شاهنامه فردوسي سنڌي (قلمي نسخو): هي قلمي نسخو فردوسيءَ جي مشھور مثنوي ‘شاهنامه فردوسي’ جي سنڌي ترجمي تي مشتمل آهي. هن ترجمي ٿيل قلمي نسخي جو مصنف محمد عاقل آهي. هي نسخو نهايت سھڻي خوشخطيءَ ۾ ڪتابت ٿيل آهي. محمد عاقل اصل ۾ پير حزب ﷲ شاھہ تخت ڌڻيءَ جي سرپرستيءَ ۾ رهيو ۽ هن ماھہ صفرالمظفر 1347ھہ/1928ع ۾ فردوسيءَ جي فارسي مثنويءَ جي پهرين حصي جو سنڌي ترجمو مڪمل ڪيو. نسخي جي ڪاتب جو نالو ۽ ڪتابت جو سن ڄاڻايل نہ آهي. هن ڪتاب جي شروعات هنن لفظن سان ٿئي ٿي:
“بسم ﷲ الرحٰمان الرحيم ڪروڙين ساراهون تنهن
قادر ڪريم خالق رحيم جون....الخ”
۽ پڄاڻي هنن لفظن سان ٿئي ٿي:
...جنهن زمين تي اها ازدها قتل ٿي هئي
ان زمين تي ڪئي سال ميوه دار وڻ پيدا نہ ٿيا.”
هي قلمي نسخو 23 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.