
شالامار باغ لاهور
شالامار باغ لاهور: هيءُ باغ مغل شهنشاھہ، شاھجھان 1051ھہ/1641ع ۾ ٺهرايو هو. ان کان سواءِ شالامار باغ، دهلي ۽ ڪشمير ۾ بہ آهن لاهور واري شالا مار باغ ٺهرائڻ ۾ شاھجھان گهري دلچسپي ورتي، جنهن ڪري هيءَ باغ هڪ سال ۽ پنجن مهينن ۾ ٺھي تيار ٿيو. هن باغ جا ٽي تختا آهن، پهرين جو نالو فرح بخش آهي، جو 15 فوٽ مٿي آهي ۽ ٻيا ٻہ پنج پنج فوٽ مٿي آهن. هي باغ اعليٰ تعمير جو مثال آهي. هونئن بہ شاھجھان جي دؤر کي انجنيئر بادشاھہ جو دور سڏيو وڃي ٿو. هن باغ کي ڪافي محنت سان جوڙيو ويو آهي. جنهن ۾ سنگ مرمر ۽ ٻين رنگ برنگ پٿرن کي خوبصورتيءَ سان ڪتب آندو ويو آهي. باغ ۾ ٻارهن دريون آهن، جيڪي سنگ مرمر ۽ ڳاڙهي رنگ جي ڄارين سان ٺهيل آهن، اتي ديوان عام ۽ ديوان خاص، حمام ۽ خواب گاهون بہ موجود آهن. جڏهن بہ بادشاھہ شاهي خاندان سان ايندو هو، اتي رهندو هو. پهرئين تختي تي اٺ خوبصورت عمارتون آهن، انهن ۾ شاهي آرامگاھہ ٽن ڪمرن تي مشتمل آهي. انهن ڪمرن جو نالو خواب گاھہ بيگم صاحبہ آهي، جنهن کي خواب گاھہ ملڪہ عاليه بہ چوندا آهن. درمياني تختي تي ٺهيل ديوار کي ‘ديوان عام’ چوندا آهن. هتي سنگ مرمر جو خوبصورت چبوترو بہ ٺهيل آهي. جنهن کي ‘ايوان مهتاني’ چوندا آهن، جتي شهزاديون چانڊوڪي رات جو نظارو ڏسنديون هيون، باغ ۾ هڪ وڏي نھر بہ آهي، جيڪا 20 فوٽ ويڪري آهي. شالامار ۾ هڪ چيني خانو بہ آهي. هتي تلائن ۾ هميشہ هڪ فوٽ پاڻي رهندو هو، اتي گلدان گلن سان ڀريل هوندا هئا ۽ رات جو ميڻ بتيون ٻاريون وينديون هيون، جنهن کي ديپ مالا بہ چوندا هئا. تاريخ ۾ ان جو نالو ‘ساوَن ڀادون’ لکيل آهي، سڀ کان هيٺين تختن تي دولت خانو هوندو هو. باغ جي تلائن ۾ ڪافي تعداد ۾ ڦوهارا بہ لڳل هئا. انهن ۾ ڪي ننڍا تہ ڪي وڏا هوندا هئا. هينئر انهن کي ڪنهن تاريخي ڏينهن ڪنهن ٻئي ملڪ جي سربراھہ جي اچڻ تي يا ڪنهن فوٽو ڪڍڻ وارن جي چوڻ تي کوليو ويندو آهي. شاھہ جھان انهن ڦوهارن کي پاڻي پهچائڻ جي لاءِ هڪ نھر مٿي ٺهرائي هئي. جنهن ڪري ڦوهارا هلندا هئا، جڏهن مٿانهين نھر جي پاڻيءَ کي کوليو ويندو هو تہ ڦوهاري جي ننڍن سوراخن منجهان پاڻي تيزيءَ سان نڪرڻ لڳندو هو. هينئر تہ پائپ لائين ۾ موٽر وسيلي هلي رهيا آهن. هتي ٻيا بہ باغ هوندا هئا، جيڪي شاھجھان شالا مار جي رونق وڌائڻ خاطر ٺهرايا هئا، انگوري باغ، مهتابي باغ ۽ عنايت باغ ۽ مشرق کان خواجہ اياز باغ مغرب ۾ هڪ ميل پري گلابي باغ هوندو هو، جنهن جو محرابي دروازو اڄ بہ شاھجھان جي عظمت ياد ڏياري ٿو. باغ جي چوڌاري خواص پوره نالي هڪ محلو هوندو هو، جتي شاهي وزير ۽ ٻيا رهندا هئا.