شاهده کوکر

شاهده کوکر

شاهده کوکر

شاهده کوکر: ناليواري ليکڪہ ۽ شاعره، شاهده کوکر، 25 آڪٽوبر 1961ع تي نئين ديري ڀرسان پير جي ڳوٺ، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. تعليمي لحاظ کان ايم. اي (سنڌي ادب)، ايم. اي (اقتصاديات)، ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) ۽ ايم اي صحافت آهي. سندس پهريون مشاهداتي مضمون 1983ع ۾ روزاني اخبار ’هلال پاڪستان‘ ۾ ڇپيو، جيڪو سندس اتساھہ جو سبب بڻيو. بعد ۾ ڪيترو وقت ‘جهاتيون’ جي سري سان ڪالم لکيائين. جيڪي سياسي، سماجي ۽ ادبي موضوعن تي هوندا هئا. سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون مختلف اخبارن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون. سندس ڪلام سرمد سنڌيءَ سميت غلام شبير سمون، فرزانہ پروين ۽ ٻين ڪيترن فنڪارن ڳايا آهن. شاهده کوکر جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ ‘بري هن ڀنڀور ۾’ (ڪهاڻيون) ۽ ‘ريشمي خواب ۽ تنھائي’ (شاعري: 2016) قابل ذڪر آهن. پاڻ استادي پيشي سان وابستہ آهي ۽ لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ شاهده کوکرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.10.25  عيسوي

ناليواري ليکڪه ۽ شاعره، شاهده کوکر، 25 آڪٽوبر 1961ع تي نئين ديري ڀرسان پير جي ڳوٺ، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صهبا لکنوي
خليفو غلام ﷲ
سلطان علي شاھہ
شيخ اياز
امداد حسيني
فقير فيض محمد فراقي
ڄام دُرڪ
رمضان نول
ٽيڪچند مست
ائنا اخمتووا
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون