
شاهه ديواني جو مقام ۽ درگاهه جو ڏيک
شاھہ ديواني جو مقام ۽ درگاھہ: شاھہ ديواني جو مقام ۽ درگاھہ تعلقي ماتلي، ضلعي بدين ۾ آهي. هتي ئي سنڌ جي عشقيہ قصي ‘مير باگو ۽ سونيتي’ جي مک ڪردار ‘سونيتي’ بہ مدفون آهي، جنهن جي قبر تي وفات جو ڪتبو 5 رمضان 1204ھہ/ 1789ع لکيل آهي. مقامي طور شاھہ ديواني جو اصل نالو سيد سلطان عبدالمغيث (Syed Abdul Maghess ) ٻڌايو وڃي ٿو. پاڻ يمن ملڪ ۾ سن 581ھہ/1185ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ سيد حسين شاھہ يمن جو والي هو. 24 سالن جي ڄمار ۾ سندس والد وفات ڪري ويو تہ پاڻ تخت سنڀاليائين. ٿوري ئي وقت ۾ نبي ڪريم رسول صلعم جن جي خواب ۾ اچڻ ۽ اشاري ڏيڻ تي هو ملڪ ڇڏي مديني پاڪ هليو ويو، ساڻس صلاحڪار سيد سخي اسماعيل شاھہ بہ گڏ هو. محقق مومن بُلي جي لکڻ موجب پاڻ ڇھہ مهينا مديني ۾ رهيو ۽ پوءِ سنڌ هليو آيو. شاھہ ديواني 26 رمضان 653ھہ بمطابق 30 سيپٽمبر 1255ع تي وفات ڪئي. هر سال ساڳي تاريخ تي سندس ميلو لڳندو آهي ۽ هزارن جي تعداد ۾ سندس عقيدتمند ميلي ۾ شريڪ ٿيندا آهن. شاھہ ديواني جو مقبرو وچ قبرستان ۾ موجود آهي. مقبرو چوڪور رٿ سان جڙيل آهي. لنگهہ جي ٻيڙٻني جي چئن ڪنڊن تي اوچيون برجيون ٺهيل آهن، جن تي ننڍڙا گنبذ ٺاهي انهن جي مٿان ڪلسا ڏنا ويا آهن. وچ تي هڪ ننڍو شاندار گنبذ آهي، جنهن تي طبقائون وڏو ڪلسو ڏنو ويو آهي. لنگهہ ونگدار بنا در جي آهي، ونگ چوٽيءَ وٽ چهنبدار ٿئي ٿي. ٻيڙٻني تي سنئون پانيل ڏئي مهاڙيءَ ۾ تاج رکيو ويو آهي. لنگهہ واري دروازي مان لنگهي هڪ سڌي گهٽي نما پيش راھہ تي پهچبو، جنهن جي پاسن کان ڀت آهي ۽ ان ڀت تي جنسار ٿيل آهي. سامهون شاھہ ديواني جو مقبرو آهي. جنهن جي مهاڙي سادي ۽ ان ۾ هيٺ کان مٿي تائين ونگن سان ڊگهيون چورس بند دريون آهن، جيڪي تعداد ۾ ٻنهي پاسي اٺ آهن. جڏهن تہ درين جي پاسن کان ڪي جارا ٺهيل آهن، جيڪي سامهون تعداد ۾ 12 آهن. دروازي کان اڳ ونگائون لنگهہ ڏنل آهي، جنهن جي مٿان جنسار لاءِ هڪ مستطيل جارو ٺهيل آهي. ٻيڙ ٻنو سادو آهي. هر ڪنڊ تي هڪ ننڍي برجي ٺهيل آهي، جنهن تي ڪلسو ڏنو ويو آهي. هيٺان کان ڪنڊ- جوڙون ڏئي ٺاهيل اٺڪنڊي ڳچ تي گنبذ ٺهيل آهي. ڳچ جي اٺن پاسن مان ڪن کي ڳڙکيون ڏئي مقبرو هوادار بنايو ويو آهي. ڳچ جي مٿان گنبذ ٺهيل آهي. ڳچ جي چوڌاري عام برجيون ڏنل آهن. گنبذ جي مٿان ابتو ڪوڻيءَ جو گل، گل جي مٿان ڪلسو ۽ ڪلسي جي مٿان نيل ڏنل آهي. مقبري جي باقي ٽن پاسن کان طاقن واريون بند دريون ٺهيل آهن، جي هر پاسي 3 هيٺان ۽ 3 مٿان آهن. انهن جي نوڪدار چوٽيءَ وٽ هر هڪ جي ڀرسان اونهون جارو ڏنل آهي. مقبرو سٺي نموني سنڀاليل آهي.