شاهنواز ڏاهاڻي

شاهنواز ڏاهاڻي

شاهنواز ڏاهاڻي

شاهنواز ڏاهاڻي: پاڪستان سُپر ليگ (پي. ايس. ايل) ۾ ’ايمرجنگ ٽئلينٽ‘ طور اڀرندڙ نوجوان رانديگر شاهنواز ڏاهاڻي جو جنم 05 آگسٽ 1998ع تي ڳوٺ کهاوڙ خان ڏاهاڻي، لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن، ابتدائي تعليم کان وٺي گريجوئيشن (بي. ڪام) جي ڊگري لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. سندس خانداني ڌنڌو ٻني ٻارو هو. مگر ڪرڪيٽ سان لڳاءُ هجڻ سبب هن تعليم حاصل ڪرڻ دوران ٽيپ بال سان ڪرڪيٽ کيڏڻ جو آغاز ڪيو، جتان پوءِ الشهباز ڪرڪيٽ ڪلب، لاڙڪاڻي جي پليٽفارم تان انڊر 19 گروپ ۾ قائداعظم ٽرافي لاءِ انٽر ڊسٽرڪٽ ٽورنامينٽ ۾ کيڏيو. 2021ع ۾ کيس پاڪستان سُپر ليگ جي ڇهين سيزن ۾ ’ايمرجنگ ٽئلنٽ/ڪرڪٽر‘ طور شامل ڪيو ويو، جتي هن ملتان سلطان ٽيم لاءِ بالنگ ڪندي بھترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ پنج رنسون ڏئي 4 وڪٽون ورتيون. عالمي سطح تي هن انٽرنيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جو آغاز بنگلاديش خلاف نومبر 2021ع ۾ ڪيو، جنهن جي پهرئين اوور جي ٽئين بال تي بنگلا ديشي بئٽسمين کي بولڊ ڪيو. سندس شمار فاسٽ بالرن ۾ ٿئي ٿو.


لفظ شاهنواز ڏاهاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1998.08.05  عيسوي

نوجوان رانديگر شاهنواز ڏاهاڻي جو جنم 05 آگسٽ 1998ع تي ڳوٺ کهاوڙ خان ڏاهاڻي، لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بھاول خان عباسي
رميش هيرانند ڪرناڻي
جهمٽ مل ٽلواڻي
محمد اسماعيل جان روشن ٽکڙائي
شاهل محمد ڪلهوڙو
بروهي علي احمد
ڏوڏيجا پيسو مل
آگاڻي ملڪ
چارلس ڊڪنس
جعفري غلام حسين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون