
شاهڪار
شاهڪار (ڪتاب): چونڊ سنڌي شاعريءَ تي مشتمل هن ڪتاب جو مرتب مسرور ڪيفي آهي. جنهن ۾ هن سنڌ جي 60 ناليوارن شاعرن جو چونڊ ڪلام ڏنو آهي، جن ۾: طالب الموليٰ، سرشار عقيلي، شيخ محمد ابراهيم خليل، شيخ عبدالله عبد، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، لطف ﷲ بدوي، سردار علي شاھہ شاڪر، امير بخش قريشي امير، شيخ عبدالعليم جوش، حسن الهاشمي حسن، رشيد احمد لاشاري وغيرہ شامل آهن.
64 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز ۾ هي ڪتاب مڪتبهء فروغ ادب ڪراچيءَ طرفان جولاءِ 1961ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت هڪ روپيو ڄاڻايل آهي.