شاهه احمد نوراني

شاهه احمد نوراني

شاھہ احمد نوراني

شاھہ احمد نوراني: مولانا شاھہ احمد نوراني، پهرين اپريل 1928ع تي شائخان ميرٺ (انڊيا) ۾ جنم ورتو. سندس نسب جو سلسلو حضرت صديق رضہ'>ابوبڪر صديق رضہ سان ملي ٿو. هن اٺن سالن جي عمر ۾ قرآن شريف حفظ ڪيو. عربيڪ ڪاليج ميرٺ مان گرئجوئيشن، الھہ آباد يونيورسٽيءَ مان فاضل عربي ۽ مدرسہ اسلاميہ ميرٺ مان درس نظاميءَ جي تڪميل ۽ تحصيل ڪيائين. 1947ع ۾ والد سان گڏ ڪراچيءَ ۾ بوهري بازار صدر لڳ ڪڇي ميمڻ مسجد ۾ اچي رهيو. قادري سلسلي ۾ پنھنجي والد بزرگ وٽان دست بيعت ٿيو ۽ خلافت حاصل ڪيائين. روزگار جي حوالي سان پٿرن جو واپار ڪندو هو ۽ وڏو جوهر شناس هو. جمعيت علماءَ پاڪستان جو صدر ۽ ورلڊ اسلامڪ مشن جو چيئرمئن بہ رهيو. 1970ع وارين عام چونڊن ۾ هو ڪراچيءَ مان ايم اين اي بہ ٿيو هو. تحريڪ نظام مصطفيٰ جي سلسلي ۾ جيل ۾ بہ رهيو. سندس جيل ڊائري، ‘جيل جا ڏينهن ۽ راتيون’ ڇپيل آهي. سڄي دنيا ۾ عشق رسولؐ ۽ اسلام جو پيغام پهچائيندو رهيو. ڪرنل قذافي، صدام حسين، شاھہ فيصل ۽ ٻين مسلم حڪمرانن سان سندس دوستانا ناتا هئا. قومي اسيمبلي جي ميمبر رهڻ کان سواءِ سينيٽ جو ميمبر بہ رهيو.
علامہ شاھہ احمد نوراني 11 ڊسمبر 2003ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي، کيس ڪراچيءَ ۾ عبدالله شاھہ غازيءَ جي روضي لڳ پنھنجي والدہ جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ شاھہ احمد نورانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.04.01  عيسوي

مولانا شاهه احمد نوراني، پهرين اپريل 1928ع تي شائخان ميرٺ (انڊيا) ۾ جنم ورتو.


2003.12.11  عيسوي

علامه شاهه احمد نوراني 11 ڊسمبر 2003ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي، کيس ڪراچيءَ ۾ عبدالله شاهه غازيءَ جي روضي لڳ پنهنجي والده جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قادر بخش طالباڻي
حڪيم قاضي عبدالعزيز عزن مورائي
بھادر خان کوکر
عبدالمجيد نظاماڻي
پير شاھہ صفي ﷲ عاشق
اجمل ساوند ڊاڪٽر
ڀڳت موهن
اياز شاھہ
آفتاب غلام نبي قاضي
جيلاني سيد ڪرم ﷲ شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون