شاعرانه موتي

شاعرانه موتي

شاعرانه موتي

شاعرانه موتي (ڪتاب): مختلف شاعرن جي چونڊ ڪلام تي مشتمل هن ڪتاب جا مرتب: ڪشن چند گلاب سنگهہ گدواڻي ۽ ٺاڪرسنگهہ دياسنگهہ ڪيسواڻي آهن. هن ڪتاب ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، سامي، سچل سرمست، ديوان ليلارام وطڻ مل خاڪي، مير عبدالحسين سانگي، دلپترام سيوهاڻي، آخوند گل محمد هالائي، تولارام مينگهراج ٻالاڻي، بيدل، بيڪس، روحل فقير، مرزا قليچ بيگ، ڪشنچند بيوس، نواز علي نياز جعفري، سوڀراج نرملداس فاني، ميان محمد حسين غلام، ٺاڪرسنگهہ دياسنگهہ، منشي لالچند مجروح، ڀائي ڌرمداس وغيرہ شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ترتيب ڏيندڙن لکيو آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ڀلنامو ڏنل آهي. 68 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جو هي ڪتاب ڀارت اليڪٽرڪ پريس حيدرآباد مان 1927ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت ست آنا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو