڪڏهن ڪنهن گگدام کي پنھنجي هٿن سان نہ ماريائون، ٻين کي بہ ائين ڪرڻ کان منع ڪندو هو. ننڍي وهيءَ ۾ جڏهن تير ڪمان سان راند ڪندو هو، تڏهن بہ ڪنهن پکي، پکڻ ۽ جانور وغيرہ کي ڪان نہ هنيائين.
شاھہ صاحب ‘موتي’ ۽ ‘کينهو’ نالي ٻہ ڪتا بہ پاليا هئا.
شاھہ صاحب سموري ڄمار عبادت ۽ رياضت ۾ گذاري، تَن کي تَسا ڏنا، فاقا ڪڍيا، روزا رکيا، عشق الاهيءَ ۾ پاڻ کي غرق رکيائين ۽ دنيوي خواهشن کي ترڪ ڪري ‘تارڪ’ جي لقب سان سڃاتو وڃي ٿو. زندگيءَ ۾ انيڪ جسماني تڪليفون، اذيتون ۽ نفرتون سھي وڌيڪ باهمت ٿيو. وقت جي بااثر ماڻهن ساڻس ڪيترا وير وڌا، دشمنيون ڪيون ۽ کيس آزاريو، پوءِ بہ خاموش رهيو ۽ برداشت ڪيائين. بلڪ انهن ظالمن سان ڪڏهن بہ وير يا بدلي وٺڻ جي ڀاونا نہ رکيائين.
ڀٽ کي وسائڻ وقت، مزورن ۽ فقيرن سان گڏ پورهيو ڪيائين، محنت کان ڪڏهن بہ نہ ڪيٻايائين. هر ڪم وڏي خوشيءَ ۽ چاھہ سان ڪندو هو. بلڪل ائين جيئن سندس تڙ ڏاڏي شاھہ عبدالڪريم پنھنجي زندگيءَ ۾ محنت، مشقت، عبادت ۽ رياضت ڪئي. شاھہ صاحب پنھنجي تڙ ڏاڏي شاھہ عبدالڪريم وانگر نوڙت، نهٺائي ۽ نماڻائيءَ جي مورت هو. ڪاوڙ ۽ ڪيني جي منجهس بوءِ بہ نہ هئي. هميشہ تواضع ۽ خاڪساري اختيار ڪيائين ۽ ٻين کي بہ اهائي هدايت ڪيائين. ڪڏهن ڪنهن جي عيب جوئي نہ ڪيائين ۽ نہ وري ڪنهن تي ٽوڪ زني ڪيائين. هو نهايت اعلى سوچ رکندڙ، پاڪ دامن ۽ پرهيزگار هو. جوانيءَ ۾ ئي نفساني خواهشن کي ختم ڪري، حقيقي مالڪ ڏانهن واصل ٿيو، تنهنڪري سموري زندگي خوش اخلاقي ۽ ثابت قدميءَ سان صرف ڪيائين.
سماع ۽ راڳ شاھہ صاحب جي روح جي غذا ۽ جياپو هو. ڀٽ تي هميشہ راڳ ٿيندو رهندو هو، پر سفر ۾ بہ راڳائي فقير ساڻس گڏ هوندا هئا. شاھہ صاحب فرمائيندا هئا تہ: “منهنجي دل ۾ الاهي عشق جو وڻ آهي، جيڪو راڳ بنا سُڪي ٿو وڃي.” پاڻ جيترو راڳ جو شائق هو، اوتروئي سماع جو بہ عاشق هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪيترا ڏينهن سماع هلندو هو. پاڻ اُن حالت ۾ اهڙا تہ مُستغرق رهندا هئا، جو اکين مان ڳوڙها پيا وهندا هئن. ساڳيءَ طرح صوفياڻي راڳ ٻڌڻ وقت بہ مٿس وجد طاري ٿيندو هو، ان جذبي هيٺ پاڻ راڳين سان گڏ ڳائيندو بہ هو.
شاھہ صاحب جي زندگي، مثالي ۽ آدرشي رهي. سندس ڪردار ۽ عمل ۾ اُهي سموريون خوبيون ۽ خاصيتون ملن ٿيون، جيڪي هڪ اعلى شخصيت ۾ هئڻ گهرجن. هن سموري زندگي صوفياڻي اصولن موجب صرف ڪئي.
شاھہ صاحب جو عقيدو:
شاھہ صاحب اهل دل انسان هو، جنهن جو قلب الاهي عشق سان ڀرپور هو. هو انسانيت جو علمبردار ۽ ‘واحد حق’ جو طالب هو. سچي
دين جو پوئلڳ، شريعت ۽ طريقت جو صاحب هو. مذهبي تضادن ۽ اختلافن کان آجو، آزاد خيال، نيارو ۽ نرالو هو. پاڻ ڪنهن بہ فرقي جو حامي نہ هو، بلڪ هر فرقي جي عزت ڪندو هو. ظاهري طرح ابن ڏاڏن وانگر سُني هو، پر ڪن ڳالهين ڪري تشيعت کي بہ اهميت ڏيندو هو، جنهنڪري هڪ طرف سندس حضور پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم سان تمام گهڻي محبت ۽ عقيدت هئي تہ ٻئي طرف حضرت علي عليہ السلام ۽ امامن عليہ السلامها سان بہ تمام گهڻي محبت ۽ عقيدت هئن. سندس ڪلام ۾ اها عقيدت ۽ محبت موجود آهي. سندس ڪيترا بيت ۽ وايون، نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي مدح ۽ ساراھہ ۾ چيل آهن. ساڳيءَ ريت امامن سان محبت ۽ عقيدت جو وڏو ثبوت ‘سُر ڪيڏاري’ ۾ ملي ٿو. سُر ڪيڏاري جو سمورو ڪلام امامن جي شهادت واري دل ڏاريندڙ واقعي جو تذڪرو آهي. روايتن موجب شاھہ صاحب محرم جو سمورو مهينو ڪارو لباس ڍڪيندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ماتم ۾ بہ شريڪ ٿيندو هو. سندس اها ئي فراخدلي امامن لاءِ سندس محبت ۽ عقيدت کي ظاهر ڪري ٿي.
شاھہ صاحب هڪ سچو ديندار شخص هو، هو نہ شيعو هو ۽ نڪي سُني. روايتن موجب هڪ ڀيري ڪنهن شخص کائنس سوال پڇيو تہ: “شاھہ صاحب اوهان شيعا آهيو يا سُني؟”، ان تي جواب ڏنائون تہ: “ابا! آئون ٻنهي جي وچ ۾ آهيان.” تنهن تي اُن شخص چيو تہ: “ٻنهي جي وچ ۾ تہ ڪي ڪينهي؟” شاھہ صاحب وراڻيو تہ: “آئون بہ ڪي ڪين آهيان.” ان مان ظاهر ٿيو ته، شاھہ صاحب ظاهري طرح ڪنهن بہ فرقي سان تعلق نہ رکندو هو، بلڪ سندس عقيدي ۾ بنيادي طرح ڪا بہ فرقيواريت نہ هئي.
شاھہ صاحب اسلام جي اعليٰ قدرن ۽ اصولن جو پابند هو. قرآن شريف تلاوت ڪندو هو، ذڪر ۽ تسبيح پڙهندو هو. روايت موجب حج جو بہ ارادو ڪيائين، پر ڪنهن ڪارڻ واپس موٽي آيو ۽ اها سڪ اندر ۾ سانڍي رکيائين تہ جيئن حقيقي محبوب جي سڪ هميشہ سيني ۾ هجي ۽ اها ڪڏهن ختم نہ ٿي سگهي. جيئن تہ شاھہ صاحب صوفي هو، ان لحاظ کان سندس طريقو عام مذهبي قاعدن کان مختلف هو. سندس حقيقي عشق ئي سندس حقيقي عقيدو هو. ظاهري طرح مذهبي ريتن رسمون بہ بجاءِ آندائين، پر ان کان وڌيڪ حق ۽ حقيقت کي پروڙڻ ۽ هيڪڙائي حاصل ڪرڻ لاءِ سندس طريقو صوفياڻو هو، جيئن هو پنھنجي هڪ بيت ۾ چئي ٿو تہ:
روزا، نـمــازون، ايءُ پـڻ چـڱــو ڪــم،
اُو ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پَسَجي پرينءَ کي.
