شاڪر شجاع آبادي

شاڪر شجاع آبادي

شاڪر شجاع آبادي

شاڪر شجاع آبادي: سرائيڪي ٻوليءَ جي ناليواري مزاحمتي شاعر شاڪر شجاع آباديءَ جو اصل نالو محمد شفيع ولد الهيار آهي. سندس جنم 1955ع ڌاري ڳوٺ مِٺو لڳ شجاع آباد، ضلعي ملتان ۾ ٿيو. هن پنج درجا تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ مٺوءَ مان حاصل ڪئي. پنجين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران کيس مُدي جو تپ ٿي پيو، جنهن سبب سڄي زندگيءَ لاءِ صحت جي مسئلن کي منهن ڏيندو رهيو آهي ۽ غربت سبب وڌيڪ تعليم پرائي نہ سگهيو. هن بھاول پور جي سبزي منڊيءَ ۾مزدوري ڪرڻ سميت گل کپايا ۽ چوڪيداري ڪئي. هن شاعريءَ جي باقاعدي شروعات 1986ع ڌاري ڪئي ۽ ساڳئي سال ريڊيو پاڪستان ملتان تان سندس شاعري نشر ٿي ۽ مشھور ماڻڻ لڳي.
سندس شادي 1991ع ۾ ٿي، جنهن مان کيس ٻن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو. 1994ع ۾ جسماني بيماري زور وٺي ويس، جنهن کيس معذور بڻائي ڇڏيو ۽ تازو ڪجهہ سالن کان هو صحيح نموني ڳالهائي نہ ٿو سگهي.
شاڪر شجاع آباديءَ جو شمار سرائيڪيءَ جي ناليوارن مزاحمتي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هن نظم، غزل ۽ گيت لکيا آهن. هن سرائيڪي ٻوليءَ ۾ هڪ نئين صنف ‘سُجهاول’ پڻ متعارف ڪرائي، جيڪا هائيڪو جي ويجهي آهي. هن سرائيڪيءَ کان سواءِ ميواتي، انگڙي (هريانوي)، اردو ۽ پنجابيءَ ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي. پر هو پنھنجي ٻوليءَ ۾ لکڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏئي ٿو. 2015ع ۾ بهاءُالدين زڪريا يونيورسٽي ملتان جي شاگردن ‘انٽر ايڪٽو ريسورس سينٽر لاهور’ جي پروگرام ‘اميدِ جوان’ جي اهتمام هيٺ شاڪر شجاع آباديءَ تي ‘پنجن زبانن جو شاعر’ جي نالي سان هڪ ڊاڪيومينٽري تيار ڪئي، جيڪا ڪافي مقبول رهي. شاڪر جي سرائيڪي ۽ پنجابي شاعري ملتان جي بھاءُ الدين زڪريا يونيورسٽيءَ ۽ بهالپور يونيورسٽيءَ سميت سرائيڪي پٽي جي ٽن يونيورسٽين جي نصاب ۾ شامل آهي. سندس شاعريءَ جو برطانوي اداري ‘پوئٽري ٽرانسليشن سينٽر’ پاران عربي، پورچوگالي، سومالي، تاجڪ ٻولين سميت 19 ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سندس شاعري عطاءُ عيسيٰ خيلويءَ، حسين بخش ڍاڍيءَ ۽ حميرا چنا سميت ڪيترن فنڪارن ڳائي آهي.
شاڪر شجاع آباديءَ کي اڪيڊمي آف ادبيات جي طرفان ماهوار 5000 وظيفو ملندو رهي ٿو. کيس خدمتن طور 150 اوارڊ ملي چڪا آهن. 2017ع ۾ کيس ‘تمغه امتياز’ سان نوازيو ويو. سندس 13 کان وڌيڪ ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ ‘لھو دا عرق‘، ’پهلي پتر’، ‘بلندين هنجو’، ‘ڪلام شاڪر’، ‘شاڪر دي دوهڙي’، ‘گلاب ساري تمهين مبارڪ’ ۽ ‘ساحل پر سفينه سانسون ڪا’ قابل ذڪر آهن. سندس گهر واري صنم شاڪر بہ سرائيڪي ٻوليءَ جي شاعرہ آهي.


لفظ شاڪر شجاع آباديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو