شاهه حسين جي درگاهه

شاهه حسين جي درگاهه

شاھہ حسين جي درگاھہ

شاھہ حسين جي درگاھہ (ماڳ): هيءُ ماڳ تعلقي ڪنڌڪوٽ جي شھر غوثپور ۾ آهي. شاھہ حسين جيلانيءَ جي لاءِ روايت آهي تہ عرب ملڪ مان 400 سال اڳ هتي آيو هو. اڳ ۾ هن شھر کي ’فتح پور‘ چوندا هئا، پر هن بزرگ جي وفات کانپوءِ هي شھر ’غوثپور‘ سڏجڻ لڳو. هن بزرگ جو قبو چورس شڪل ۾ ٺهيل آهي، ڀتين تي ٻاهران چورس طاق ۽ انهن جي مٿان ننڍا مستطيل طاق ٺهيل آهن. ڇت تي اٺ ڪنڊو ڳچ ٺهيل آهي، ڳچ جي مٿان وڏو گنبذ ٺهيل آهي، گنبذ جي مٿان ڪاشيءَ جي وڏي نيل وارو ڪلسو ٺهيل آهي. مقبري جي چوڌاري قبرستان آهي. گنبذ اندر خوبصورت گلڪاري ڪيل آهي، جڏهن تہ شاھہ حسين جي قبر گنبذ جي بلڪل هيٺان ٺهيل آهي. درگاھہ ۾ ڪجهه ٻيون بہ قبرون آهن، جن لاءِ روايت آهي تہ هي عورتن جون قبرون آهن، انهن مان ڪجهه قبرون ڊهي ويون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو