
شاهه طريل جي درگاهه
شاھہ طريل جي درگاھہ: اسماعيلي سلسلي جي مبلغ پير تاج الدين عرف شاھہ طريل جي هيءَ درگاھہ ديھہ درماڻي، يونين ڪائونسل پيرو لاشاري، تعلقي تلهار، ضلعي بدين ۾ واقع آهي. روايت موجب قدامت جي لحاظ کان هيءَ مزار 800 سال پراڻي چون ٿا. درگاھہ جي عمارت تي پير تاج الدين جي مزار مٿان گنبذ، ٻہ جماعت خانه، هڪ گنبذي مسجد، بزرگ خواتين جا تجر ۽ مسافرخانا آهن. درگاھہ جي مکيہ داخلي لنگهہ وٽ سيد گهراڻي جون ڏهن کان مٿي قبرون آهن، جيڪي ڪاٺ جي ڀرپور نموني سينگاريل ڇتين سان ڍڪيل آهن. ڇتين تي ٿيل گلڪاريءَ ۾ انساني عڪس پڻ چٽيل آهن. هال جي احاطي ۾ ٻنهي پاسي موجود قبرن کانسواءِ سامهون وچ تي ڪاٺ جو تجر ڏنل آهي، جنهن جي مٿان چانديءَ جو گنبذ بہ ٺهيل آهي. چؤڌاري ڪاٺ جي ڇت جي ٻاهرين ڪناري تي ڪاشيءَ جي ڊيزائن ٺهيل آهي، جڏهن تہ هال جي ڇت واري جاءِ تي لوهي ڄاريون نصب ٿيل آهن. هال جي چؤڌاري نوڪدار ونگ سان کسي دريون ۽ روشندان ٺهيل آهن، جن تي پڻ نمائش لاءِ ڪاشيءَ جا بارڊر ڏنل آهن. درگاھہ جي اندرين سموري ايراضيءَ تي اڇي رنگ جا ماربل لڳل آهن. وچ تي طريل شاھہ جي درگاھہ آهي، جيڪا اتي موجود ٻين مقبرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪشادي ۽ خوبصورت طرز تعمير تي ٺهيل آهي. اڇي رنگ ۽ ڪاشيءَ جي سرن (ٽائيلز) سان سينگاريل هيءَ درگاھہ فن تعمير جو نادر نمونو آهي.
درگاھہ جي مکيہ عمارت مقبرو آهي، جيڪو هڪ ٿلهي تي ۽ منجهس چؤڌاري ڪاٺ جو ڪٽهڙو ڏنل آهي. اندرين ديوارن تي شيشي جو نفيس ڪم ٿيل آهي. مقبري جي ڇت تي اٺڪنڊو ڳچ ۽ مٿس گنبذ ڏنل آهي، جنهن تي ڪوڻيءَ جو سبتو گل ۽ نيل پڻ ڏنل آهي. ڇت جي چئني ڪنڊن تي ڪوشڪ ٺهيل آهن، جن تي ڦاروان ننڍڙا گنبذ ۽ نيل رکيل آهن ۽ ڪنارن تي ڪاشيءَ جي ٽائيلز جا بارڊر بہ لڳل آهن. ٻاهرين پاسي وارين ديوارن تي نوڪدار ونگ سان کسي درين جي نموني پينل ۽ مٿان ٻيڙ ٻنا ڏنل آهن. ٻيو حصو آڳنڌ وارو آهي، جنهن ۾ ڪاٺ جو مکيہ دروازو نصب آهي، دروازي جي ٻنهي پاسن کان ڪاشي جا ٽائيلز ۽ مٿي نالي جي پٽي نصب ٿيل آهي، ٿوري وٿي کانپوءِ ڪاشيءَ جي خوبصورت ۽ نوڪدار سرن جي بارڊر ۽ مٿان ٻنهي ڪنڊن تي ڇت تي ٺهيل ساڳي طرز جا ڪوشڪ بہ ٺهيل آهن. مقبري جي عمارت کان ٻاهر 3 کان 4 فوٽن جو احاطو ڏنل آهي ۽ هڪ ڪنڊ تي هڪ وڻ بہ آهي. هن درگاھہ تي هر سال ڏهين کان ٻارهين مارچ تائين ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان عقيدتمند خاص ڪري اسماعيلي/ خواجا وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا آهن.