شاهد: شاهد جي لغوي معنيٰ آهي ‘شاهدي ڏيندڙ، گواھہ، ساکي، اکين ڏٺي ڳالھہ ڪندڙ’. ڪنهن بہ ماڻهوءَ يا واقعي کي سچو يا ڪوڙو هئڻ جي گواهي ڏيندڙ. اصطلاحي مطلب ۾ شاهد ان شخص کي چيو ويندو آهي، جيڪو انصاف جي قيام لاءِ عدالت کي معاملي جي اصل صورتحال کان واقف ٿيڻ ۾ مدد ڏئي، ڇو تہ اکين ڏٺو شاهد هئڻ سبب هو ان معاملي جي حقيقت کي گهڻو ويجهڙائيءَ کان واقف هوندو آهي. اسلام ۾ شاهد (گواھہ) لاءِ بنيادي شرط لاڳو آهي تہ اهو شخص، ماضيءَ ۾ ڪوڙو يا فريبي نہ رهيو هجي ۽ ان جي ضمانت ان جا واقفڪار ڏيڻ.
دين اسلام ۾ شاهد يا گواھہ لاءِ مختلف معاملن ۾ مختلف تعداد مقرر آهي. مردن ۽ عورتن لاءِ شاهديون بہ مختلف آهن. زنا جي معاملي جي سزا ۾ شرعي حد مقرر ڪرڻ لاءِ چئن مرد شاهدن جي ضرورت هوندي آهي. ٻين معاملن چوري، قتل، شادي، طلاق يا غلامن جي رهائيءَ ۾ ٻن شاهدن جو هجڻ لازمي آهي. نسواني مامرن جھڙوڪ: ٻار جي پيدائش يا عورتن جي جسماني نقص وغيرہ ۾ شافعي فرقي مطابق چار شاهد عورتون، مالڪي فرقي مطابق ٻه، حنفي مسلڪ مطابق هڪ خاتون شاهد جي ضرورت هوندي آهي. مال جي معاملن ۾ ٻن مردن يا وري هڪ مرد ۽ ٻن عورتن جي گواهي لازم آهي. ٻن عورتن جي گواهي هڪ مرد جي برابر آهي.
ڪو بہ شاهد پنھنجي شاهدي ڏيڻ متعلق آزاد هوندو، پر ان جو ذميوار بہ پاڻ هوندو، پر زنا جي معاملي ۾ ڪوڙي شاهدي ثابت ٿيڻ تي سزا پڻ مقرر آهي.