شاهين اخبار

شاهين (اخبار): هيءَ هفتيوار اخبار 1955ع ۾ شڪارپور شھر مان نڪرڻ شروع ٿي، جنهن جو ايڊيٽر سماجي ڪارڪن اسد بلوچ هو. هن اخبار ۾ شھري حال احوال کان علاوہ عالمي مسئلن تي پڻ مضمون شايع ٿيندا هئا. هيءَ اخبار ڪوهنور پرنٽنگ پريس مان شايع ٿيندي هئي. هن اخبار پڙهندڙن ۾ پنهنجو هڪ الڳ هلڪو ٺاهيو. هيءَ اخبار ٻہ سال مسلسل شايع ٿيڻ بعد بند ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو