شاھہ جو ٽنڊو: ڊاڪٽر عطا محمد حامي پنھنجي ڪتاب ’خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو‘ ۾ شاھہ جي ٽنڊي جو احوال هن ريت لکيو آهي تہ: “ضلعي خيرپور جي تعلقي ڪوٽڏيجي ديھہ سوهوءَ ۾ اڳوڻي خيرپور رياست جي حڪمران مير سهراب خان ٽالپر پنھنجي سپھہ سالار گولي شاھہ کي هڪ جاءِ ٺهرائي ڏني ۽ ٻيون جايون سندس لشڪر جي بھادر سپاهين لاءِ ٺهرايون هئائين ۽ ان هنڌ کي ’شاھہ جو ٽنڊو‘ نالو ڏنائين. ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين ان کي شاھہ جو ٽنڊو سڏيندا آهن. اڄ بہ اتي ساڳئي نالي سان هڪ ڳوٺ موجود آهي، جنهن کي شاھہ جو ٽنڊو سڏيندا آهن.”