شان الحق حقي

شان الحق حقي

شان الحق حقي

شان الحق حقي: اردو ٻوليءَ جي ناليواري اديب ۽ مترجم الحق حقي'>شان الحق حقي ولد مولانا احتشام الدين حقيءَ جو جنم 15 سيپٽمبر 1917ع تي دهليءَ ۾ ٿيو. هن سينيٽ سٽيفنز ڪاليج ۽ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙھہ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. ورهاڱي کان اڳ هندستان جي حڪومت پاران نڪرندڙ هڪ ادبي رسالي ماهوار ’آج ڪل‘ جو سب ايڊيٽر رهيو. هن آل انڊيا ريڊيو تان ڪيترا ادبي پروگرام پڻ ڪيا. پاڪستان جي قيام کانپوءِ ڪراچيءَ سنڌ ۾ اچي رهائش پذير ٿيو. پاڪستان حڪومت طرفان نڪرندڙ ادبي رسالي ماهوار ‘ماھہِ نو’ جو 1950ع کان 1968ع تائين چيف ايڊيٽر رهيو. ان دوران هن 1955ع ۾ لنڊن مان صحافت ۾ ڊگري پڻ حاصل ڪئي. الحق حقي'>شان الحق حقي 1968ع کان 1978ع تائين پاڪستان ٽيليويزن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. بعد ۾ اطلاعات کاتي جي اشتهارن واري شعبي، ڪراچيءَ جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. هيءُ 1956ع کان 1958ع تائين ترقي اردو بورڊ (هاڻوڪي اردو ڊڪشنري بورڊ) جو ميمبر ۽ عهديدار پڻ رهيو. الحق حقي'>شان الحق حقي نثر توڙي نظم ۾ ڪيترو ئي لکيو ۽ ترجما ڪيا آهن. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ‘انتخاب ظفر’، ‘نشيد حريت’، ‘خيابان پاڪ’، ‘تار پيرا هن’ (شاعري)، ‘تيري دنيا’، ‘نڪتہ راز’ (مضمون)، ‘حرف دل’، ‘انجان راهي’ (آمريڪي ناول جو ترجمو)، ‘نقد ونگارش’ (تنقيدي مضمون)، ‘درپن درپن’ (منظوم ترجمو)، ‘انطوني اور ڪليوپڙا’ (شيڪسپيئر جي ڊرامي جو ترجمو)، ‘شاخساني’ (ڪهاڻيون)، ‘دل ڪي زبان’ (شاعري) وغيرہ قابل ذڪر آهن. کيس شاعريءَ جي مجموعي ’تار پيرا حق‘ تي مجلس ترقي لاهور طرفان ادبي اوارڊ ڏنو ويو. 13 آگسٽ 1985ع تي سندس خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان طرفان کيس ‘ستارہ امتياز’ جي اوارڊ سان پڻ نوازيو ويو.
هن 11 آڪٽوبر 2005ع تي وفات ڪئي.


لفظ شان الحق حقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.09.15  عيسوي

اردو ٻوليءَ جي ناليواري اديب ۽ مترجم شان الحق حقي ولد مولانا احتشام الدين حقيءَ جو جنم 15 سيپٽمبر 1917ع تي دهليءَ ۾ ٿيو.


1985.08.13  عيسوي

شان الحق حقي کي 13 آگسٽ 1985ع تي سندس خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان طرفان کيس ‘ستاره امتياز’ جي اوارڊ سان پڻ نوازيو ويو.


2005.10.11  عيسوي

شان الحق حقي 11 آڪٽوبر 2005ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالحق مولوي
علي راز شر
ضراب حيدر
فتاح ملڪ
عابد مظهر ڊاڪٽر
حميد ابڙو
ڄيٺانند ڀاونداس لعلواڻي
بادام ناتوان
حضور بخش صوفي
عبدالقيوم صائب
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون