شاهي عقاب

شاهي عقاب

شاهي عقاب

شاهي عقاب: ڊگهن پرن واري هن پکيءَ کي انگريزي ٻوليءَ ۾ Imperial Eagle ۽ سائنسي زبان ۾ Aquila beliaca چيو ويندو آهي. هن پکيءَ جو تعلقaccipitridae خاندان سان آهي. هن پکيءَ جي جسماني ڊيگهه تقريباً 72 کان 83 سينٽي ميٽر، پرن جي مجموعي پکيڙ 190 کان 210 سينٽي ميٽر، جڏهن تہ نر پکيءَ جي پرن جي ڊيگهه اٽڪل 60.9 سينٽي ميٽر ۽ مادي پکيءَ جي پرن جي ڊيگهه 63.4 سينٽي ميٽر ٿيندي آهي. نر پکيءَ جي پڇ جي ڊيگهه 29.2 سينٽي ميٽر ۽ مادي پکيءَ جي پڇ جي ڪل ڊيگهه اٽڪل 31.1 سينٽي ميٽر ٿيندي آهي. ماديءَ جو قد بت نر جي ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو ڊگهو هوندو آهي، تنهن هوندي بہ نر ۽ ماد ڏسڻ ۾ هڪ جيترا ٿين ٿا. هن پکيءَ جو مٿيون رنگ چمڪدار ڳاڙهسرو ڪارو، ڪلهي ۽ مٿين پاسراٽين تي اڇا چٽا، مٿو ۽ ڪنڌ جو مٿيون حصو گهرو ڀورو، ڪلهي جي ڦڻيءَ واري هڏي وٽ اجري اڇي رنگ جا هڪ يا ٻہ کنڀ ٿين ٿا، جيڪي ست کان اٺ سالن بعد سونهري رنگ ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. پڇ جو مٿيون حصو سرمائي، ناسي ۽ هيٺيون حصو (آخري سرو) گهري سرمائي ناسي رنگ جو ٿئي ٿو. هي پکي کليل ميدان ۽ وارياسن علائقن ۾ رهڻ جو عادي آهي. پاڪستان ۾ هيءُ پکي صرف سياري جي مند ۾ نظر ايندو آهي. سنڌ ۾ خاص ڪري وڏن وارياسن علائقن جھڙوڪ: ٿرپارڪر ۽ چولستان ۾ گهڻي تعداد ۾ نظر ايندو آهي. پنجاب کانسواءِ ٻين ميداني علائقن ۾ پڻ اڏامندي نظر ايندو آهي. هي پکي ڏينهن جو گهڻو حصو وڻن جي ٽارين يا مٿاهين چوٽين تي ويهي گذاريندو آهي ۽ بک لڳڻ تي ريڙهيون پائيندڙ جاندارن (reptiles) کي شڪار ڪري کائيندو آهي. هن پکيءَ جي حد نگاھہ تمام وسيع ۽ پرواز تمام تيز آهي. عموماً اک ڇنڀ ۾ شڪار ڪري اتاهين ماڳ تي وڃي کائيندو آهي. شڪار نہ ملڻ جي صورت ۾ ٻين عقابن پاران ڪيل شڪار پڻ ڦري کائيندو آهي.
نسلي واڌويجهه لاءِ ٻين پکين وانگر شاهي عقاب بہ وڻن تي آکيرا جوڙيندا آهن. عموماً هيءُ پکي اتر جي علائقن ۾ مستقل طور ٺاهيل اڳوڻن آکيرن جي نئين سر مرمت ڪري استعمال هيٺ آڻيندا آهن. مادي پکي هڪ وقت ۾ هڪ يا ٻہ بيضا لاهيندي آهي. هن جي بيضن جو رنگ ڌنڌلو اڇو ٿيندو آهي، جنهن تي واڱڻائي ڀوري رنگ جا داغ ٿيندا آهن. آري جي ذميواري نر ۽ ماد ٻنهي تي هوندي آهي. جڏهن ٻچو ڄمندو آهي تہ مٿي جو رنگ هئڊو، پڇ تي ليڪون ۽ ڪلهي تي اڇا داغ هوندا اٿس. وڏن پرن جي خاصيت سبب شاهي عقاب آسمان تي تمام مٿانهين اڏام بابت مشھور آهي. هن پکيءَ جو ذڪر ڪيترن شاعرن پنھنجي شاعريءَ ۾ پڻ ڪيو آهي. شيخ اياز جي وائي آهي تہ:
“عشق عقاب پکي پرڏيهي، جهڙپ ڏيئي ٿو جهٽي!”


لفظ شاهي عقابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو