شاڪر شاهه جيلانيءَ جي درگاهه

شاڪر شاهه جيلانيءَ جي درگاهه

شاڪر شاھہ جيلانيءَ جي درگاھہ

شاڪر شاھہ جيلانيءَ جي درگاھہ: هيءَ درگاھہ تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ سٺيي ڪئنال جي ڪپ سان بچل شاھہ بخاريءَ جي درگاھہ جي ويجهو قائم آهي. درگاھہ چؤديواريءَ کانسواءِ کليل ميدان تي واقع آهي، جنهن جي چؤڌاري سوين پراڻيون قبرون آهن. سنڌ جو اڳوڻو وڏو اڳوڻو وزير سيد قائم علي شاھہ ۽ سندس خاندان بہ هن درگاھہ جا عقيدتمند آهن. درگاھہ جو مقبرو آڳاٽو تعمير ٿيل ڏسجي ٿو، جنهن جي پيڙھہ ۾ پڪيون سرون استعمال ٿيل آهن، جن تي ڪنهن بہ قسم جو پلستر يا ليپو وغيرہ ٿيل ناهي، باقي مقبري جي عمارت تي سفيد چوني جو ليپو ڪيل آهي. مهاڙيءَ ۾ سيمينٽ سان پلستر ٿيل قبرون آهن. مقبري جو لنگهه لينٽيئر تي ٻڌل چؤڪاٺي جي دروازي وارو آهي. دروازي جي مٿان سادي قسم جو تاج ٺهيل آهي. ڇت تي وڏو گول گنبذ آهي، جيڪو پڻ چوني سان لتل آهي. مقبري جي پسگردائيءَ جا مقامي ماڻهو پنھنجي مدد پاڻ تحت هن مقبري جي مرمت ڪرائيندا رهن ٿا. هن مقبري جي عمارت صحيح حالت ۾ نہ آهي. مقبري جي ڀر ۾ ڪچين سرن جي آڳاٽي تعمير ٿيل هڪ مسجد بہ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو