
شاهه احمد غوري جي مزار
شاھہ احمد غوري: عالم، بزرگ ۽ شاعر، شاھہ احمد غوري عرف مير احمد، سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي اولاد مان هو. پاڻ قرآن مجيد جو حافظ، جيَد عالم، بزرگ ۽ فارسيءَ جو بھترين شاعر هو. هن بزرگ بابت مير علي شير قانع ٺٽويءَ لکيو آهي ته، ”هي حضرت عبدالقادر جيلانيءَ جي اولاد مان آهي. شھر جي ڏکڻ پاسي سندس درگاھہ حاجتمندن لاءِ هڪ فيض جي کاڻ آهي. هي بزرگ ستين صدي هجريءَ (تيرهين صدي عيسويءَ) جو آهي. نصرپور شھر جي اتر ۾، اٽڪل ڏيڍ ميل کن جي مفاصلي تي مدفون آهي. هي بزرگ جنهن قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي، اهو قبرستان صدين کان هن جي تدفين بعد سندس نالي سان سڏجي ٿو. هن بزرگ بابت روايت آهي تہ “هي ڪنهن جنگ ۾ شھيد ٿيو هو.” ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته، “شاھہ احمد غوري، فارسي زبان جو چڱي پيماني وارو شاعر هو.” سندس درگاھہ عقيدتمندن لاءِ زيارت جو مرڪز آهي.