سندس خيال ۾ مذهبي تقليد ۽ پيروي بہ حق جي راھہ کي حاصل ڪرڻ لاءِ چڱو عمل آهي، پر حقيقي معبود تائين رسڻ لاءِ فقط حق جي سچي ياد ۽ سڪ، پرجهڻ ۽ پتوڙڻ ئي واحد عمل آهي، جنهن سان ان اعلى روحاني معراج واري منزل تي رسائي ممڪن ٿئي ٿي، جنهن منزل کي ورلي ڪو ﷲ وارو يا صوفي حاصل ڪري ٿو. شاھہ صاحب معتصب ۽ تنگ دل خيالن ۽ ماڻهن کان پري ڀڄندڙ، روشن خيال يا آزاد خيال انسان هو. هندو سنياسين ۽ جوڳين سان بہ صحبتون ڪيائين، تيرٿ تڪيا بہ ڀيٽيائين ۽ ڪيترن ويدانتي عالمن سان حقيقي مالڪ جي هستيءَ متعلق ويچار ونڊيائين. ان ڪري اها ڳالھہ خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿي تہ شاھہ صاحب کي اصل هندو ڌرم- سناتن ڌرم جي اصليت ۽ متن جي چڱي ڄاڻ هئي، جنهن جو ذڪر هن مختلف سُرن ۾ ڪيو آهي، پر سُر رامڪليءَ ۾ ويدانت، ڀڳتيءَ، گورکناٿ ۽ ٻين ويدانتي مفڪرن جي روشن خيال ۽ هيڪڙائيءَ وارين تحريڪن جو بہ ذڪر ملي ٿو. سندس گيڙو رَتو لباس اُن ڳالھہ جي شاهدي آهي تہ شاھہ صاحب فقيريءَ جي اُن طريقي کان متاثر هو. شاھہ صاحب، سنتن ۽ مهاتمائن سان رهاڻيون ڪيون ۽ سندن طريقن کان واقف ٿيو، جنهنڪري همعصر ۽ بعد جا ڪيترائي هندو عالم کائنس گهڻو متاثر ٿيا ۽ سندس مريد ٿيا.
شاھہ صاحب شريعت جو پابند بہ هو، پر رواجي مذهبي ڳالهين کان گهڻو مٿي ۽ آزاد هو. سندس خيال هو تہ هر انسان کي مذهبي آزادي هئڻ گهرجي تہ جيئن هو ‘واحد حق’ جي راھہ ۾ پنھنجي طريقي سان زندگي بسر ڪري سگهي. شاھہ صاحب ڇَسي ايمان يا يقين رکڻ کان وڌيڪ عمل تي زور ڏنو آهي. سندس چوڻ هو تہ مسلمان کي صرف نالي جو مسلمان نہ هئڻ گهرجي، پر ان لاءِ ضروري آهي تہ هو پنھنجي قول ۽ فعل ۾ يڪسان هجي ۽ پاڻ کي رڳو ٻاهران مسلمان ظاهر نہ ڪري.
ان پر نہ ايمان، جئن ڪلمي گُو ڪوٺائيين،
دغا تنهنجيءَ دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،
مُنهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهيين.
ساڳيءَ طرح هو هندن کي بہ تنبيھہ ڪري ٿو، اُهي بہ سکڻي هندو نالي تي فخر نہ ڪن ۽ نہ ئي وري رواجي طور طريقن، پوڄائن ۽ ڪِرياڪرمن تي راضي رهن، بلڪ کين کپي تہ اُهي پنھنجي متي تي پوريءَ ريت عمل پيرا ٿين ۽ رام ريجهائينِ. جيتوڻيڪ اُهي عام مسلماني نظر ۾ ڪُفر ڪن ٿا، پر اُهي پنھنجي ڪُفر سان ئي سچا ٿين تہ کين رام/ ڀڳوان ملي سگهي ٿو:
ڪوڙو تون ڪُفر سين! ڪافر مَ ڪوٺاءِ،
هِندو هڏ نہ آهيين، جڻيو تو نہ جُڳاءِ،
تِلڪُ تنين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين!
شاھہ صاحب وڏي عالم جي حيثيت سان مڙني مذهبن ۾ هڪڙائي [ڪثرت ۾ وحدت] ڏٺي ۽ انسانن کي هدايت ڪيائين تہ اُهي پنهنجن مذهبن سان سچا ۽ وفادار رهن تہ جيئن اُهي مذهبي هيڪڙائي ۽ حقيقي معبود سان ويجهڙائي حاصل ڪري سگهن. زور زبردستيءَ سان ڪنهن کان بہ مذهب مٽرائي نٿو سگهجي. [لَڪُم دينڪُم وَلِي دين] سچي نيت ۽ يقين ٻہ اهڙا واهڻ [ذريعا] آهن، جي انسان کي خود بہ خود حق ڏانهن راغب ڪن ٿا.
روايت آهي تہ هڪ ڀيري مٽياري ساداتن مان پير شھمير شاھہ هڪ واڻئي [هندوءَ] کي جهلائي، زور زبردستيءَ سندس سنت (طھر) ڪرائي مسلمان ٿي ڪيو، اوچتو شاھہ صاحب جو جامع مسجد [مٽيارين] کان گذرڻ ٿيو. اڳتي وڌي ڏٺائين تہ ماڻهن جو هجوم گڏ آهي ۽ هڪ هندو شخص دانهون پيو ڪري. شاھہ صاحب ڳالھہ دريافت ڪئي ۽ واڻئي جي دانهن تي اڳتي وڌي کيس هجوم مان ڪڍي ٻاهر ڪيائين. مٿئين عمل تي شاھہ صاحب کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ سيد شھمير شاھہ کي چيائين تہ: “ڇا ڪڏهن، موچڙن سان بہ ڪنهن کان مذهب بدلائبو آ هي؟” اهـو واڻيو، شـاھہ صاحـب جـو ڏاڍو احـسانمـند ٿيو ۽ سـندس معتقد ٿيو. اهڙيءَ طرح ٻيا بہ ڪيترا شاھہ صاحب جـا عقيدتمند ۽ مريد ٿيا.
شاھہ صاحب جو مذهب عقيدو هڪ اهڙو عجب اسرار هو، جو هر ڪنهن کي سمجهہ ۾ نہ ايندو هو. سندس ‘درويشي ۽ مسلماني’ گڏ هئي. عملاً اهڙي ڳالھہ ڪندو هو، جا بلڪل وزنائتي هوندي هئي ۽ سڀ ڪنهن کي پئي وڻندي هئي. منجهس ڪاوڙ ۽ حسد جو نالو نشان بہ نہ هو ۽ نہ ئي وري پنھنجي ڪنهن فقير يا خليفي تي نڪتہ چيني ڪيائين. هن جو نفس تي مڪمل ضابطو هو. پاڻ اُن اخلاقي ۽ روحاني منزل تي پهتل هو، جتي ڪنهن بہ دين يا مذهب جي اصولن جي ڪا بہ پابندي نہ هئي. سندس تعلق مذهب سان بہ هو تہ عشق سان بہ هو. هڪ اعلى درجي جو عالم بہ هو تہ صوفي ۽ سچو عاشق بہ هو. سندس سچو مذهب صوفياڻو هو، جنهن مذهب جو خدا ڪنهن بہ دين ڌرم کان ڌار ناهي، بلڪ اُها ئي هستي آهي، جيڪا هر هنڌ ۽ هر شيءِ ۾ ظاهر ۽ ظھور آهي.
وڌيڪ ڏسو: شاھہ لطيف جو تصويرون / پورٽريٽَ/ مجسما
1165-02-14 هجري
شاھ عبداللطيف ڀٽائي 14 صفرالمظفر 1165ھجري ۾ وفات ڪئي