شاھہ شجاع الملڪ مسجد

شاھہ شجاع الملڪ مسجد (ماڳ): حيدرآباد جي قديم پاڙي ٽنڊي آغا ۾ شاھہ شجاع الملڪ مسجد آهي. هيءَ قديم مسجد مير ڪرم علي خان ٽالپر جي دور ۾ ٺھي راس ٿي. شاھہ شجاع الملڪ ٽالپرن جي ڏينهن ۾ افغانستان مان حيدرآباد آيو ۽ ميرن کي ٺاھہ ڪرڻ جو چيائين. هن ضد ٻڌو تہ جيستائين ٺاھہ نہ ٿيندو، هو حيدرآباد مان نہ نڪرندو. شاھہ شجاع جي لشڪر ۾ هند، ايران ۽ افغانستان جا ويڙهاڪ شامل هئا ۽ جتي بہ حملو ڪندو هو، اتي فتح ماڻيندو هو. ميرن شاھہ شجاع جو ضد ڏسي ساڻس مجبور ٿي ٺاھہ ڪيو، ۽ شاھہ شجاع چيو ته، “ميرن جو وقار تيستائين بلند رهندو، جيستائين شاھہ شجاع جو وقار بلند رکندا.” انهيءَ ڪري ميرن جي وزير آغا اسماعيل شاھہ پنھنجي علائقي ۾ شاھہ شجاع جي نالي سان هڪ مسجد قائم ڪرائي، جيڪا هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿي.


لفظ شاھہ شجاع الملڪ مسجدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو