
شاهترو
شاهترو (Fumewort/Fumuria): هيءُ هڪ مشھور طبي جڙي ٻوٽي آهي. هن جڙي ٻوٽيءَ جا ٻہ قسم ٿين ٿا. هڪ پِيلن گلن وارو شاهترو، ٻيو ڳاڙهن گلن وارو شاهترو. هي ٻوٽو ربيع جي موسم ۾ عام جام ٿئي ٿو. هن جي پيدائش ميداني علائقن کانسواءِ جابلو علائقن ۾ بہ ٿئي ٿي. هن ٻوٽي جا پن سنها، ڊگها ۽ ٽاريون بہ ڊگهيون ٿين ٿيون. هن جا گل بنفشي ٻوٽي جي گلن نما ۽ تمام ننڍا ٿين ٿا. شاهتري جا ٻوٽا پاڻمرادو ڪڻڪ ۾ نڪري ايندا آهن، تنهنڪري شاهتري کي ڪڻڪ جي گندگاھہ طور سڃاتو وڃي ٿو. هن جا سڪل پن ۽ ڪاٺيون طبي وکر طور ڪم اچن ٿيون. هن جو ڪاڙهو جگر ۽ معدي کي طاقت بخشي ٿو. هن جي عرق مان بہ فائدو ورتو وڃي ٿو، جيڪو عام طور تي خون جي خرابيءَ سبب پيدا ٿيندڙ مرضن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ ڦٽ، ڦرڙي، پراڻي بخار ۽ ٻين بيمارين لاءِ بہ هن جڙي ٻوٽي کي استعمال ڪيو ويندو آهي.