شال

شال (ماڳ): بلوچستان جي گاديءَ واري شھر ‘ڪوئيٽا’ جو قديمي نالو ‘شال ’ آهي. شال جو ذڪر آڳاٽي دور ۾ لکيل ڪتابن ‘نصرت نامہ ترخان’ ۽ ‘تاريخ معصومي ’ ۾ بہ ملي ٿو. اي. ڊبليو. هيوز موجب بروهي ان کي شال ۽ افغان ‘ڪواٽا’ (ڪوئيٽا) سڏين ٿا، جنهن جي معنيٰ ‘ڪوٽ’ يا ‘قلعو’ آهي. شال نالي ماٿريءَ جي بلڪل اتر واري ڇيڙي تي هيءُ شھر (شال)، ان روٽ تي آهي، جو قنڌار کان ڪوئيٽا ۽ اتان کان بولان لڪ ذريعي، جيڪب آباد ۽ شڪارپور تائين اچي ٿو. قلات بہ هڪ روڊ ذريعي شال سان ڳنڍيل آهي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ 103 ميلن جو مفاصلو آهي. شال کان ٻين شهرن لاءِ بہ رستا نڪرن ٿا. هي سطح سمنڊ کان 5600 فوٽ مٿانهينءَ تي آهي. شھر کي ڪچو ڪوٽ ڏنل هو، جنهن جا ٻہ مکيہ دروازا هڪ اوڀر ۾ ۽ ٻيو ڏکڻ ۾ هو، انهن مان هڪ جو نالو شڪارپوري دروازو هو. وچ شھر ۾ هڪ هٿرادو دڙي تي ’ڪوٽ‘ تعمير ڪيو ويو هو، جنهن ۾ مقامي گورنر رهندڙ هو. اتان کان سڄي ماٿريءَ جو بھترين نظارو ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن وقت ڪوٽ ۾ هڪ توپ رکيل هئي. اوڻيهين صديءَ جي آخر ڌاري شھر جي آبادي 4000 ماڻهن تي مشتمل هئي. ان وقت مستونگ جي آدم شماري ايتري هئي. شال جي آباديءَ ۾ اڪثريت افغانن جي هئي. هتي سياري ۾ برفباري ٿئي ٿي، جڏهن تہ اونهاري ۾ موسم وڻندڙ هوندي آهي. آسپاس ۾ ڳچ باغ ۽ باغيچا علائقي کي خوشگوار بنائڻ ۾ مددگار ٿين ٿا. هتي پاڻيءَ جو بہ چڱو بندوبست آهي. (دي ڪنٽري آف بلوچستان، ص 73-74). 1500ع کان پوءِ قنڌار جي ارغونن سنڌ فتح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن سڀ کان اول شال تي قبضو ڪيائون ۽ پوءِ اڳتي وڌي سبيءَ واري شھر ۽ علائقي کي بہ والاري ورتائون. نيٺ هتي رهندي سنڌ بابت مڪمل معلومات حاصل ڪري 1520ع ۾، سما ڄامن کان سنڌ فتح ڪري ٺٽي ۾ پنھنجي (ارغونن جي) حڪومت قائم ڪيائون. شال ۽ سنڌ جو تعلق 1701ع تائين برقرار ڏسجي ٿو. ان سال ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙو اتر سنڌ جو حڪمران ٿيو، تہ هن کي بولان لَڪ جا علائقا مليا. ان ريت بولان لَڪ تي ڪلهوڙن جو لشڪر مقرر ٿيو ۽ ماڻهن جي شال کان سنڌ ڏانهن بي دريغ اچ وڃ تي ضابطو اچي ويو. شايد انگريزن جي دور ۾ ‘شال ’ جو نالو تبديل ٿي ’ڪوئيٽا‘ مقرر ٿيو، جو اڄ تائين برقرار آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو