شاهنواز ‘مسافر’

شاهنواز ‘مسافر’

شاهنواز مسافر

شاهنواز ‘مسافر’: مشھور شاعر الحاج شاهنواز مسافر ولد احمد بخش جوکيو، 12 اپريل 1937ع تي ميهڙ شھر ۾ ڄائو. مئٽرڪ 1957ع ۾ پاس ڪرڻ کانپوءِ هاءَ ويز کاتي ۾ ملازمت ڪيائين. 1980ع ۾ سعودي عرب جي شھر رياض ۾ کيس ملازمت ملي، 1995ع ۾ رٽائر ڪري واپس سنڌ موٽي آيو. الحاج شاهنواز مسافر شاعريءَ جي شروعات 1967ع کان ڪئي، سندس استاد حافظ محمد احسن چنا هو. سندس 350 غزلن تي مشتمل ‘ديوان مسافر’ ڇپيل آهي. پاڻ شيخ عبدالقادر جيلاني جي لکيل ڪتاب ‘بادشاھہ بغداد’ جو منظوم سنڌي ترجمو ڪيو آهي. سندس شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. هي منظوم سوانح عمري لکڻ تي بہ طبع آزمائي ڪري چڪو آهي. کيس علم عروض تي ڀرپور دسترس حاصل آهي.
شاهنواز مسافر هن وقت قاسم آباد، حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ شاهنواز مسافرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.04.12  عيسوي

مشهور شاعر الحاج شاهنواز مسافر ولد احمد بخش جوکيو، 12 اپريل 1937ع تي ميهڙ شهر ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آڪاش انصاري ڊاڪٽر
رضوي سيد علي مدد شاھہ
عاشق هالائي
غلام حسين مير چانڊيو
خادم حسين ابڙو
سوامي پرمانند
سانوڻ فقير
حاجي محمد پريل مگسي
حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي
راءِ بھادر سيٺ وشنداس
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون