شاهن شاهه جو مقام

شاهن شاهه جو مقام

شاهن شاھہ جو مقام

شاهن شاھہ جو مقام: هيءُ قبرستان ڳوٺ موندر، تعلقي دادو جي اوڀر ۾ "20'48°28 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ "49'48°67 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي واقع آهي، جنهن بزرگ جي نالي پٺيان مقام تي ‘شاهن شاھہ’ نالو پيو، ان جي مزار پڻ هن ئي قبرستان ۾ آهي. سندس مزار هڪ چؤڪنڊي ڪمري ۾ آهي، جيڪي سادين ۽ پڪين سرن جي ٺهيل آهي. مزار جي مھڙ ۾ گول ونگائون لنگهہ ۽ ان ۾ ڪاٺ جو دروازو آهي. دروازي جي ٻنهي پاسن کان هڪ هڪ ڊگهي دري پڻ ٺهيل آهي. مزار مٿان ڪو بہ گنبذ اڏيل ڪونهي. مقامي ماڻهو هن مزار تي اچي حاضري ڀريندا ۽ مرادون باسيندا آهن. هن مقبري ۾ دفن ٿيل بزرگ بابت ڪا معلومات ڪانہ ٿي ملي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو