شاھہ اسماعيل صفوي: ساساني بادشاهن کانپوءِ جنهن مذهب جي بنياد تي ايران جي آزاد حڪومت قائم ڪئي ۽ سرزمين ايران کي سياسي طور تي متحد ڪيو، اهو صوبي گيلان جو ‘صفوي’ خاندان هو، جنهن جو اردبيل شھر سان تعلق هو. هن مذهبي ۽ قومي تحريڪ جو باني شاھہ اسماعيل صفوي هو. هن شيعا فرقي کي ايران جو سرڪاري مذهب مقرر ڪري، ملڪ ۽ قوم کي متحد ڪيو. اسماعيل صفوي 1486ع ۾ ڄائو. سندس والد هڪ جنگ ۾ وڙهندي مارجي ويو، تڏهن شاھہ اسماعيل جي عمر صرف هڪ سال هئي. اسماعيل صفوي 1501ع ۾ شاهي تاج پائي ايران ۾ پنھنجي بادشاهت جو اعلان ڪيو. ائين چوڻ درست ٿيندو تہ پاڻ، ايران ۾ صفوي خاندان جي بادشاهت جو باني حڪمران آهي.
ان دور ۾ خراسان يا اڄوڪو افغانستان ۽ ايران، وڏي بحراني ڪيفيت مان گذري رهيا هئا. شاھہ اسماعيل جوان ٿيو ته، ‘صفويه’ سلسلي جي مريدن سندس هٿ تي بيعت ڪئي. قدرت هن کي فوجي ۽ سياسي طاقت بہ مهيا ڪئي. ان ڪري کيس هڪ زبردست لشڪر ٺاهڻ ۾ تڪليف نہ ٿي. ان ريت هڪ نئون دور شروع ٿيو. هن وڏي لشڪر سان شروان جو رخ ڪيو. اسماعيل جي چرپر جو ٻڌي وڌيڪ هزارين مريد شروان پهتا ۽ اتان جي حاڪم شاھہ فرخ يسار سان جنگ شروع ٿي. آخرڪار شاھہ فرخ کي گرفتار ڪري قتل ڪري، شاھہ اسماعيل پنھنجي والد جي خون جو پلاند ورتو. بعد ۾ آذربائيجان ۽ تبريز جي حاڪمن کي شڪست ڏني. پنھنجي بادشاهت دوران ڪيترن ئي علائقن کي فتح ڪيائين، جن ۾ بغداد بہ شامل هو. سن 1508ع تائين هو وڌيڪ طاقتور ٿي اڀريو. ڪجهہ سالن جي وقفي کانپوءِ شاھہ اسماعيل خراسان ڏانهن ڌيان ڏنو. ازبڪ سردار شيباني خان خراسان ۾ قتل عام ڪرايو، جنهن لاءِ اڀرندڙ طاقت شاھہ اسماعيل صفوي هڪ وڏو خطرو هو. شيباني خان نئين ايراني بادشاھہ لاءِ پيغام موڪليو ته، شاهن جو ڪم پِنڻ آهي، بهتر ٿيندو تہ تون بادشاهت ۽ سياست مان هٿ ڪڍي وڃ. شاھہ اسماعيل کي اها ڳالھہ نہ وڻي. وڏي لشڪر سان هن خراسان طرف پيش قدمي ڪئي. شيباني خان سان مَرو وٽ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ هو قتل ٿي ويو. ايراني بادشاھہ خراسان، بلخ ۽ هرات کي فتح ڪري، اتي حفاظت لاءِ فوج مقرر ڪري وطن موٽي آيو.
شاھہ اسماعيل کي ازبڪن جي شڪست کان پوءِ جيڪي قيدي هٿ لڳا، انهن ۾ بابر جي ڀيڻ بہ شامل هئي، جنهن کي هن عزت ۽ احترام سان بابر ڏانهن موڪلي ڏنو. هي عمل شاھہ اسماعيل ۽ بابر ۾ صلح جو سبب بڻيو. بعد ۾ ايراني لشڪر سان بابر، ازبڪن جي علائقن تي حملو ڪيو ۽ سمرقند قبضي ۾ آڻي ورتو، جتان هن کي شيباني خان ڊوڙائي ڪڍيو هو. ازبڪن ٻيهر صف بندي ڪري بابر سان جنگ ڪندي کيس نقصان ڏنو. هي واقعو 1512ع جو آهي. ازبڪن کان شڪست کائي بابر هميشہ لاءِ سمرقند کي ڇڏي اچي ڪابل تي قابض ٿيو.
ترڪ خليفو سلطان سليم ڪٽر سُني هو. هن کي اها ڳالھہ پسند نہ هئي ته، ايران جو شيعو بادشاھہ، بابر جي مدد ڪري تہ جيئن هو مرڪزي ايشيا ۾ گهڙي فساد برپا ڪري. ان پسمنظر ۾ سلطان سليم ازبڪن جي مدد سان، ايران جي نئين اڀرندڙ طاقت کي ختم ڪرڻ لاءِ جنگ جي تياري ڪئي. شاھہ اسماعيل بہ غنيم جي تيارين کان واقف هو. سن 1514ع ۾ چالداران جي جاءِ تي، ٻنهي ڌرين ۾ گهمسان جي جنگ ٿي. ايرانين کي شڪست آئي. ترڪ لشڪر فاتح ٿي سرخرو ٿيو، ۽ تبريز تائين پهچي ويو. هن واقعي کانپوءِ شاھہ ايران کي وري ڪڏهن بہ کلندي نہ ڏٺو ويو.
سلطان سليم واپس ٿيو تہ شاھہ اسماعيل وري آذربائيجان ۽ تبريز ۾ داخل ٿيو. حڪم ڏنائين تہ ترڪن خلاف ڀرپور جنگ جي تياري ڪئي وڃي. ليڪن سندس عمر ساٿ نہ ڏنو ۽ هن 38 (اٺٽيھہ) سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. هن جي موت تي پوري ايران ۾ غم ۽ ماتم ڪيو ويو. شاھہ اسماعيل جو شمار ايران جي عظيم بادشاهن ۾ ٿئي ٿو. هن صفوي دور جو بنياد رکيو. هن آذربائيجان، عراق، خراسان، فارس، ڪرمان ۽ خوزستان جا علائقا فتح ڪري، مملڪت ايران کي وسعت ڏني. ڪجهہ وقت لاءِ هن بڪر ۽ بلخ جي علائقن تي بہ قبضو ڪيو. ماڻهو هن مان خوش هئا، ان ڪري عام ماڻهو بادشاھہ بجاءِ هڪ روحاني رهبر طور هن جي عزت ڪندا هئا (تاريخ ايران، جلد دوم، اردو، ص 318- 324). حقيقت ۾ اسلامي فتوحات کانپوءِ ‘صفوي’ بادشاهت جي صورت ۾، هي ايران جو نئين زندگيءَ جو روپ سمجهيو وڃي ٿو. ان خاندان شاھہ عباس اعظم ۽ شاھہ طهماسپ جھڙا وڏا بادشاھہ پيدا ڪيا، جن ايران جي نئين تشڪيل ۽ اُڀار ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن دور ۾ جتي ايران ۾ وڏا شاعر پيدا ٿيا، اتي مؤرخ توڙي تذڪره نويس بہ موجود هئا، جن جو ڪم اڄ تائين ساراهيو وڃي ٿو. تعمير ۽ ترقيءَ ۾ بہ ايران اڳتي وڌيو. ان دور ۾ ٿيل تعميرات ۾، هن جي اڏاوتن جا لاثاني مثال آهن. صفوي بادشاهت 1501ع ۾ وجود ۾ آئي ۽ 1750ع ۾ ڪريم خان زِند تي پوري ٿي. ان ۾ ڪجهہ عرصو نادرشاھہ جو بہ آهي ۽ مختصر دور زِند گهراڻي جو بہ اچي وڃي ٿو.