
شاهه بلوط
شاھہ بلوط (وڻ): هن ٻوٽي کي سنڌيءَ ۾ شاھہ بلوط، انگريزيءَ ۾ Oak Tree/ Air potato، سنسڪرت ۾ وارهي ۽ نباتاتي ٻوليءَ ۾ Dioscorea bulbifera چيو ويندو آهي. هن ٻوٽي جو تعلق Dioscoreaceae خاندان سان آهي. عام طور تي هي ٻوٽو آفريڪا ۽ ننڍي کنڊ جي پيداوار آهي. ‘بلوط '>شاھہ بلوط ’ هڪ سدابهار وڌندڙ جهنگلي ٻوٽو آهي، جنهن جا ويڪرا پن ٿين ٿا. سڄي دنيا، خاص ڪري آفريڪا ۾ هن ٻوٽي کي غذائي فصل طور پوکيو وڃي ٿو. هن ٻوٽي جي ميوي (پٽاٽي/ روڙهي) جي ذائقي ۾ عموماً ڪڙاڻ ٿيندي آهي، جيڪا پاڻيءَ ۾ اٻارڻ سان ختم ٿي ويندي آهي. اڪثر ان کي پٽاٽن جي ڀاڄيءَ وانگر رڌي کائبو آهي. قد جي لحاظ کان هي وڻ 150 فوٽن تائين ڊگهو ٿيندو آهي. هي وڻ 8 انچ روزانو جي حساب سان وڌندو آهي، هن جا ويڪرا پن ۽ جهڳٽن ۾ هوندا آهن. نم وانگر شاخون پکڙجي بيهنديون آهن، ان ڪري سندس ڇانوَ وڻندڙ ٿئي ٿي. هن جي شاخن ۾ ڳنڍيون ڦٽنديون آهن، جتان وري نيون شاخون ڪڍندو آهي. هي وڻ پنھنجي ڊگهائيءَ سبب فرنيچر جي تياري ۾ گهڻو ڪم اچي ٿو.